آچر, 16 جون 2019 - Sun 06 16 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 119: جنگ ليلة الهرير کان پوءِ هڪ سوال جو جواب

هڪ دفعي جناب امير عليه السلام جي اصحابن مان ڪو شخص اٿي سندس سامهون آيو، ۽ چيائين ته، يا امير المومنين! پهرين ته توهان مون کي تحڪيم کان روڪيو، پوءِ وري ان جو حڪم به ڏئي ڇڏيو، خبر ناهي ته انهن ٻنهي ڳالهين مان ڪهڙي ڳالھ زياده صحيح آهي؟ (اهو ٻڌي) حضرت پنهنجي هٿ تي هٿ هڻي، ۽ فرمايو ته:

جنهن وفا جي عهد کي ٽوڙيو هجي، تنهن جي اها ئي سزا ٿئي ٿي. خدا جو قسم! جڏهن مون تو کي تحڪيم جي مڃڻ جو حڪم ڏنو هو. جيڪڏهن انهي نه وڻندڙ امر (جنگ) تي تو کي قائم رکان ها، جنهن ۾ الله تعالى تنهنجي لاءِ ڀلائي رکي هئي، ۽ تون ان تي محڪم رهين ها، ته آءُ تو کي سڌي راه تي هلايان ها، پر جي ٽيڙهو ٿين ها، ته تو کي سڌو ڪريان ها، ۽ جي انڪار ڪرين ها، ته تنهنجو تدارڪ ڪريان ها، ته اهو بنا شڪ جي هڪ مضبوط طريقي ڪار هجي ها، ليڪن ڪنهن جي مدد سان ۽ ڪنهن جي ڀروسي تي؟ آءُ توهان کان پنهنجو علاج چاهيان ٿو، پر توهان ئي منهنجا مرض نڪتوءَ؟ جيئن ڪنڊي کي ڪنڊي سان ڪڍڻ وارو، جيڪو سمجهي ٿو، ته اهو به ان جي طرف جهڪندو. خداوندا! هن موذي مرض کان طبيب عاجز ٿي ويا آهن، ۽ هن کوه جي رسين چڪڻ وارا ٿڪجي ويهي رهيا آهن. اهي ماڻهو ڪٿي آهن؟ جن کي اسلام جي طرف دعوت ڏني وئي، ته انهن ان کي قبول ڪيو، ۽ قرآن کي پڙهيائون، ته ان تي عمل به ڪيائون. جهاد جي لاءِ انهن کي همٿايو ويو، ته اهي به انهي طرح شوق سان وڌيا، جيئن سئائون ڏاچيون پنهنجي ٻچن جي طرف وڌنديون آهن. انهن تلوارن کي مياڻن مان ڪڍيو ۽ هٿ هٿن ۾ ڏئي ۽ صفن جون صفون ٿي، وڌندا زمين جي چئني طرفن کي پنهنجي قابو ۾ آندائون. (انهن مان) ڪجھ مري ويا ڪجھ بچي ويا. اهي نه جيئرن جي خوشخبرين کان خوش ٿين ٿا ۽ نه مرڻ وارن جي تعزيت کان متاثر ٿين ٿا. رئڻ سان انهن جون اکيون سفيد، روزن جي ڪري انهن جا پيٽ ضعيف ۽ اندر، دعائن گهرڻ سان انهن جا چپ خشڪ ۽ جاڳڻ جي ڪري انهن جا رنگ پيلا ٿي ويا هئا، مسڪينن ۽ غريبن وانگر هنن جا چهرا خاڪ آلوده هوندا هئا.

اهي منهنجا اهي ڀائر هئا، جيڪي (دنيا مان) لاڏاڻو ڪري ويا. هاڻي اسين حق بجانب آهيون، جيڪڏهن انهن جي ديدار جا خواهان آهيون ته انهن جي فراق ۾ پنهنجو پاڻ پتوڙيون.

بيشڪ! توهان جي لاءِ شيطان پنهنجون راهون آسان ڪيون آهن. هو چاهي ٿو، ته توهان جي دين جي هڪ هڪ ڳنڊ کولي ڇڏي، ۽ توهان ۾ يڪجهتي جي بجاءِ ڦوٽ پيدا ڪري. توهان هن جي وسوسن ۽ ٽوڻن ڦيڻن کان منهن موڙيندا رهو، ۽ نصيحت جي پيشڪش ڪرڻ وارن جو هديو قبول ڪريو، ۽ پنهنجي نفسن ۾ ان جي ڳنڍ ٻڌي ڇڏيو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found