Logo

نهج البلاغه خطبو 104: اسلام جا فضائل ۽ خصوصيتون

سموري تعريف ان الله جي لاءِ آهي، جنهن اسلامي شريعت کي جاري ڪيو، ۽ هدايت واري پاڻي جي وهڪري جي مُنهن تي لهڻ وارن لاءِ پنهنجي قانونن کي آسان ڪيو، ۽ ان جي رڪنن کي حريفن جي مقابلي ۾ غلبو ۽ سرفرازي عطا ڪئي. جيڪو ان سان وابسته ٿيو، تنهن لاءِ امن، جيڪو ان ۾ داخل ٿيو، تنهن لاءِ صلح ۽ دوستي. جيڪو ان بابت ڳالهائي، تنهن لاءِ دليل، ۽ جيڪو ان جي مدد سان مقابلو ڪري، تنهن لاءِ کيس گواھ مقرر ڪيو ويو، ۽ ان مان روشني حاصل ڪرڻ واري لاءِ نور. سوچڻ، سمجهڻ ۽ غور و فڪر ڪرڻ واري لاءِ عقل ۽ دانائي. غور ڪرڻ واري لاءِ (روشن) نشاني، ارادي ڪرڻ واري لاءِ بصيرت، نصيحت قبول ڪرڻ واري لاءِ عبرت، تصديق ڪرڻ واري لاءِ ڇوٽڪارو، ڀروسي ڪرڻ واري لاءِ اطمينان، پنهنجي سڀ ڪا ڳالھ ان جي سپرد ڪرڻ واري لاءِ راحت ۽ صبر ڪرڻ واري لاءِ ڍال آهي. اها (شريعت) سمورن سڌن رستن ۾ وڌيڪ روشن ۽ سمورن عقيدن ۾ زياده واضح آهي. هن جا منارا بلند، رستا سوجهري وارا ۽ چراغ روشن آهن. هن جي (عمل) وارو ميدان با عزت ۽ هن جو آخري مقصد بلند آهي. هن جي ميدان ۾ تيز رفتار گهوڙن جو مجموعو آهي. هن جي طرف وڌي وڃڻ، ڪم ايندڙ ۽ وڻندڙ ڳالھ آهي. هن جا بهترين عزت وارا سوار آهن ۽ هن جو رستو (الله ۽ رسول جي) تصديق آهي، ۽ نيڪ اعمال (رستي جا) نشان آهن. دنيا ڊوڙ ڊڪ جو ميدان ۽ موت ڏانهن پهچڻ جي حد ۽ قيامت گهوڙن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ ۽ جنت، اڳتي وڌندڙن لاءِ انعام آهي.

هن ئي خطبي جو هي به حصو آهي، جيڪو حضرت نبي صلي الله عليه و آله و سلم جن جي متعلق آهي:

ايتريقدر جو پاڻ روشني ڳولڻ وارن لاءِ سوجهرن کي ڀڙڪايائون، ۽ (رستي وڃايل)، سواري کي روڪڻ واري لاءِ روشن نشان ڪيائون. (بارِ الها) هو تنهنجي ڀروسي جا امين ۽ قيامت جي ڏينهن جا تنهنجا (مقرر ڪيل) گواھ آهن، ۽ پاڻ تنهنجا نبي مرسل ۽ رسول برحق آهن، جيڪي (دنيا لاءِ) سراسر نعمت ۽ رحمت آهن. (خدايا) تون کين پنهنجي عدل ۽ انصاف سان سندن حصو عطا فرماءِ! ۽ پنهنجي فضل سان کين اجر ۾ ٻيڻيون نيڪيون ڏي.

(يا الله) سندن عمارت کي، ٻين سڀني معمارن جي عمارتن تي فوقيت عطا فرماءِ، ۽ پاڻ وٽ سندن عزت ۽ آبرو سان مهماني ڪر ۽ سندن مرتبي کي بلندي ۽ شرف بخش، ۽ کين اعلى درجو عطا فرماءِ، ۽ رفعت ۽ فضيلت عطا فرماءِ، ۽ اسان کي سندن جماعت ۾ اهڙي طرح محشور ڪر، جو نه اسين ذليل ۽ خوار ٿيون، نه شرمندا ۽ پريشان ۽ نه حق کان ڦريل، نه انجام شڪن، نه گمراھ، نه گمراھ ڪندڙ ۽ نه ڌوڪي کاڌل ٿيون.

(سيد رضي فرمائي ٿو ته جيتوڻيڪ هي ڪلام پهرين اچي چڪو آهي، مگر اسان وري ان کي دهرائڻ لاءِ پيش ڪريون ٿا، جيئن ته ٻنهي روايتن جي لفظن ۾ ڪجھ اختلاف آهي:)

ساڳئي خطبي جو جزو آهي، جنهن ۾ پنهنجي اصحابن کي خطاب ڪندي فرمايائين ته:

توهان پنهنجي الله جي لطف ۽ ڪرم سان ايڏي مرتبي تي پهتا، جو توهان جون ٻانهيون به عزت واريون سمجهيون ويون، ۽ توهان جي پاڙي وارن سان به سٺو برتاءُ ڪيو ويو. ۽ اهي ماڻهو به توهان جي عزت ڪرڻ لڳا، جن تي نه توهان کي ڪا فضيلت هئي ۽ نه توهان جو ڪو انهن تي احسان هو، ۽ اهي ماڻهو به توهان کان ڊڄڻ لڳا، جن کي توهان جي حملي جو به ڪو انديشو نه هو، ۽ نه وري توهان جي انهن تي حڪومت هئي. پر هاڻي توهان ڏسي رهيا آهيو، ته الله جا عهد (قانون) ٽوڙيا پيا وڃن ۽ توهان کي ڪاوڙ به نٿي لڳي! حالانڪ توهان جي ابن ڏاڏن جي قائم ڪيل رسمن ۽ رواجن جي ٽوڙڻ سان، توهان جي غيرت جون رڳون جوش ۾ اچن ٿيون. جيتوڻيڪ اڄ تائين الله جا معاملات توهان جي ئي سامهون پيش ٿيندا رهيا ۽ توهان جي ئي ذريعي انهن جو حل ٿيندو رهيو آهي، ۽ وري توهان جي ئي طرف ڦري گهري اچن ٿا، ليڪن توهان پنهنجون جايون ظالمن جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن، ۽ پنهنجي واڳ ڏور انهن جي ئي حوالي ڪري ڇڏي آهي، ۽ الله وارا معاملات به انهن جي ئي حوالي ڪري ڇڏيا آهن! جيڪي شڪ شبهن تي عمل پيرا ۽ نفساني خواهشن تي تيزي سان هلي رهيا آهن.

خدا جو قسم! جيڪڏهن هو توهان کي هر ستاري جي هيٺان پکيڙي ڇڏين، تڏهن به الله تعالى توهان کي ان ڏينهن (ضرور) گڏ ڪندو. جيڪو انهن لاءِ نهايت خراب ڏينهن ٿيندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.