جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 99: عظيم حادثا

هو هر اول کان پهريون اول آهي ۽ هر آخر کان بعد وارو آخر آهي. سندس اوليت جي سبب واجب آهي، ته هن کان پهرين ڪو به نه هجي ۽ هن جي آخر هجڻ جي سببان ضروري آهي، ته هن کان پوءِ ڪو به نه هجي. آءُ شاهدي ٿو ڏيان ته، الله کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي، اهڙي گواهي، جنهن ۾ ظاهر ۽ باطن هڪجهڙو ۽ دل ۽ زبان هڪ آواز آهن.

اي انسانو! توهان منهنجي مخالفت جي جرم ۾ مبتلا نه ٿيو، ۽ منهنجي نافرماني ڪري حيران ۽ پريشان نه ٿيو، منهنجي ڳالهين ٻڌڻ وقت هڪ ٻئي کي اکين سان اشارا نه ڪريو. ان ذات جو قسم! جنهن داڻي کي شگافته ڪيو ۽ ساھ واري کي پيدا ڪيو، ته آءُ جيڪا خبر توهان کي ٻڌايان ٿو، سا مون نبي صلعم جن کان پهتل آهي، نه ته خبر ڏيڻ واري ڪوڙ ڳالهايو ۽ نه وري ٻڌڻ وارو ڪو جاهل هو.

ته پوءِ هاڻي (ٻڌو) آءُ گويا سخت گمراهين ۾ پيل هڪ شخص پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهيان، جيڪو شام (ملڪ) ۾ بيٺو تمام ڏاڍي پيو سڏ ڪي، ۽ هن پنهنجا جهنڊا ڪوفي ۽ ان جي آسپاس کليل ميدانن ۾ کوڙي ڇڏيا آهن، پوءِ جيئن ته سندس وات (ڦاڙي کائڻ لاءِ) کلي ويو ۽ ان جي لغام جو وات پڻ مضبوط ٿي ويو؟ ۽ زمين ۾ سندس پاماليون سخت کان سخت ٿي ويون، ته (پوءِ) فتنن پنهنجي ڏندن سان دنيا وارن کي ڪترڻ شروع ڪيو، ۽ جنگ جو درياءُ ڇولين جون ٿڦڙون هڻڻ لڳو، ۽ ڏينهن جي سختي جي سامهون اچي وئي، ۽ راتين جي تڪليف شدت اختيار ڪري ويئي. بس! هيڏانهن سندس پوک پچي وئي ۽ فصل تيار ٿيو، ۽ هن جون مستيون جوش ڏيکارڻ لڳيون، بلڪ تلوارون چمڪڻ لڳيون. هيڏانهن سخت فتني ۽ شر جا جهنڊا کپي ويا ۽ اونداهي رات ۽ ڇولين واري درياءُ وانگر اڳتي وڌي آيا. تنهن کان سواءِ ٻيا ڪيترائي تيز واچوڙا ڪوفي کي اکيڙي ڇڏيندا، ۽ ڪيترائي سخت طوفان ان تي ايندا، ۽ عنقريب جماعتون جماعتن سان (پاڻ ۾) جنبي وينديون، ۽ بيٺل فصلن کي وڍي ڇڏيندا، ۽ وڍيل پيدائش کي ڊاھ ڊوھ ڪري ڇڏيندا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found