آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 101: زهد و ورع جي طرف، رغبت جي ضرورت

دنيا کي، زهد اختيار ڪرڻ وارن ۽ ان کان پاڻ بچائڻ وارن جي نظرن سان ڏسو. خدا جو قسم! هو جلد پاڻ سان رهڻ وارن کي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيندي. امن ۽ خوشحالي ۾ وقت گذارڻ وارن کي رنج ۽ اندوھ ۾ وجهي ڇڏيندي ۽ ان جي جيڪا به شيءِ منهن کي موڙائي پٺي ڏئي هلندي، ته اها وري واپس نه ايندي ۽ اچڻ واري شيءِ جي ڪا به خبر نه هوندي آهي، جو ان جي راھ کي نهاريو وڃي. هن جون خوشيون ڏکن ۾ سمايل آهن، ۽ جوانمردن جي همت ۽ طاقت ان ۾ ناتواني ۽ ڪمزوري جي طرف وڌي رهي آهي. (ڏسو) دنيا کي خوش ڪرڻ وارين شين جي زيادتي توهان کي مغرور نه ڪري ڇڏي. ان ڪري جو جيڪي شيون توهان جو ساٿ ڏينديون، سي تمام ٿوريون آهن.

الله تعالى! ان شخص تي رحم ڪري، جيڪو سوچ ويچار سان عبرت ۽ عبرت سان بصيرت (دانائي) حاصل ڪري. دنيا جون سموريون موجود شيون نابود ٿي وينديون، ڄڻ ته اهي موجود ئي نه هيون، ۽ آخرت ۾ پيش اچڻ واريون شيون جلد ئي موجود ٿي وينديون، جي ڄڻ ته هينئر کان ئي موجود هيون. هر ڳڻپ ۾ اچڻ واري شيءِ ختم ٿي ويندي آهي، ۽ جنهن جي آمد جو انتظار هجي، تنهن کي آيل ئي سمجهو، ۽ هر اچڻ واري کي ويجهو ۽ (پاڻ تائين) پهتل سمجهو.

هن خطبي جو هڪ جزو هي به آهي:

عالم اهو آهي، جيڪو پنهنجو مرتبو سڃاڻي، ۽ انسان جي جهالت ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، جو هو پنهنجو قدر و منزلت نه سڃاڻي. ماڻهن ۾ سڀني کان زياده، الله وٽ ناپسند اهو بندو آهي، جنهن کي الله سندس نفس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح هو سڌي رستي تان هٽيل ۽ بغير رهنمائي جي هلڻ وارو آهي. جيڪڏهن هن کي دنيوي پوک (پوکڻ) لاءِ سڏيو وڃي ٿو، ته سرجوشي ٿو ڏيکاري، پر جي آخرت جي پوک (پوکڻ) لاءِچئجيس ٿو، ته پوءِ سستي ڪري ٿو، ڄڻ ته جنهن ڳالھ تان هن سرجوشي ڏيکاري، سا نهايت ضروري هئي، ۽ جنهن ۾ هن سستي ۽ ڪوتاهي ڪئي آهي، سان هن کان ڪِرڻ واري هئي.

هن خطبي جو هڪ جزو هي به آهي:

ڪو اهڙو زمانو ٿيندو، جنهن ۾ اهو ستل مومن ئي بچي نڪري سگهندو. جيڪو سامهون اچڻ سان به نه سڃاتو ويندو، ۽ نگاهن کان غائب ٿيڻ تي کيس ڳوليو نه وڃي. اهي ئي انسان ته هدايت جا روشن ۽ چمڪندڙ چراغ ۽ اونداهي راتين ۾ ظاهر نشان آهن. نه اهي هيڏانهن جو هوڏانهن ۽ نه ڪجھ جو ڪجھ ڪندا وتن ٿا، نه وري ماڻهن جا عيب بيان ڪن ٿا ۽ نه انهن جا راز فاش ڪن ٿا. الله تعالى انهن انسانن لاءِ رحمت جا دروازا کوليندو، ۽ انهن تان پنهنجي عذاب جون سختيون دور ڪندو.

اي انسانو! اهو زمانو توهان جي سامهون اچڻ وارو آهي، جنهن ۾ اسلام کي اهڙي طرح اونڌو ڪيو ويندو، جهڙي طرح برتن کي (انهن شين سميت، جيڪي ان ۾ هوندو) اونڌو ڪيو وڃي. اي انسانو! الله تعالى توهان کي ان امر کان محفوظ رکيو آهي، ته هو توهان تي ظلم ڪري، مگر ان کان پناھ نه آهي. ته هو توهان کي آزمائش ۾ وجهي، ان بزرگ ۽ برتر چوڻ واري جو ارشاد آهي، ته ان ۾ (اسان جون) ڪيتريون ئي نشانيون آهن، ۽ اسين ته فقط انهن جو امتحان وٺندا آهيون.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found