آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 116: جنگ جمل کان پوءِ سپاهين جي تعريف

توهان حق جي قائم ڪرڻ ۾ (منهنجا) ناصر ۽ مددگار آهيو، ۽ دين ۾ (هڪٻئي جا) ڀائر آهيو، ۽ سختين ۾ (منهنجي) ڍال آهيو، ۽ سڀني ماڻهن کان سواءِ توهان ئي منهنجا رازدار آهيو. توهان جي مدد سان منهن ڦيرائڻ واري تي آءُ تلوار هلايان ٿو، ۽ پيش قدمي ڪرڻ وارن جي اطاعت جي اميد رکان ٿو. اهڙي خير خواهي سان منهنجي مدد ڪريو، جو جنهن ۾ ڌوڪو فريب ذرو به نه هجي، ۽ شڪ ۽ بدگماني جو شبهو به نه هجي. تنهنڪري آءُ ئي ماڻهن (جي امامت) لاءِ سڀني کان زياده اولى (سڀ کان بهتر) ۽ مقدم (پهرين) آهيان.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found