جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 120: خارجين کي خطاب

جڏهن خارجي تحڪيم جي نه مڃڻ تي هوڏ ڪري بيٺا، تڏهن جناب امير عليه السلام انهن جي منزل تي تشريف فرما ٿي انهن کي چيو ته:

ڇا، توهان سمورا اسان سان گڏ ”صفين“ ۾ موجود هئا؟ هنن چيو ته اسان مان ڪي هئا ۽ ڪي نه هئا، تڏهن حضرت فرمايو، ته پوءِ توهان ٻن گروهن ۾ جدا جدا ٿي وڃو. هڪڙا اهي جيڪي صفين ۾ موجود هئا، ۽ ٻيا اهي جيڪي اتي موجود نه هئا، ته پوءِ جيئن آءُ هر هڪ سان ائين گفتگو ڪريان، جيڪا ان لاءِ مناسب هجي. بعد ازان پڪاري چيائين، ته بس هاڻي (پاڻ ۾) ڳالھ ٻولھ نه ڪريو، ۽ خاموشي سان منهنجي ڳالھ ٻڌو، بلڪ دل جي توجھ سان ٻڌو، ۽ جنهن کان آءُ گواهي طلب ڪريان، سو پنهنجي علم مطابق (بلڪل ائين) گواهي ڏي.

ان کان پوءِ حضرت انهن سان هڪ طويل گفتگو ڪئي ته، جڏهن انهن ماڻهن مڪر، فريب ۽ حيلا ڪري، قرآن (نيزن تي) کنيا، تڏهن ڇا توهان نه چيو هو ته اهي اسان جا ڀائر ۽ اسان سان گڏ (اسلام جي) دعوت قبول ڪرڻ وارا آهن. هاڻي انهن جي مرضي آهي، ته اسين جنگ تان هٿ کڻون، ۽ هو الله سبحانه جي ڪتاب تي (فيصلي ڪرڻ لاءِ) تيار آهن. صحيح راءِ اها آهي، ته انهن جي ڳالھ مڃي وڃي، ۽ انهن جي جند ڇڏي ڏجي، تڏهن مون توهان کي چيو هو، ته ان ڳالھ بابت، ٻاهر ايمان ۽ اندر عداوت ۽ دشمني آهي ان جي ابتدا شفقت ۽ مهرباني آهي، پر نتيجو ندامت ۽ پشيماني آهي. تنهنڪري توهان پنهنجي رويي تي قائم رهو، ۽ پنهنجي راھ تي مضبوطي سان بيٺا رهو، ۽ جهاد لاءِ پنهنجي ڏندن کي ڪرٽيو، ۽ هنن جي رڙين ڪرڻ تي ڌيان نه ڏيو. جيڪڏهن انهن جي آواز تي لبيڪ چيو ويو، ته هو توهان کي گمراھ ڪندا، پر جيڪڏهن کين ائين ئي ڇڏيو ويو، ته هو ذليل ٿي رهندا. (ليڪن) جڏهن تحڪيم واري صورت ختم ٿي، تڏهن آءُ توهان کي ڏسي رهيو هوس، ته ان ڳالھ تي توهان ئي رضامندي ڏيڻ وارا هئا. خدا جو قسم! ته جيڪڏهن آءُ انهن سان انڪار ڪريان ها، ته مون تي انهن جو ڪو فرض واجب نه ٿئي ها.۽ نه الله تعالى کي مون تي ان (جي ترڪ) ڪرڻ جو گناھ عائد ڪري ها . خدا جو قسم! ته جيڪڏهن آءُ انهن جي طرف وڌان ها، ته ان صورت ۾ به آءُ ئي اهو حق پرست آهيان، جنهن جي پيروي ڪرڻ گهرجي ۽ خدا جو ڪتاب مون سان گڏ آهي، ۽ جڏهن کان منهنجو ان سان ساٿ ٿيو آهي، تڏهن کان آءُ هن کان جدا نه ٿيو آهيان. آءُ (جنگين ۾ به) رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جن سان گڏ هوس، ۽ قتل ٿيڻ وارا به اهي ئي هئا. جيڪي هڪٻئي جا پيءُ، پٽ، ڀائر ۽ رشتيدار هئا، ليڪن هر مصيبت ۽ سختي ۾ منهنجو ايمان وڌندو رهيو، ۽ حق جي پيروي ۽ دين جي اطاعت ۾ واڌارو ٿيندو رهيو، ۽ زخمن جي سٽن تي پاڻ صبر ۾ اضافو پئي ٿيو، پر هاڻي اسان کي انهن ماڻهن سان جنگ ڪرڻي پئي آهي، جيڪي اسلام جي لحاظ کان (پاڻ کي) اسان جا ڀائر سڏائن ٿا، ڇاڪاڻ ته (انهن جي ڪري) گمراهي، ٽيڙهائپ، شڪ شبها ۽ غلط سلط تاويلون داخل ٿي ويون آهن، سو جڏهن اسان کي ڪو اهڙو ذريعو نظر ايندو، جنهن سان (ممڪن آهي ته) الله تعالى اسان جون پريشانيون دور ڪري ۽ ان جي سببان اسان جي وچ ۾ جيڪو لاڳاپو يا واسطو آهي، ان ڏانهن وڌندا رهون، جو اسين به ته انهي ڳالھ جا خواهشمند آهيون، ۽ ٻي ڪا به صورت جيڪا ان جي خلاف هوندي، تنهن تان هٿ روڪينداسين.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found