Logo

نهج البلاغه خطبو 117: جهاد جي تلقين وقت ماڻهن جي ماٺ رهڻ تي

امير المومنين عليه السلام ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، کين جهاد تي آماده ڪرڻ ٿي چاهيو، ته اهي ماڻهو ڪيتري دير تائين ماٺ ۾ هئا. تڏهن پاڻ انهن کي فرمايائين ته، توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇا، توهان گُنگا ٿي ويا آهيو؟ تڏهن هڪڙي گروه چيو، ته يا امير المومنين! جيڪڏهن توهان هلو، ته اسين به توهان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي حضرت فرمايو ته:

توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ توهان کي هدايت جي توفيق شامل نه ٿئي، ۽ نه سڌي راه ڏسڻ نصيب ٿئي. ڇا اهڙين حالتن ۾ فقط آءُ ئي نڪران؟ هن وقت ته توهان جي جوان مردن ۽ طاقتور مان، جنهن به شخص کي آءُ پسند ڪريان، تنهن کي وڃڻ گهرجي.

منهنجي لاءِ مناسب نه آهي، ته آءُ لشڪر، شهر، بيت المال، زمين جي ڍل کي جمع ڪرڻ، مسلمانن جي مقدمن جا فيصلا ۽ مطالبي ڪرڻ وارن جي حقن جي سار سنڀال ڇڏي ۽ لشڪر وٺي، ٻئي لشڪر جي پٺيان نڪري پوان. جهڙي طرح خالي ترڪش ۾ بنا چهنب وارو تير پيو ڦرندو رهندو آهي، (۽ ائين) آءُ به لڏندو ڦرندو رهان. (ياد رکو) آءُ جنڊ جي وچ واري ان (ڪير جي مثل) قطب آهيان، جنهن تي اهو ڦرندو آهي، جيستائين آءُ پنهنجي جڳھ تي بيٺو هجان، پر جيڪڏهن آءُ پنهنجو مقام ڇڏي ڏيان، ته ان جي ڦرڻ جو (دائرو) مرڪزي هيڏي هوڏي ٿي ويندو، ۽ ان جي هيٺ وارو پٿر به ڀٽڪندڙ ٿي پوندو.

خدا جو قسم! ته اهو نهايت خراب مشورو آهي. خدا جو قسم! جيڪڏهن دشمنن جي مقابلي ڪرڻ ۾ مون کي شهادت جي اميد نه هجي ها، جڏهن ته اهو مقابلو منهنجي لاءِ مقدر ۾ ٿي چڪو هجي، ته آءُ پنهنجي سوارين کي (سوار ٿيڻ لاءِ) ويجهو ڪري ڇڏيان ها، ۽ توهان کي ڇڏي نڪري وڃان ها، ۽ جيستائين ڏکڻ ۽ اتر جون هوائون لڳنديون رهن ها، تيسين توهان کي ڪڏهن به طلب نه ڪريان ها! توهان جي تعداد جي واڌاري ۾ ڪهڙو فائدو؟ جڏهن توهان هڪ خيال ۾ نه آهيو. مون توهان کي صحيح ۽ سڌي رستي تي آندو آهي، ۽ ان تي اهڙو شخص تباه ۽ برباد ٿيندو، جيڪو خود پنهنجي لاءِ هلاڪت جو سامان ڪيو ويٺو هجي، ۽ جيڪو ان راه تي ڄميو ويٺو هوندو، سو ئي جنت جي طرف ويندو، ۽ جيڪو تِرڪي ويندو، سو دوزخ جي طرف وڌندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.