آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 118: اهلبيت عليهم السلام جو شان

خدا جو قسم! مون کي پيغامن جي پهچائڻ، وعدن جي پوري ڪرڻ ۽ آيتن جي صحيح تاويل بيان ڪرڻ جو، سٺو عمدو علم آهي. اسان اهلبيت (نبوت) وٽ علم ۽ معرفت جا دروازا ۽ شريعت جو راهون آهن. توهان کي معلوم هجي، ته دين جي سمورتن قاعدن جو روح هڪ ۽ ان جون راهون سڌيون آهن، پوءِ جيڪو انهن تي هليو، سو ئي منزل تائين پهچندو، ۽ خوش قسمت، ڪامياب ٿيندو. پر جيڪو بيهي رهيو سو گمراه ٿيو ۽ (آخرڪار) نادم ۽ پشيمان ٿيو. ان ڏينهن لاءِ عمل ڪريو، جنهن ڏينهن لاءِ عملن جا ذخيرا گڏ ڪيا وڃن ٿا، ۽ جنهن ۾ نيتن کي جانچيو ويندو، جنهن کي پنهنجو ئي عقل فائدو نه پهچائيندو. جيڪو وٽس موجود آهي، ته پوءِ ان کي (ٻين جا) عقل جيڪي ان کان پري ۽ لڪل آهن، سي فائدي رسائڻ ۾ نهايت عاجز ۽ قاصر ٿيندا. (دوزخ) جي باھ کان ڊڄو، جنهن جي تيز تپش ۽ اونهائي نهايت زياده آهي. (جتي پائڻ لاءِ) لوه جا زيور ۽ (پيئڻ لاءِ) پُونءِ سان ڀريل رت آهي.

ها! جنهن شخص جو نيڪ ذڪر الله تعالى ماڻهن ۾ برقرار رکي، سو ان لاءِ سندس ان مال کان ڪيترائي دفعا بهتر آهي، جنهن جو اهڙن کي وارث وارث بڻايو وڃي ٿو، جيڪي ان کي خالي ساراهين به نٿا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found