اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 100: قيامت جو ڏينهن

ڪو اهڙو ڏينهن ٿيندو، جو الله تعالى حساب بابت پڇا ڳاڇا ۽ عملن جي جزا لاءِ اڳين پوين کي گڏ ڪندو. اهي نهايت عاجزي واري حالت ۾ سندس سامهون اچي بيهندا. پسينو وات تائين پهچي، انهن جي وات ۾ لغام ٿي پوندو. زمين انهن ماڻهن سميت ڏڪندي ۽ پئي ڪنبدي هوندي. ان وقت سڀ کان وڌيڪ خوش حال اهو هوندو، جنهن کي پنهنجي ٻنهي پيرن رکڻ جي جڳھ ۽ ساه کڻڻ لاءِ کليل فضا مليل هوندي.

هن خطبي جو هڪ هي به جزو آهي ته:

اهي اهڙا فتنا هوندا، جهڙا اونداهي رات جا ٽڪرا. انهن جي مقابلي لاءِ (گهوڙن جا) پير ڄمي نه سگهندا، ۽ نه انهن جا جهنڊا موٽائي سگهبا. اهي توهان وٽ اهڙي طرح ايندا، جو انهن جا لغام ڇڪيل هوندا، ۽ انهن تي سنج پڻ ڇڪيل هوندا. انهن جو اڳواڻ انهن کي تيزي سان هڪليندو، ۽ سوار ٿيڻ وارو انهن کي هلڪو ڪري ڇڏيندو. اهي ماڻهو ان قوم مان آهن، جن جا حملا سخت ٿيندا آهن ۽ ڦر لٽ گهٽ. انهن سان اها قوم في سبيل الله جهاد ڪندي، جيڪي تڪبر ڪرڻ وارن جي اڳيان پست ۽ ذليل هوندا. زمين تي گمنام ۽ آسمان ۾ ڄاتل سڃاتل هوندا. اي (شهر) بصره! تنهنجي حالت تي افسوس آهي، جو جڏهن تو تي الله جي عذاب جو لشڪر اچي ٽٽندو، جنهن ۾ نه ڌوڙ اڏامندي ۽ نه گوڙ گمسان ٿيندو، ۽ تو ۾ رهڻ وارا قتل ۽ سخت بک ۾ مبتلا ٿيندا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found