اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 113: بارانِ رحمت جي وسڻ لاءِ دعائيه ڪلمات

بار الها! (مينهن نه پوڻ سبب) اسان جي پهاڙن جي ساوڪ بلڪل سڪي وئي آهي ۽ زمين تان مٽي اڏامي رهي آهي. اسان جو چوپايو مال اڃايل آهي ۽ پنهنجن وٿاڻن ۾ ماندا ٿي پيا ڦرن، ۽ اهڙي طرح دانهون ڪري رهيا آهن، جهڙي طرح روئڻ واريون پنهنجي ٻارن تي پار ڪڍي ويڻ ڪڍنديون آهن، ۽ پنهنجن چَرڻ وارن هنڌن تي هلندي چلندي ۽ تلائن ڏي گهڻي شوق سان وڌڻ کا هاڻي عاجز آهن. بار الها! انهن دانهن ڪندڙ ٻڪرين ۽ اهڙي شوق ڀريل لهجي ۾ سڏڻ وارن اٺن تي رحم ڪر. بار الها! تون رستن تي انهن جي پريشانين ۽ گهرن ۾ انهن جي دانهن رنڀن تي ترس ڪر.

خداوندا! جڏهن ڏڪار جا ماريل ضعيف ۽ ڪمزور اٺ اسان جي طرف موٽن ٿا، ۽ بظاهر وسڻ وارا ڪڪر ايندي ۽ بنا وسڻ جي هليا وڃن ٿا، تڏهن اسين تنهنجي طرف نڪري اچون ٿا. تون ئي ڏکن دردن جي ماريلن جي آس آهين ۽ تون ئي التجا ڪرڻ وارن جو سهارو آهي. جڏهن ماڻهو نا اميد ٿيا آهن، ۽ ڪڪرن جو اڀرڻ بند ٿي ويو، ۽ چوپايو مال مرڻينگ ٿي ويو، تڏهن اسين تو کان ئي دعا گهرون ٿا، ته اسان جي اعمالن سببان اسان جي گرفت نه ڪر، ۽ اسان جي گناهن سببان اسان کي (پنهنجي عذاب ۾) نه وجھ. يا الله! تون زور سان مينهن وسڻ وارن ڪڪرن سان پنهنجي رحمت جو دامن وسيع ڪر ۽ مينهن اهڙي طرح لڳاتار مسلسل وسي، جنهن کان مئل شيون زندھ ٿين ۽ گذري ويل بهارن کي وري موٽاءِ.

بار الها! ايترو ته مينهن وساءِ، جنهن کان اهڙي سيرابي ٿئي، جو (مردھ زمينن کي) زندھ ڪرڻ وارو، سيراب بنائڻ وارو، ۽ ڀرپور وسڻ وارو، ۽ هر هنڌ ڦهلجڻ وارو، ۽ پاڪيزه ۽ با برڪت ۽ خوشگوار ۽ شاداب هجي، جنهن کان نباتات وڌي ويجهي، آباد ۽ سائي ٿئي. ٽاريون ميوي واريون ۽ پن ساوا پيدا ٿين، ۽ جنهن کان تون پنهنجي عاجز ۽ زمين تان نه چرڻ وارن بندن کي سهارو ڏئي، مٿي کڻين، ۽ پنهنجي مرده شهرن کي زندگي بخش ڪر. بارِ الها! اهڙي سيرابي ٿئي، جنهن کان اسان جا دڙا ۽ ڀِٽون سائي ويس ۾ ٿين، ۽ نديون ۽ نالا وهي نڪرن، ۽ چوطرف جا اوسا پاسا سرسبز ۽ شاداب ٿين، ۽ ميوا پيدا ٿين، ۽ چوپائي مال ۾ ساھ پئجي وڃي، ۽ اوري پري واريون زمينون پڻ سرسبز ڪر، ۽ کليل ميدان به ان مان مدد حاصل ڪن. تون پنهنجي ڦهلجڻ وارين برڪتن ۽ نهايت وسيع بخششن سان پنهنجي تباھ حال مخلوق ۽ بنا ڌنار جي ڇڙواڳ گهمندڙ حيوانن جي مدد ڪر.

اسان تي اهڙي برسات وساءِ، جيڪا پاڻي سان ڀرپور ڪرڻ واري ۽ لڳاتار مسلسل پاڻي وسائڻ واري هجي. اهڙي طرح وسي، جو برسات، برسات سان ٽڪرجي ۽ ڦڙيون ڦڙين کي تيزي سان ڌڪين (جيئن تار ٻڌجي) ان جي کنوڻ ڌوڪي ڏيڻ واري نه هجي، ۽ نه آسمان تي ڇانيل ڪڪر پاڻ کان خالي هجن ۽ نه سفيد ڪڪرن جا ٽڪر ڇڙوڇڙ هجن، ۽ نه فقط ٿڌي هوا جي لهرن واريون سنهيون ڦڙيون وسي بند ٿي وڃن. (اهڙي طرح وساءِ جو) ڏڪر جا ماريل ان جي ساوڪ ۽ سرسبزين کان خوشحال ٿين، ۽ خشڪ سالي جي سختين سهڻ وارا، ان جي برڪتن سان جيئرا ٿي اٿن. تون ئي اهو آهي، جيڪو ماڻهن جي نا اميد ٿيڻ کان پوءِ مينهن وسائين ٿو، ۽ پنهنجي رحمت جا دامن وسيع ڪرين ٿو، ۽ تون ئي والي ۽ وارث ۽ (سهڻين) صفتن وارو آهين.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found