Logo

نهج البلاغه خطبو 105: صفين واري زماني ۾

مون توهان کي ڀڄندو ۽ صفن مان منتشر ٿيندي ڏٺو، (جڏهن) توهان کي چند قسمن جي بدچلن ماڻهن ۽ شام جي بدوئن پنهنجي گهيري ۾ آندو. حالانڪ توهان عرب جا جوانمرد ۽ بزرگي جا سردار (قوم) ۾ عالي مرتبت ۽ بلند درجي رکڻ وارا آهيو. منهنجي سيني مان نڪرندڙ ڪنجهڻ جا آواز ان وقت دٻجي سگهن ٿا، جڏهن آءُ ڏسان ته، آخرڪار جهڙي طرح هنن توهان کي پنهنجي گهيري ۾ آندو آهي، تهڙي طرح توهان به کين پنهنجي نرغي ۾ ڦاسايو، ۽ جهڙي طرح هنن توهان جا قدم اکيڙيا آهن، تهڙي طرح توهان به هنن جا قدم سندن جاين تان هٽائي ڇڏيا هجن. تيرن جي مينهن سان انهن کي قتل ڪندا هجو ۽ نيزن جا اهڙا هٿ هلائيندا وڃو، جنهن کان انهن جون پهريون صفون پوين صفن تي چڙهي وينديون هجن، جهڙوڪ: اڃايل اٺن کي هڪليو ويندو آهي، ڄڻ ته انهن کي سندن تلائن کان پري اڇلايو ويو هجي، بلڪ انهن کي تلائن جي ڪنارن کان الڳ ڪيو ويو هجي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2012 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.