اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 110: ملڪ الموت ۽ روح جي قبض ٿيڻ جو ذڪر

هن ۾ ملڪ الموت ۽ ان جي روح قبضي ڪرڻ جو ذڪر ڪيل آهي:

جڏهن (ملڪ الموت) ڪنهن گهر ۾ داخل ٿئي ٿو، ته پوءِ ڪڏهن توهان ان جي پيرن جي آواز کي محسوس ڪريو ٿا، ۽ يا جڏهن هو ڪنهن جو روح قبض ڪري ٿو، ته ڇا توهان ان کي ڏسو ٿا؟ حيرت آهي، جو هو ڪهڙي طرح ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جو روح قبض ڪري وٺي ٿو! ڇا، هو ماءُ جي جسم جي ڪنهن حصي مان اتي پهچي ٿو، يا الله تعالى جي حڪم سان روح، ان جي آواز تي لبيڪ چوندي اڳتي وڌي ٿو، يا هو ٻار سان گڏ، ماءُ جي پيٽ ۾ ترسيل آهي؟ جيڪو ان جهڙي مخلوق جي باري ۾ ڪجھ به نٿو ٻڌائي سگهي، سو ڀلا پنهنجي رب جي متعلق ڇا ٻڌائي سگهندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found