جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 109: دنيا جي ناپائداري

الله جي حمد کان پوءِ، آءُ توهان کي دنيا کان ڊيڄاريان ٿو، ان ڪري جو اها (بظاهر) مٺي ۽ وڻندڙ، سر سبز ۽ شاداب آهي، پڻ نفساني خواهشون ان جي چوڌاري ڦريو بيٺيون آهن. اها پنهنجي جلد ميسر ٿيڻ وارين شين جي سببان ماڻهن کي نهايت پسند هوندي آهي، ۽ پنهنجي ٿورڙي (زينت ۽ سخاوت) سان مشتاق بنائي ڇڏي ٿي؛ اها (ڪوڙين) اميدن سان سينگاريل ۽ ڌوڪي، فريب سان سنواريل آهي. نه ان جون خوشيون بقا واريون آهن، ۽ نه ان جي اوچتين مصيبتن کان مطمئن رهي سگهجي ٿو. اها ڌوڪي باز، نقصانڪار، ڦرڻ گهرڻ واري، ۽ فنا ٿيڻ واري آهي، ختم ٿيڻ واري ۽ مٽجڻ واري آهي، اها کائي کپائڻ ۽ مارڻ واري آهي. جڏهن اها پنهنجي طرف مائل ٿيندڙن ۽ خوش ٿيڻ وارن جي انتهائي اميدن تائين پهچي وڃي ٿي، ته پوءِ اهو ئي ٿئي ٿو، جيڪو الله سبحانه فرمايو آهي (هن دنيائي زندگي جو مثال اهڙو آهي) جهڙو اهو پاڻي، جنهن کي اسان آسمان مان لاٿو، ته زمين جي ساوڪ ان سان ملي گڏجي هڪ ٿي وئي، ۽ (نهايت سٺي سرسبز آباد ٿي) پوءِ وري سڪي ڪک پن جي مثل ٿي وئي، جن کي هوائون (هيڏانهن هوڏانهن) اڏائينديون ڦرن ٿيون، ۽ الله تعالى هر شي تي قادر آهي.

جيڪو شخص هن دنيا جو عيش آرام حاصل ڪري ٿو ته ان کان پوءِ ان جا ڳوڙها (اکين مان) وهن ٿا ۽ جيڪو شخص دنيا جي خوشين جو رخ ڏسي ٿو، تنهن کي دنيا مصيبتن ۾ ڌڪي، کيس پنهنجي بي رخي ڏيکاري ٿي، ۽ جنهن شخص تي راحت ۽ آرام جي بارشن جون هلڪيون ڦڙيون پون ٿيون، تنهن تي مصيبتن ۽ تڪليفن جا دونهان بارش وانگر به وسن ٿا. هن دنيا جا ئي اهڙا حال آهن، جو صبح جو ڪنهن جي دوست بڻجي، ان جي (دشمن کان) بدلو وٺي ٿي، ۽ شام جو ائين ٿي وڃي ٿي، ڄڻ ته ڪا ڄاڻ سڃاڻ ئي ڪا نه هيس. جيڪڏهن هن جو هڪ طرف مٺو ۽ خوشگوار آهي، ته ٻيو حصو وري ڪڙو ۽ مصيبت ۽ بلا وارو آهي. جيڪو شخص دنيا جي تر و تازگيءَ سان پنهنجي ڪا تمنا پوري ڪري ٿو، ته اها مٿس مصيبتن جو بوج آڻي ٿي، جنهن کي امن ۽ سلامتي جي پرن تي شام ٿئي ٿي، تنهن کي صبح وري خوف جي پرن تي ٿئي ٿو. اها ڌوڪي باز آهي ۽ ان جي هر شيءِ ڌوڪو. اها خود به فنا ٿيڻ واري آهي ۽ ان ۾ رهڻ وارو به فاني آهي. هن جي ڪنهن به ثمر ۾ تقوى جي ثمر کان سواءِ ڀلائي نه آهي. جيڪو شخص گهٽ حصو وٺي ٿو، سو پنهنجي لاءِ راحت جا سامان وڌائي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو دنيا کي زياده سميٽي ٿو ڪري، سو پنهنجي لاءِ تباھ ڪندڙ ڳالهين جو اضافو ڪري ٿو. (حالانڪ) هن کي پنهنجي مال ۽ متاع کان به جلد ئي جدا ٿيڻو آهي. ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن، جن دنيا تي ڀروسو ڪيو ۽ ان کين مصيبتن ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ ڪيترائي مٿس اطمينان ڪيو ويٺا هئا، جن کي هن پٺيرو ڪيرائي دسي رکيو. ڪيترائي رعب ۽ حشمت وارا هئا، جن کي حقير ۽ پست ڪري ڇڏيائين، ۽ ڪيترائي هٺ ۽ غرور وارا هئا، جن کي ذليل ڪري ڇڏيائين. هن جي بادشاهي هٿئون هٿ منتقل ٿيڻ واري شيءِ، هن جو سرچشمو گندو ۽ مزيدار پاڻي به کارو، هن جا ذائقا ايريئي (وانگر ڪڙا) آهن. هن جون خوراڪون زهر قاتل ۽ جن جا اسباب ۽ ذريعن جا سلسلا ڪمزور ۽ اجايا آهن، جيئرو رهڻ وارو مرڻ واري جاءِ ۾ آهي، تندرست کي بيمارين جو خطرو آهي. هن جي بادشاهي کسجڻ واري آهي، هن جو زبردست، زيردست ٿيڻ وارو، مالدار بدبختين جو ستايل ۽ هن جي پاڙي ۾ رهڻ وارو ڦريل ۽ لٽيل آهي. ڇا! توهان انهن گذري ويل ماڻهن جي گهرن ۾ ڪو نه ويٺا آهيو، جيڪي وڏين عمرين وارا، پائدار نشانين وارا، وڏين اميدن رکڻ وارا، زياده ڳڻپ ۾ شمار وارا، ۽ وڏي لائو لشڪر وارا هئا؟ اهي دنيا جي ڪهڙي طرح نه پوڄا ڪندا هئا، ان کي آخرت تي ڪيئن نه ترجيح ڏيندا هئا، پوءِ بغير ڪنهن اهڙي ثمر ۽ سواري جي، جيڪو انهن کي رستو طئي ڪرائي منزل تي پهچائي هليا ويا. ڇا توهان کي ڪڏهن اها خبر پئي آهي، ته دنيا ان جي عيوض ۾ ڪنهن امداد جي آڇ ڪئي هجي يا انهن کي ڪا مدد پهچائي هجي، يا چڱي نموني ۾ انهن سان رهي هجي، بلڪ هن ته انهن تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا. آفتن سان انهن کي عاجز ۽ پريشان ڪيائين، ۽ موٽي ايندڙ زحمتن سان انهن کي جهنجهوڙي ڇڏيائين، ۽ منهن ڀر انهن کي مٽي تي اڇلائي ڇڏيائين، ۽ پنهنجي کرن سان انهن کي چيڀاٽي ڇڏيائين، ۽ انهن جي خلاف زماني جي حادثن جو هٿ ونڊايو.

توهان ته ڏٺو آهي، ته جيڪو ٿورو به دنيا جي طرف جهڪيو، ۽ ان کي اختيار ڪيائين، ۽ ان کي چنبڙيو ته هن به (پنهنجو رخ بدلائي ان سان ڪهڙي نه) اجنبيت اختيار ڪئي، تانجو اها ان کان هميشه جي لاءِ پڻ جدا ٿي هلي وئي.

۽ پوءِ، هن به کين بک کان سواءِ ٻيو ڪو به توشو نه ڏنو، ۽ هڪ تنگ جڳھ کان سواءِ ٻيو ڪو به رهڻ جو بندوبست نه ڪيو، ۽ سواءِ گهگھ اوندھ جي ٻي ڪا به روشني نه ڏني ۽ شرمندگي، پڇتائڻ کان سواءِ ڪو ڦل نه ڏنائين.

ته پوءِ ڇا! توهان اهڙي دنيا کي فوقيت ڏيو ٿا يا ان تي مطمئن ٿيا آهيو يا ان تي مرو پيا؟ جيڪو دنيا تي بي اعتماد نه رهيو، ۽ ان ۾ بي خوف و خطر ٿي رهيو، تنهن لاءِ هي بڇڙو گهر آهي. سمجهو، ۽ در اصل توهان سمجهو به ٿا، ته (هڪ نه هڪ ڏينهن) توهان کي دنيا ڇڏڻي آهي، ۽ هتان لاڏاڻو ڪرڻو آهي.

انهن ماڻهن مان عبرت حاصل ڪريو، جيڪي چوندا وتندا هئا، ته ”اسان کان زياده طاقت ۽ قوت ۾ ڪير آهي؟“ انهن کي به لڏائي قبرن تائين پهچايو ويو، مگر اهڙي طرح نه، جو انهن کي سوار سمجهيو وڃي، انهن کي به قبرن ۾ لاٿو ويو، مگر اهي مهمان نٿا سڏجن، پٿرن سان انهن جي قبرن کي به بند ڪيو ويو، ۽ خاڪ جا ڪفن انهن تي وڌا ويا، ۽ ڳريل سڙيل هڏن کي سندن پاڙيسري بنايو ويو، ۽ اهي اهڙا پاڙيسري آهن، جيڪي سڏ ڪرڻ سان جواب نٿا ڏين ۽ نه ڏاڍائن کي روڪي سگهن ٿا، نه ڪا رئڻ وارن جي ڪا پرواھ ڪن ٿا. جيڪڏهن بادل انهن جي مٿان وسن، ته خوش نٿا ٿين ۽ ڏڪار ٿئي ته، انهن تي ڪا مايوسي نٿي ٿئي. هو هڪ هنڌ آهن، مگر جدا جدا. هو پاڻ ۾ پاڙيسري آهن، مگر پري پري. هو هڪٻئي سان گڏ آهن، مگر ميلاپ يا ملاقات نه. آهن ته هڪٻئي جي ويجهو، مگر هڪٻئي وٽ نٿا اچن. هو بردبار بنيا بي خبر ٿيو ويٺا آهن، هنن جا بغض ۽ حسد ختم ٿي ويا، ۽ دشمنيون پڻ ختم ٿيون، نه هنن مان ڪنهن کي نقصان جو انديشو آهي، نه وري ڪنهن تڪليف کي دور ڪرڻ جو توقع آهي، هنن، زمين جو مٿيون حصو، اندرين حصي سان ۽ ڪشادگي ۽ وسعت، تنگي سان ۽ گهر ٻار پرديس سان ۽ روشني اوندھ سان بدلائي آهي، ۽ جهڙي طرح اگهاڙن پيرن ۽ اگهاڙي بدن سان پيدا ٿيا هئا، تهڙا ئي زمين ۾ (پيوند خاڪ) ٿي ويا، ۽ هن دنيا مان فقط عمل کڻي هميشه واري زندگي ۽ سدائين رهڻ واري گهر ڏانهن ڪوچ ڪري ويا.

جيئن الله سبحانه فرمايو آهي ته: جهڙي طرح اسان مخلوقات کي پهرين دفعي پيدا ڪيو هو، تهڙي طرح ٻيهر پيدا ڪنداسين، ان وعدي جو پورو ڪرڻ اسان جي ذمي آهي ۽ اسين ان کي ضرور پورو ڪنداسين.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found