آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 108: عظمت ايمان

الله تعالى جي طرف وسيلي ڳولڻ وارن لاءِ نهايت بهترين وسيلو الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻڻ آهي، ۽ ان جي راھ ۾ جهاد ڪرڻ، ڇو ته اها اسلام جي سربلند چوٽي آهي، ۽ توحيد جو ڪلمو، جيڪو فطرت (جو آواز) آهي، ۽ نماز جي پابندي سان عين دين آهي، ۽ زڪوات ادا ڪرڻ سو واجب ۽ فرض آهي، ۽ ماه رمضان جا روزا رکڻ سان عذاب جي ڍال آهي ۽ خانه ڪعبه جو حج ۽ عمره بجا آڻڻ، سو فڪر کي دور ڪري ٿو ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري ٿو، ۽ عزيزن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ سان مال جي فراواني ۽ عمر جي درازي جو سبب آهي، ۽ لڪي خيرات ڪرڻ، سو گناهن جو ڪفارو آهي، ۽ ظاهر ظهور خيرات ڪرڻ سو بچڙي موت کان بچائي ٿو، ۽ ماڻهن تي احسان ڪرڻ، سا ذلت ۽ خواري جي موقعن کان بچائي ٿي.

الله جي ذڪر ۾ وڌندا رهو. ان ڪري جو اهو بهترين ذڪر آهي، ۽ ان شيءِ جا خواهشمند ٿيو، جنهن جو الله تعالى پرهيزگارن سان وعدو ڪيو آهي، ان ڪري جو هن جو وعدو سڀني وعدن کان زياده سچو آهي. نبي صه جن جي سيرت جي پيروي ڪريو، جيڪا بهترين سيرت آهي، ۽ سندن سنت تي هلو، جيڪا سڀني طريقن کان وڌيڪ هدايت ڪرڻ واري آهي، ۽ قرآن جو علم حاصل ڪريو، جيڪو بهترين ڪلام آهي، ۽ ان ۾ غور ۽ فڪر ڪريو، جيڪو دلين لاءِ بهار آهي، ۽ ان جي نور کان شفا حاصل ڪريو، جيڪا سينن (جي اندر لڪل بيمارين) لاءِ شفا آهي، ۽ ان جو خوبيءَ سان دور ڪريو، جو ان جا واقعات سڀني واقعن کان وڌيڪ فائدي رسائڻ وارا آهن.

اهو عالم، جيڪو پنهنجي علم جي مطابق عمل نٿو ڪري، سو ان پريشان جاهل وانگر آهي، جيڪو جهالت جي سرمستين سبب هوش ۾ نٿو اچي، بلڪ ان تي (الله تعالى جي) حجت زياده آهي، پڻ حسرت ۽ افسوس ان جي لاءِ لازم ۽ ضروري آهي، ۽ الله جي نزديڪ اهو زياده ڦٽڪار جي لائق آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found