آچر, 16 جون 2019 - Sun 06 16 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 121: جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي اصحابن کي خطاب

جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي اصحابن کي خطاب ڪندي فرمايائين:

توهان مان جيڪو به شخص جنگ جي موقعي تي پنهنجي دل ۾ حوصلو ۽ دليري محسوس ڪري، ۽ پنهنجي ڪنهن ڀاءُ ۾ ڪمزوري جا آثار ڏسي، ته ان کي گهرجي، ته پنهنجي پهلواني جي برتري جي ذريعي جنهن سبب جو ان تي فوقيت رکي ٿو، تنهن کان (دشمنن کي) اهڙي طرح پري ڪري، جهڙي طرح هو ان کي پاڻ کان (دشمن کي) پري رکي ٿو، ڇو ته جيڪڏهن الله چاهي، ته هن کي به اهڙو ئي (پهلوان) ڪري ڇڏي. بيشڪ، موت تيزي سان ڳولڻ وارو آهي، نه بيهڻ وارو ان کان بچي نڪري سگهي ٿو ۽ نه ڀڄڻ وارو ان کي عاجز ڪري سگهي ٿو. بيشڪ، قتل ٿيڻ عزت جو موت آهي. انهي ذات جو قسم! جنهن جي قبضه قدرت ۾ ابن ابي طالب جي جان آهي، ته بستري تي پنهنجي موت جي مرڻ کان، تلوار جا هزار وار کائڻ مون کي آسان آهن.

هن خطبي جو هڪ حصو هي به آهي:

گويا آءُ توهان کي ڏسي رهيو آهيان، ته توهان (شڪست ۽ ڀڄڻ جي وقت) اهڙي طرح جا آواز ڪري رهيا آهيو، جهڙي طرح ڳوهن جي ازدهام ٿيڻ وقت، سندن جسمن جي رڳڙڻ سان آواز ٿيندا آهن. نه توهان پنهنجو حق ٿا وٺو ۽ نه وري ذّليل زيادتين جي روڪٿام ڪري ٿا سگهو. توهان کي رستي تي کليل ڇڏيو ويو آهي. نجات (ڇوٽڪارو) انهي لاءِ آهي، ته جيڪو پاڻ کي جنگ ۾ وجهي ڇڏي، ۽ جيڪو سوچيندو ئي رههجي وڃي، تنهن لاءِ تباهي ۽ بربادي آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found