Logo

نهج البلاغه خطبو 112: پرهيزگاري

سموريون تعريفون ان الله لاءِ آهن، جيڪو حمد جو پيوند نعمتن سان ۽ نعمتن جو سلسلو شڪر سان ملائڻ وارو آهي. اسين سندس نعمتن تي اهڙي طرح حمد ڪريون ٿا، جهڙي طرح سندس آزمائشن تي ثنا ۽ شڪر بجا آڻيون ٿا، ۽ انهن نفسن جي خلاف کائنس مدد گهرون ٿا، جيڪي حڪمن جي بجا آڻڻ ۾ سست قدم ۽ منع ڪيل شين جي طرف وڌڻ ۾ تيزگارم آهن، ۽ انهن (گناهن) کان مغفرت گهرون ٿا، جن تي سندس علم گهيرو ڪيل ۽ اعمالن تي حاوي آهي. نه (سندس) علم ڪا ڪمي ڪرڻ وارو آهي، ۽ نه (وري) اعمال نامو ڪنهن شيءِ کي ڇڏڻ وارو آهي. اسين ان شخص وانگر مٿس ايمان رکون ٿا، جنهن غيب جي شين کي (پنهنجي اکين سان) ڏسي ڇڏيو هجي، ۽ وعدي ڪيل شين کان آگاھ ٿي چڪو هجي. اهڙو ايمان جنهن جي خلوص، شرڪ کي ۽ يقين شڪ کي پري اڇلائي ڇڏيو هجي، ۽ اسين گواهي ٿا ڏيون ته، الله کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي، جيڪو وحده لاشريڪ آهي ۽ پڻ اهو به، ته محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن هن جا عبد ۽ رسول آهن. اهي ٻئي شاهديون (سٺين) ڳالهين کي اُچو ۽ نيڪ عملن کي بلند ڪن ٿيون. جنهن به ساهميءَ ۾ انهن کي رکيو ويندو، تنهن جو پڙ هلڪو نه ٿيندو، ۽ جنهن ميزان کان انهن کي جدا ڪيو ويندو، تنهن جي پڙ ڳرو ٿي نٿو سگهي.

اي الله تعالى جا بندو! آءُ توهان کي الله کان ڊڄڻ جي نصيحت ڪريان ٿو، ان ڪري جو اها ئي تقوى، راه جو توشو آهي، ۽ اها ئي کڻي موٽڻو آهي. اهو ثمر (منزل تائين) پهچائڻ وارو ۽ اهو ئي موٽڻ ڪامياب موٽڻ آهي. ان جي طرف، سڀ کان وڌيڪ بهتر ٻڌائڻ واري دعوت ڏني. ۽ بهترين ٻڌڻ واري اها ٻڌي، محفوظ رکي. جيئن ته دعوت ڏيڻ واري ٻڌايو ۽ ٻڌڻ وارو بهره اندوز ٿي ويو.

الله تعالى جا بندو! تقوى (پرهيزگاري) ئي الله جي دوستن کي، انهن حرام افعالن ڪرڻ کان بچايو آهي، ۽ انهن جي دلين ۾ خوف پيدا ڪيو آيو، تانجو انهن جون راتيون جاڳندي ۽ تپندڙ ٻن پهرن جو وقت، اڃ ۾ گذرن ٿا، ۽ ان تڪليف، ڏک ۽ رنج جي عيوض (دائمي) راحت ۽ ان اڃ جي عيوض (تسنيم ۽ ڪوثر تان) سيرابي حاصل ڪن ٿا. انهن موت کي قريب سمجهي، اعمالن (ڪرڻ) ۾ جلدي ڪئي، ۽ اميدن کي ڪوڙو سمجهي، اجل کي نگاه ۾ رکيو، ڇو جو هيءَ دنيا فنا، تڪليف، تغير ۽ عبرت واري جاءِ آهي، جيئن ته فنا ڪرڻ جي صورت اها آهي، ته زمانو پنهنجي ڪمان ڇڪيو بيٺو آهي، جنهن جو تير گسڻ وارو نه آهي ۽ نه وري انهن جي زخمن جو ڪو علاج ٿي سگهي ٿو. جيئري تي موت جا، تندرست تي بيماري جا ۽ محفوظ تي تباهي جا تير هلائيندو رهي ٿو. هو اهڙو ته کائو هٻڇي آهي، جيڪو ڍاپجي نٿو. ۽ اهڙو پيئڻ وارو آهي، جنهن جي پياس ئي نٿي لهي، پڻ ڏکن ۽ تڪليفن جي اها صورت آهي، جو ماڻهو مال جمع ڪري ٿو، پر ان مان کائڻ کيس نصيب نٿو ٿئي. گهر ٺاهي ٿو، پر ان ۾ رهڻ نصيب نٿو ٿئيس، ۽ الله تعالى  جي طرف اهڙي طرح هليو وڃي ٿو، جو نه مال پاڻ سان کڻي وڃي ٿو ۽ نه وري گهر ئي ان طرف منتقل ڪري سگهي ٿو، ۽ ان جي تبديليءَ جي اها حالت آهي، جو توهان هڪ اهڙي شخص کي ڏسو ٿا، جنهن جي حالت رحم جي لائق هوندي آهي، ۽ اهو (ڏسندي ڏسندي) اهڙو ٿي وڃي ٿو، جنهن تي رشڪ ڪيو وڃي ٿو، ۽ قابل رشڪ ماڻهو کي ڏسندا، ته (ٿورن ئي ڏينهن ۾) ان جي حالت تي ترس اچڻ لڳي ٿو. ان جو اهو ئي ته سبب آهي، جو ان وٽان، نعمت هلي وئي، ۽ مٿس غربت ۽ فقيري اچي ڪڙڪيون. ان مان عبرت حاصل ڪرڻ جي اها صورت آهي، ته انسان اڃا پنهنجي اميدن جي انتها تائين پهچڻ وارو ئي ٿئي ٿو، ته موت پهچي، سندس اميدن جا سمورا سلسلا ٽوڙي ڇڏيندو آهي، پوءِ اهڙي طرح نه اميدون پوريون ٿين ٿيون ۽ نه وري اميدن رکڻ وارو ئي باقي ڇڏيو ويندو.

الله اڪبر! هن دنيا جي خوشين جون ڌوڪي بازيون ۽ ان جي سيرابي جون اڃُون ڪيتريون ته زياده آهن! ۽ هن جي پاڇي ۾ اس ڪيتري ته زياده آهي. نه اچڻ واري موت کي موٽائي سگهجي ٿو، ۽ نه وڃڻ وارو موٽي اچي سگهي ٿو. سبحان الله! جيئرو، مئلن ۾ انهن سان ملي وڃڻ سبب ڪيترو ته ويجهو آهي، ۽ مئل، جيئرن ۾ سمورن تعلقات جي ٽٽي وڃڻ سببان ڪيترو ته پري آهي. بيشڪ، ڪا به بڇڙي کان بڇڙي ڳالھ، سواءِ ان جي عذاب جي ناهي، ۽ ڪا به سٺي کان سٺي ڳالھ سواءِ ان جي ثواب جي ناهي. دنيا ۾ هر ڳالھ جو ٻڌڻ، ان جي ڏسڻ کان عظيم تر آهي، مگر آخرت جي ڳالھ جو ڏسڻ، ٻڌڻ کان ڪيئي مرتبا زياده آهي. پوءِ توهان ان ٻڌڻ مان ان جي اصلي حالت، جيڪا ڏسڻ ۾ ايندي، تنهن مان اندازو ۽ خبر وٺي ان غيب جي تصديق ڪريو. توهان کي معلوم هئڻ گهرجي، ته دنيا جي ڪمي ۽ آخرت جو اضافو، عقبى جي ڪمي ۽ دنيا جي اضافي کان گهڻو بهتر آهي. ڪيترائي نقصان کڻڻ وارا فائدي ۾ رهن ٿا، ۽ ڪيترا ئي گڏ ڪرڻ وارا نقصان ۾ رهن ٿا، جن ڳالهين جو الله تعالى توهان کي حڪم ڏنو آهي، (۽ توهان جي لاءِ جائز رکيون آهن) تن جو دامن انهن ڳالهين کان گهڻو وسيع آهي، جن کان روڪيو اٿس، ۽ حرام شين کان حلال شيون تمام گهڻيون آهن، تنهن ڪري گهڻين شين جي ڪري ٿورين شين کي ڇڏي ڏيو، ۽ حرام جي تنگين مان نڪري، حلال جي وسعتن ۾ اچو. هن توهان جي رزق جو ذمو کنيو آهي ۽ توهان کي اعمال بجا آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي، تنهن ڪري جنهن ڳالھ جو ذمو کنيو ويو آهي، تنهنجي جي تلاش ۽ طلب، عملن ۽ فرضن جي بجا آڻڻ کان توهان جي نگاهن ۾ مقدم نه هئڻ گهرجي، مگر خدا جو قسم! توهان جي عمل جو طريقو اهڙو آهي، جو ڏسڻ واري کي شڪ ٿيڻ لڳي ٿو، ۽ ائين معلوم ٿو ٿئي، ته رزق جو حاصل ڪرڻ ته توهان تي فرض آهي، پر جيڪو واقعي توهان تي فرض آهي، يعني واجبات جو بجا آڻڻ، تنهن ۾ توهان ڪريل آهيو. عمل جي طرف وڌو ۽ موت جي اوچتي اچڻ کان ڊڄو، ان ڪري جو عمر جي واپس اچڻ جي اميد ڪري نٿي سگهجي، جڏهن ته رزق جي موٽي اچڻ جي اميد ٿي سگهي ٿي. جيڪو رزق اڄ هٿ نه آيو، ته سڀاڻي ان جي واڌاري جي اميد ٿي سگهي ٿي، پر اها اميد نٿي ڪري سگهي، ته عمر جو ڪالهوڪو ڏينهن اڄ موٽي ايندو! اميد ته اچڻ واري جي ٿي سگهي ٿي، پر جيڪو گذري ويو، تنهن کان ته مايوسي ٿيندي آهي.

الله کان ڊڄو، جيترو ان کان ڊڄڻ جو حق آهي، ۽ جڏهن موت اچي، ته توهان کي بهرصورت مسلمان هئڻ گهرجي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.