Logo

نهج البلاغه خطبو 103: بني اُمين جي زوال ۽ بني عباس جي قيام جي پيشن گوئي

نيٺ الله تعالى، محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن کي موڪليو. ان حالت ۾ ته پاڻ شاهدي ڏيڻ وارا، خوشخبري ٻڌائڻ وارا ۽ ڊيڄارڻ وارا هئا. پاڻ ننڍپڻ ۾ به بهترين خلائق ۽ سن رسيده هئڻ تي به، اشرف ڪائنات هئا. پڻ پاڪ ماڻهن ۾ به خوءِ، خصلت جي لحاظ کان بهترين پاڪيزه ۽ جود و سخا ۾، ابر صفت وسائڻ وارن ۾، سڀني کان وڌيڪ سانده وسڻ وارا هئا. دنيا تنهن وقت پنهنجي مزن ۾ توهان جي لاءِ مٺي ۽ وڻندڙ ٿي، ۽ ان وقت توهان سندس ٿڻن مان کير پيئڻ تي قادر ٿيا، تنهن کان پهرين جو، ان جون مهارون ڍريون ۽ لڏي رهيون هيون، ۽ ان جو تنگ (ڍرو ٿي) لڏي رهيو هو. (يعني ان جو) ڪو به سوار ۽ سنڀال ڪرڻ وارو نه هو، جيڪو ان جون واڳون وٺي، ۽ سندس ٽنگ کي ڇڪي. ڪجھ قومن لاءِ ته حرام، ان ٻير وانگر (مٺو ۽ مزيدار) ٿي ويو هو، جنهن جون شاخون ميون جي سببان جهڪيل هجن، ۽ حلال انهن لاءِ (ڪوهن جا ڪوھ) پري ۽ ناياب هو.

خدا جو قسم! هيءَ دنيا ڊگهي پاڇي جي صورت ۾ هڪ مقرر وقت تائين توهان وٽ آهي، مگر هن وقت ته زمين سواءِ ڪنهن روڪ ٽوڪ جي توهان جي قبضي ۾ آهي، ۽ توها جا هٿ هن ۾ کليل آهن، ۽ پيشوائن جا هٿ ٻڌل آهن. توهان جون تلوارون انهن تي ڇانيل آهن، ۽ انهن جون تلوارون روڪيل آهن. توهان کي معلوم هئڻ گهرجي، ته هر خون جي قصاص وٺڻ وارو ۽ هر حق جو ڪو گُهر ڪرڻ وارو به هوندو آهي، ۽ اسان جي خون جي قصاص وٺڻ وارو ان حاڪم وانگر آهي، جيڪو پنهنجي ئي حق جي باري ۾ فيصلو ڪري، سو اهو الله آهي، جنهن کي اهو تلاش ڪري، ته هو ان کي بيوس نٿو بنائي سگهي، ۽ جيڪو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري، سو ان جي هٿان بچي نٿو نڪري سگهي.

اي بني اميه! آءُ الله جو قسم کڻي ٿو چوان، ته جلد ئي توهان پنهنجي (دنيا ۽ ان جي) دولت کي ٻين جي هٿن، ۽ پنهنجي دشمنن جي گهرن ۾ ڏسندا! سڀني اکين کان زياده ڏسڻ واري اها اک آهي، جنهن جي نگاھ نيڪين ۾ پيل هجي، ۽ سڀني ڪنن کان وڌيڪ ٻڌڻ وارو اهو ڪن آهي، جيڪو نصيحت جون ڳالهيون ٻڌي ۽ انهن کي قبول ڪري.

اي انسانو! با عمل واعظ جي هدايت جي چراغ جي وَٽ مان پنهنجا چراغ روشن ڪريو، ۽ ان صاف شفاف چشمي مان پاڻي ڀريو، جيڪو (شڪ شبهن جي) آميزشن ۽ ڪدورتن کان آٺرجي چڪو آهي. اي الله جا بندو! پنهنجي جهالت جي طرف نه موٽو، ۽ نه ئي پنهنجي خواهشن جي تابع ٿيو. ان ڪري جو خواهشن جي منزل ۾ لهڻ وارو اهڙو آهي، جهڙو ڪو به ڪلر کاڌل ڀت جي ڪناري تي بيٺل هجي، ۽ اها ڪرڻ تي هجي. هو هلاڪتن جون ڀريون پنهنجي پٺن تي کڻي ڪڏهن هن ڪلهي تي ٿو رکي ۽ ڪڏهن هن ڪلهي تي. پنهنجي انهن راين جي صورت ۾ جن کي هو بدلائيندو رهي ٿو، ۽ چاهي ٿو، ته انهن تي (ڪو دليل) چنبڙائي ڇڏي، مگر جيڪي چنبڙائڻ واريون نٿيون ٿين، تن کي (ذهنن جي) قريب ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪي قريب ٿيڻ جي قابل نه آهن. الله تعالى کان ڊڄو! جيڪڏهن توهان پنهنجون شڪايتون ان شخص جي اڳيان آڻي ويهي رهو، جيڪو (توهان جي خواهشن موجب) توهان جي شڪايتن جي ڏکن، سورن، دردن کي دور نه ڪندو، ۽ نه شريعت جي محڪم مضبوط حڪمن کي ڪو ڀڃندو.

امام جو فرض ته بس اهو آهي، ته جيڪو ڪم هن کي پنهنجي پرودگار جي طرفان سونپيل آهي، (اهو پورو ڪري) ۽ اهو هي آهي، ته پند و نصيحت جون ڳالهيون انهن تائين پهچائي، کين سمجهائڻ ۽ سيکارڻ ۾ پوري پوري ڪوشش ڪري، سنت کي زندھ رکي ۽ جن تي حد جاري، ٿيڻي هجي، تن تي حد جاري ڪري، ۽ (غضب ڪيل) حصا، انهن جي اصلي وارثن تائين پهچائي. توهان کي گهرجي، ته علم ڏي وڌو. تنهن کان اڳ جو انهن جو سر سبز (مال) خشڪ ٿي وڃي ۽ علم وارن کان علم سکڻ ۾ پنهنجي ئي نفسن جون مصروفتيون اٽڪاءُ ۾ پئجي وڃن، سو ٻين کي به برائين کان روڪيو، ۽ پاڻ به رڪيل رهو. ان ڪري جو توهان کي براين کان بچڻ جو حڪم پهرين آهي، ۽ ٻين کي بچائڻ جو حڪم بعد ۾ آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.