خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 114: سردارِ دو جهان جن جي نعت

الله تعالى کين (آنحضرت صلي الله عليه و آله وسلم جن کي) حق سچ جي طرف سڏڻ وارو ۽ مخلوق جي گواهي ڏيڻ وارو بڻائي موڪليو. جيئن ته پاڻ پنهنجي پروردگار جي پيغامن کي پهچايائون، نه ان ۾ ڪا سستي ڪيائون ۽ نه ڪوتاهي، ۽ الله جي راھ ۾ سندس دشمنن سان جهاد ڪيائون، جنهن ۾ نه ڪمزوري ڏيکاريائون ۽ نه حيلا بهانا ڪيائون. پاڻ پرهيزگارن جا امام ۽ هدايت حاصل ڪرڻ وارن (جي اکين) لاءِ روشني آهن.

ساڳئي خطبي جو هي به حصو آهي:

جيڪي ڳالهيون توهان کان غيب جي پردي ۾ لڪل آهن، جيڪڏهن توهين انهن کي ڄاڻو ها، جيئن آءُ انهن کي ڄاڻان ٿو، ته ضرور توهان پنهنجي بد اعمالين تي رئندا ۽ پنهنجي نفسن تي ماتم ڪندا ۽ پنهنجي مال متاع کي سواءِ ڪنهن نگهبان ۽ سواءِ ڪنهن سار سنڀال ڪرڻ واري جي، ائين ئي ڇڏي، کليل ميدانن ۾ نڪرو ها، ۽ هر شخص کي پنهنجي نفس جي لڳل هجي ها، ڪنهن ٻئي ڏانهن خيال به نه ڪريو ها، ليڪن جيڪي توهان کي ياد ڏياريو ويو هو، تنهن کي توهان وساري ڇڏيو، ۽ جن ڳالهين کان توهان کي ڊيڄاريو ويو هو، تن کان توهان بي خوف ٿي ويا. اهڙي طرح توهان جا خيالات گمراھ ٿي پيا، ۽ توهان جا سڀ ڪم الٽ پلٽ ٿي ويا. آءُ چاهيان ٿو ته الله تعالي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ جدائي وجهي ۽ مون کي انهن ماڻهن سان ملائي، جيڪي توهان کان زياده منهنجا حقدار آهن. خدا جو قسم! اهي اهڙا ماڻهو آهن، جن جا خيالات مبارڪ ۽ عقل پختا هئا، هو ظاهر ظهور حق ڳالھ ڪرڻ وارا ۽ سرڪشي ۽ بغاوت کان پري رهڻ وارا هئا. اهي اڳتي قدم وڌائي الله جي راھ تي ٿي پيا، ۽ سڌي راه تي (بنا کٽڪي جي) ڊڪندا ويا، جيئن انهن هميشه رهڻ واري آخرت ۽ عمده ۽ پاڪيزه نعمتن کي حاصل ڪيو. توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته توهان تي بني ثقيف جو هڪ ڇوڪرو حڪومت ڪندو، جيڪو دراز قد وارو هوندو، ۽ وٽ کائي ڪاوڙ سان ناراض ٿي ڏنگو هلندو. اهو توهان جي سرسبز پوک کائي ختم ڪندو، بلڪ توهان جي بدن جي چرٻي تائين ڳاريندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found