اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 115: پنهنجي اصحابن جي مذمت ۾

پنهنجي اصحابن کي جيڪي جند ڇڏائڻ وارا ۽ ڪنجوس هئا، تن جي مذمت ۾:

جنهن توهان کي مال و متاع بخشيو آهي، تنهن جي راھ ۾ توهان خرچ نٿا ڪريو، ۽ نه پنهنجي سرن کي ان لاءِ خطري ۾ وجهو ٿا، جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي، توهان الله جي وسيلي سان بندن ۾ عزت ۽ آبرو حاصل ڪئي، پر ان جي بندن سان نيڪ سلوڪ ڪري، انهن جو احترام ۽ اڪرام نٿا ڪريو! جن جاين ۾ (گذريل) اڳيان ماڻهو آباد هئا، تن ۾ هاڻي توهان رهو ٿا، ۽ ويجهي ۾ ويجها ڀائر گذاري وڃن ٿا، ۽ توهان رهجي ويا آهيو، ان مان عبرت حاصل ڪريو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found