آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 107: اوصاف باري تعالى، فرشتن جا حالات، دنيا جي بي ثباتي

هر شيءِ هن جي اڳيان عاجز ۽ جهڪيل ۽ هر شيءِ سندس سهاري سان وابسته آهي. هو، هر فقير جو سرمايو، هر ذليل جي عزت، هر ڪمزور جي طاقت ۽ هر مظلوم جي پناھ جو هنڌ آهي. جيڪو (ماڻهو) ڳالهائي ٿو، تنهن جي به هو ٻڌي ٿو، ۽ جيڪو ماٺ ۾ رهي ٿو، تنهن جي ڀيد کان به هو آگاھ آهي. جيڪو جيئرو آهي، تنهن جي رزق جو ذمو ان تي آهي ۽ جيڪو مري ٿو، تنهن جو واپس ٿيڻ به هن جي طرف آهي. (بار الها) اکين تو کي ڏٺو نه آهي، جو تنهنجي خبر ڏئي سگهن، بلڪ تون ته هن وصف ڪرڻ واري مخلوق کان پهرين موجود هئين. تون (اڪيلائي جي) وحشتن کان بيزار ٿي مخلوق کي پيدا نه ڪيو (آهي)، ۽ نه پنهنجي ڪنهن فائدي لاءِ انهن کان اعمال ڪرايا. جنهن کي تون گرفت ۾ آڻڻ چاهين، سو تو کان اڳتي وڌي نڪري نٿو سگهي، ۽ جنهن کي تو پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو، سو به نڪري نٿو سگهي. جيڪو تنهنجي مخالفت ٿو ڪري، سو ائين نه آهي، ته هو تنهنجي فرمانروائي کي ڪو نقصان ٿو رسائي، ۽ جيڪو تنهنجي اطاعت ٿو ڪري، سو ملڪ (جي وسعتن) کي وڌائي نٿو ڇڏي، ۽ جيڪو تنهنجي قضا ۽ قدر تي بگڙجي بيهي، سو تنهنجي امر کي رد نٿو ڪري سگهي، ۽ جيڪو تنهنجي حڪم کان منهن موڙي، سو تو کان بي پرواھ نٿو ٿي سگهي. هر لڪل شيءِ تنهنجي لاءِ ظاهر ۽ هر غيب تنهنجي اڳيان بي نقاب آهي. تون ابدي آهين، جنهن جي ڪا حد نه آهي، ۽ تون ئي (سڀني جي) آخري منزل آهين، جنهن کان ڀڄڻ جي ڪا به راھ نه آهي، ۽ تون ئي وعده ڪيل هنڌ آهين، جو تو کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جي ڪا به جڳھ نه آهي، مگر فقط تنهنجي ذات آهي، جو هر واٽهڙو تنهنجي قبضي ۾ آهي، ۽ هر هڪ ساھ واري جو واپس ٿيڻ تنهنجي طرف آهي.

سبحان الله! هيءَ تنهنجي ڪائنات، جيڪا اسين ڏسي رهيا آهيون، ڪيڏي نه عظيم الشان آهي، ۽ تنهنجي قدرت جي سامهون ان جي عظمت ڪيتري نه گهٽ آهي، ۽ هي تنهنجي بادشاهت، جيڪا اسان جي نظرن جي سامهون آهي، ڪيڏي نه شانائتي آهي، ليڪن تنهنجي ان سلطنت جي مقابلي ۾ جيڪا اسان جي گناهن کان لڪل آهي، تنهن کان ڪيتري نه حقير آهي، ۽ دنيا ۾ هي تنهنجون نعمتون ڪيڏيون نه مڪمل ۽ همه گير آهن، پر آخرت جي نعمتن جي سامهون اهي ڪيتريون نه مختصر آهن.

ساڳئي خطبي جو هي به حصو آهي:

بارِ الها! تو فرشتن کي آسمانن ۾ رهايو ۽ انهن کي زمين جي فرش کان مٿي رکيو، انهن کي سموري مخلوق کان وڌيڪ تنهنجي معرفت حاصل آهي، ۽ سڀني کان زياده تو کان ڊڄن ٿا، ۽ سڀني کان زياده تنهنجا خاص دوست آهن، نه اهي صلبن (پشتن) ۾ رهيا، نه (اهي مائن جي) پيٽن ۾ رکيا ويا، نه ذليل پاڻي (نطفي) مان انهن جي پيدائش ٿي، ۽ نه زماني جي حادثن انهن کي هيٺ مٿي ڪيو. هو تنهنجي قرب (ويجهڙائي) ۾ پنهنجي مقام ۽ منزلت جي بلندي ۽ تنهنجي باري ۾ خيالن جي يڪسوئي ۽ تنهنجي عبادت جي گهڻائي ۽ تنهنجي حڪمن ۾ غفلت نه ڪرڻ جي باوجود، جيڪڏهن تنهنجي قدرتي رازن جي تھ تائين پهچي وڃن، جيڪي انهن کان پوشيده آهن، ته اهي پنهنجي اعمالن کي نهايت حقير سمجهندا، ۽ پنهنجن نفسن تي ملامت ڪندا، ۽ ائين سمجهندا، ته انهن تنهنجي عبادت جو حق ادا نه ڪيو آهي، ۽ نه تنهنجي ايتري ڪا اطاعت ڪئي اٿن.

آءُ (تو کي) پنهنجو خالق ۽ معبود سمجهندي، تنهنجي تسبيح ڪريان ٿو. تنهنجي ان بهترين سلوڪ جي بنياد تي، جيڪو تنهنجو، پنهنجي مخلوقات سان آهي. تو هڪ اهڙو گهر (جنت ۾) بڻايو آهي، جنهن ۾ مهماني لاءِ کائڻ پيئڻ جون شيون، حورون، غلمان، محل، نهرون، باغ ۽ ميوا مهيا ڪيل آهن. ازانسواءِ تو انهن نعمتن جي طرف دعوت ڏيڻ وارو موڪليو، پر نه انهن سڏڻ واري جي، آواز تي لبيڪ چئي ۽ نه انهن شين جي طرف راغب ٿيا، جن جي تو رغبت ڏياري هئي، ۽ نه انهن شين جا مشتاق ٿيا، جن جو تو اشتياق ڏياريو هو. هو ته انهي مردار دنيا تي ڪري پيا، جنهن جي ڇني کائڻ ۾ پنهنجي عزت ۽ آبرو وڃائي رهيا آهن ۽ ان جي چاهت تي ٻڌي ڪيائون. جو شخص ڪنهن شيءِ سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو، ته اها ان جي اکين کي انڌو ۽ دل کي مريض ڪري ٿي ڇڏي. ڀلا جي هو ڏسي ٿو، ته بيمار اکين سان ٻڌي ٿو ته نه ٻڌڻ وارن ڪنن سان، شهوتن هن جي عقل جو دامن ڦاڙي ڇڏيو آهي، ۽ دنيا هن جي دل کي مرده بنايو آهي، ۽ هن جو نفس ان تي مري چڪو آهي. هي دنيا جو ۽ انهن ماڻهن جو جن وٽ ڪجھ به دنيا آهي، تن جو بندو ۽ غلام بڻجي چڪو آهي. جيڏانهن اها مڙي ٿي، تيڏانهن هي به مڙي ٿو. جيڏانهن هن جو رخ ٿئي ٿو، تيڏانهن هن جو به رخ ٿئي ٿو. هو نه الله جي طرف کان ڪنهن روڪڻ واري جي چوڻ ٻڌڻ سان رڪجي ٿو، ۽ نه وري ان جي ڪنهن وعظ ڪرڻ واري جي نصيحت مڃي ٿو. حالانڪ هو انهن ماڻهن کي ڏسي ٿو، جن کي عين غفلت جي حالت ۾ اتي ئي پڪڙيو ويو، جتي نه تدارڪ جي گنجائش ۽ نه دنيا جي طرف واپس ٿيڻ جو موقعو هوندو، ۽ ڪهڙي طرح اهي شيون اچي انهن تي ٽٽيون، جن کان هو بيخبر هئا، ۽ ڪهڙي طرح هن دنيا کان جدائي (جي ساعت سامهون) اچي وئي، جنهن کان چڱي طرح مطمئن هئا، ۽ ڪهڙي طرح آخرت جي انهن شين تائين پهچي ويا، جن جي انهن کي خبر ڏني وئي هئي. هاڻي جيڪي مصيبتون انهن تي اچي ٽٽيون آهن. تن کي بيان نٿو ڪري سگهجي. موت جون سختيون ۽ دنيا کي ڇڏڻ جون حسرتون پاڻ ۾ ملي جلي انهن کي گهيري ۾ آڻين ٿيون، جنهن ڪري هنن جا هٿ پير ڍرا ٿي وڃن ٿا، ۽ رنگ بدلجي وڃن ٿا، پوءِ انهن (جي عضون) ۾ موت جون دخل اندازيون وڌي وڃن ٿيون. ڪو اهڙو به ٿئي ٿو، جنهن جي پهرين زبان بند ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ سندس عقل درست ۽ هوش حواس به سالم هوندا اٿس.

هو پنهنجي گهر وارن جي سامهون پيل، پنهنجي اکين سان ڏسي ٿو، ۽ پنهنجي ڪنن سان ٻڌي به ٿو، ۽ انهن شين بابت سوچي به ٿو، جن ۾ هن پنهنجي عمر وڃائي ڇڏي، ۽ پنهنجو زمانو گذاريائين، ۽ پنهنجي گڏ ڪيل مال و متاع کي ياد ڪري ٿو، جنهن جي طلب ڪرڻ ۾ (جائز ۽ نا جائز) اکيون بند ڪري ڇڏيائين، ۽ جن کي صاف ۽ مشڪوڪ هر طرح جي جڳهن تان حاصل ڪيائين، تن جو وبال پنهنجي سر تي کڻي، انهن کي ڇڏڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. اهو مال (هاڻي) سندس پوين لاءِ رهجي ويندو، ته اهي ان مان عيش ۽ آرام ماڻين ۽ آتشبازي ڪن. اهڙي طرح اهو مال ٻين کي ته بنا ڪنهن هٿ پير هڻڻ جي ملي ويو، ليڪن ان جو بار سندس ڪلهن تي ٿيو، ۽ پاڻ ان مال جي سببان اهڙو ته گروي ٿيو جو پاڻ کي ڇڏائي نٿو سگهي. مرڻ وقت جڏهن اها حقيقت ظاهر ٿي سندس سامهون آئي، تڏهن پشيمانيءَ کان پنهنجي هٿن کي پيو چڪ هڻندو، ۽ عمر ڀر جن شين جو طلبگار رهيو، تن کان هاڻي ڀڄڻ جي ٿو ڪري، ۽ اها تمنا ٿو ڪري، ته جيڪي هن مال جي سببان ساڻس حسد ۽ رشڪ پيا ڪندا هئا (ڪاش) اهي ئي هن مال کي سميٽي گڏ ڪن ها، (پر) هاڻي موت جي قبضي، سندس جسم ۾ اڃا به واڌارو ڪيو، تانجو زبان سان گڏ ڪنن تي به موت ڇائنجي ويو.

هاڻي گهر وارن جي سامهون سندس اها حالت ٿئي ٿي، جو نه زبان سان ڳالهائي ٿو سگهي، ۽ نه ڪنن سان ٻڌي ٿو سگهي. اکين کي ڦيرائيندي انهن جي چهرن کي تڪيندو رهي ٿو. انهن جي زبانن جي چرپر کي ڏسي ٿو، ليڪن ڳالھ ٻولھ جا آواز نٿو ٻڌي سگهي. هاڻي اتي پاڻ وڌيڪ موت چنبڙي ويس ۽ سندس اکين کي بند ڪري ڇڏيائين، جهڙي طرح ان جي ڪنن کي بند ڪيائين، ۽ پوءِ روح به سندس بدن مان مفارقت (جدائي) ڪري هليو ويو.

هاڻي هو، گهر وارن جي سامهون هڪ لاش جي صورت ۾ پيو آهي، ۽ انهن کي (لاش) جي طرفان ڊپ ۽ هيبت محسوس ٿئي ٿي، ۽ ان جي ويجهو اچڻ کان پري تائين ٿا ڀڄن. هاڻي نه هو روئڻ وارن جي ڪا مدد ڪري سگهي ٿو، ۽ نه سڏڻ وارن جو ڪو جواب ڏئي سگهي ٿو. پوءِ هن کي کڻي زمين تي آڻين ٿا، جتي ان جي قبر ٺهڻي آهي، ۽ لاش کي ان جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا، ته هاڻي هو پاڻ ڄاڻي ۽ سندس ڪم ڄاڻي، ۽ پوءِ ان جي ملاقات کان هميشه لاءِ منهن موڙي ٿا وڃن. تان جو تقدير جو لکيو پنهنجو مقرر ڪيل وقت تي ۽ پڻ الله جو حڪم پنهنجي مقرر ٿيل حد کي پهچي ويندا.

(ان بعد) پونين کي اڳين سان ملايو ويندو، ۽ قضا جو فرمان وري منڍ کان پيدا ڪرڻ جو ارادو کڻي ايندو، ته هو آسمانن کي جنبش ۾ آڻيندو، ۽ انهن کي ڦاڙيندو، ۽ زمين کي لوڏي ڇڏيندو، ۽ ان جي بنيادن کي کوکلو ڪندو. ۽ جبلن جي بنيادن کي اکيڙي ڇڏيندو، ۽ پوءِ اهي سندس جلال جي هيبت ۽ غلبي ۽ قهر جي دهشت کان پاڻ ۾ ٽڪرجڻ لڳندا، پوءِ هو زمين مان سڀني کي ٻاهر ڪڍندو، ۽ انهن کي سڙي ڳري وڃڻ کان پوءِ وري نئين سر تر و تازه ڪندو، پڻ جدا جدا ۽ پکڙجي ڌار ٿيڻ کان پوءِ وري گڏ ڪندو. پوءِ انهن جي لڪل اعمالن ۽ پوشيده ڪارگذارين جي متعلق پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ انهن کي جدا جدا ڪندو، ۽ کين ٻن حصن ۾ ورهائيندو. هڪ کي هو انعام اڪرام ڏيندو، ۽ ٻئي کان انتقام وٺندو. جيڪي فرمانبردار هئا، تن کي جدا (نيڪي جو عيوض) ڏيندو، ته اهي سندس جوارِ رحمت ۾ رهن، ۽ پنهنجي گهر ۾ انهن کي هميشه لاءِ رهائيندو، جتي رهڻ وارا ڪڏهن به ڪوچ نه ڪندا، ۽ نه انهن جا حالات بدلبا رهندا، ۽ انهن کي گهڙي گهڙي خوف ستائيندو، نه بيماريون انهن کي ٿينديون، ۽ انهن کي خطرا درپيش ٿيندا، ۽ نه انهن کي سفر هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ ڏانهن کڻي ويندو.

پر جيڪي نافرمان هوندا، تن کي بڇڙي گهر ۾ اڇلايو ويندو. انهن جا هٿ پٺيان ڳچي سان (ڇڪي) ٻڌندو، ۽ انهن جي پيشانين تي لٽڪيل وارن سان سندن پيرن کي ٻڌي ڇڏيندو، ۽ کين تارڪول (ڏامر) جون قميصون ۽ باھ سان سڙيل ڪپڙا پارايا ويندا (يعني انهن تي تيل ڇاٽاري کين باھ ۾ ڦُسي وجهندا. اهي اهڙي عذاب ۾ هوندا، جنهن جي تپش نهايت گرم هوندي ۽ (اهڙي جڳھ ۾ هوندا جتي) انهن جا دروازا بند ڪيا ويندا ۽ اهڙي باھ ۾ هوندا، جنهن جا تيز اُلا، ڀڙڪندڙ آواز، اٿندڙ شعلا ۽ هيبت ناڪ چيخون هونديون، ان ۾ رهڻ وارا نڪري نه سگهندا، ۽ نه وري انهن قيدين جو فديو ڏئي کين ڇڏائي سگهجي ٿو، ۽ نه انهن جون هٿڪڙيون ڪو ٽٽي سگهنديون. ان گهر جي ڪا مدت مقرر ڪيل نه آهي، جو ان کان پوءِ ان کي ناس ڪيو وڃي. نه وري رهڻ وارن لاءِ مقرر ڪيل عرصو آهي، جو اهو پورو ٿئي. (ته پوءِ کين آزاد ڪيو وڃي).

هن خطبي جو هي حصو، آنحضرت صلي الله عليه و آله جن جي باري ۾ آهي:

انهن (حضور جن) هن دنيا کي ذليل ۽ خوار ڄاتو، ۽ پست ۽ حقير سمجهو. کين خبر هئي، ته الله تعالى سندن شان کي بالاتر سمجهي، دنيا جو رخ کانئن موڙي ڇڏيو. ۽ دنيا کي حقير ڄاڻي ٻين لاءِ ان جو دامن وڇائي ڇڏيو. تنهن ڪري حضور صلي الله عليه و آله وسلم جن دنيا تان دل کڻي ڇڏيائون، ۽ ان جي ياد پنهنجي نفس تان هٽائي ڇڏيائيون، ۽ ائين چاهيندا رهيا، ته ان جو شان شوڪت سندن نظرن کان پري رهي، جو نه ان مان عمدا لباس حاصل ڪن، ۽ نه وري ان ۾ رهڻ جي اميد رکن. حضور صلي الله عليه و آله وسلم جن سمورا عذر ڇڏي، پنهنجي پروردگار جو پيغام پهچائي ڇڏيو، ۽ ڊيڄاريندي امت کي پند و نصيحت ڪيائون. پڻ خوشخبري ٻڌائيندي، جنت جي طرف دعوت ڏنائون.

اسين نبوت جو شجرو، رسالت جي منزل، ملائڪن جي هيٺ لهڻ واري جاءِ، علم جي کاڻ ۽ حڪمت جا سرچشما آهيون، اسان جي مدد ڪرڻ وارو ۽ اسان سان محبت ڪرڻ وارو رحمت لاءِ منتظر آهي، ۽ اسان سان دشمني ۽ بغض رکڻ واري کي، (خدائي غضب) قهر جو منتظر رهڻ گهرجي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found