اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 102: حضور نبي اڪرم صلعم جن جي بعثت

هڪ ٻي روايت موجب هي خطبو پهرين درج ٿي چڪو آهي:

جڏهن الله تعالى، محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن کي موڪليو، تڏهن عربن ۾ نه ڪو (آسماني) ڪتاب کي پڙهڻ وارو هو، ۽ نه ڪو نبوت ۽ وحي جو دعويدار. پاڻ، اطاعت ڪرڻ وارن کي ساڻ ڪري، پنهنجي مخالفن سان جنگ ڪيائون. جيتوڻيڪ پاڻ انهن ماڻهن کي نجات جي طرف وٺيو پئي ويا، تنهن کان اڳ جو موت انهن تي اچي ڪڙڪي. سو انهن کي هدايت ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا هئا. جيڪڏهن ڪو ٿڪل ۽ ماندو ٿيل بيهي رهندو هو، ۽ زخميل، ڏکويل ۽ لاچار ماندو رڪجي ويندو هو، ته پاڻ حضور جن ان جي (مٿان) اچي بيهندا هئا، ۽ ان کي سندس منزل مقصود تائين پهچائي ڇڏيندا هئا. اها ٻي ڳالھ آهي ته ڪو اهڙو تباھ حال هجي، جو جنهن ۾ ذري جيتري به ڀلائي نه هجي، تانجو پاڻ، انهن کي به نجات جي منزل ڏيکاري، کين سندن مرتبي تي پهچايائون، ۽ هاڻي جيئن ته انهن جو جنڊ ڦرڻ لڳو، انهن جي نيزي جو خم ويندو رهيو.

خدا جو قسم! ته آءُ به انهن کي هڪلڻ وارن مان هوس، تانجو اهي چڱي طرح پامال ٿي ۽ پنهنجي تنجڻن ۾ جڪڙجي ويا. اهڙي دوران نه آءُ عاجز ٿيس، نه بزدلي ڏيکاريم ۽ نه ڪنهن قسم جي خيانت ڪيم، ۽ نه مون ۾ ڪا ڪمزوري آئي. خدا جو قسم! آءُ (هاڻي به) باطل کي چيري، حق کي ان جي پاسي مان ڪڍي وٺندس.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found