اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 111: دنيا جي بي ثباتي

آءُ توهان کي دنيا کان خبردار ڪريان ٿو، ته هيءَ اهڙي شخص جي منزل آهي، جنهن لاءِ قرار نه آهي، ۽ اهڙو گهر آهي، جنهن ۾ داڻو پاڻي نٿو ڳولي سگهجي. هي پنهنجي باطل سان سينگاريل آهي ۽ پنهنجي زينتن سان ڌوڪو ڏي ٿي. هي هڪ اهڙو گهر آهي، جيڪو پنهنجي رب جي نظرن ۾ ذليل ۽ خوار آهي. جيئن ته هن حلال سان گڏ حرام ۽ ڀلاين سان گڏ برايون، حياتي سان گڏ موت ۽ شيريني سان ڪڙاڻ مليل جليل ڪيون آهن. ۽ (الله تعالى) پنهنجي دوستن لاءِ ان کي بي دريغ نه رکيو، ۽ نه وري دشمنن کي ڏيڻ ۾ بخل ڪيائين، هن دنيا جون ڀلايون تمام گهٽ ۽ برايون (جتي چاهيو) موجود آهن، هن جي گڏ ڪيل پونجي ختم ٿيڻ واري ۽ هن جو ملڪ کسجي وڃڻ وارو ۽ هن جون آباديون ويران ٿيڻ واريون آهن. ڀلا ان گهر ۾ خير ۽ خوبي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، جيڪا ڪرندڙ عمارت وانگر ڪِري پوي، ۽ ان عمر ۾ راھ جي سفر وانگر ختم ٿي وڃي، ۽ ان مدت ۾ هلڻ ڦرڻ وانگر پوري ٿي وڃي.

جن شين جي توهان کي طلب ۽ تلاش رهي ٿي، تن الله تعالى جي فرضن کي به داخل ڪريو ۽ جيڪي ڪجھ الله تعالى توهان کان گهريو آهن، تن کي پوري ڪرڻ جي توفيق به ان کان گهرو. موت جي پيغام اچڻ کان پهرين، موت جو سڏ پنهنجي ڪنن کي ٻڌائي ڇڏيو. هن دنيا ۾ زاهدن جون دليون رئن ٿيون، جيتوڻيڪ اهي کلنديون هجن، ۽ انهن جو غم ۽ اندوھ حد کان وڌيل ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ انهن (جي چهرن) مان خوشي ٻهڪندي هجي ۽ انهن کي پنهنجي نفسن سان انتهائي دشمني هوندي آهي، توڙي جو انهي رزق جي سبب انهن کي مليل آهي، تنهن تي رشڪ ڪيو ويندو هجي. توهان جي دلين مان موت جي يادگيري هلي وئي آهي ۽ ڪوڙيون اميدون (توهان جي اندر) موجود آهن. آخرت کان وڌيڪ دنيا توهان تي غالب آهي، ۽ اها عقبى کان زياده توهان کي پنهنجي طرف ڇڪي ٿي. توهان الله تعالى جي دين جي سلسلي ۾ هڪٻئي جا ڀائر آهيو، پر بدنيتي ۽ بدظني توهان ۾ تفرقو (نفاق) وجهي ڇڏيو آهي، نه توهان هڪٻئي جو بار ورهائي کڻو ٿا، نه پاڻ ۾ هڪٻئي کي نصيحت ۽ هدايت ڪريو ٿا، نه هڪٻئي تي ڪجھ خرچ ڪريو ٿا، ۽ نه توهان کي هڪٻئي سان قرب ۽ محبت آهي.

ٿورڙي دنيا هٿ اچڻ تي خوش ٿيو ٿا، پر آخرت جي وڏي حصي کان محرومي توهان کي غمگين نٿي ڪري. ٿورڙي دنيا جو به توهان جي هٿن مان نڪري وڃڻ، توهان کي بي چين ڪري ڇڏي ٿو، تان جو بي چيني توهان جي چهرن مان ظاهر ٿيڻ لڳي ٿي، ۽ وڃايل شين تي توهان جي بي صبري ظاهر ٿي پوي ٿي. گويا هيءَ دنيا توهان جو مستقل مقام آهي، ۽ دنيا جو ساز و سامان هميشه رهڻ وارو آهي. توهان مان ڪنهن کي به ڪنهن جي عيب ظاهر ڪرڻ ۾ فقط اها ڳالھ روڪي ٿي، متان هو به توهان جا عيب کولي، توهان جي اڳيان رکي. توهان آخرت کي وساري ۽ دنيا کي چاهڻ تي پاڻ ۾ عهد ڪري ڇڏيو آهي. توهان ماڻهن جو دين ائين آهي، ڄڻ ته هڪ دفعو زبان چَٽي ڇڏيو اٿو (يعني فقط زباني اقرار). توهان ته اهڙي شخص وانگر مطمئن ٿي چڪا آهيو، جيڪو پنهنجي ڪمن ڌنڌن کان فارغ ٿي ويو هجي، ۽ پنهنجي مالڪ جي رضامندي حاصل ڪئي هجيس.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found