جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 98: الطاف و عنايات باري تعاليٰ

ان الله جي لاءِ حمد و ثنا آهي، جنهن مخلوقات ۾ پنهنجي فضل (۽ ڪرم جي دامن کي) ڦهلائي ۽ پنهنجي ڪرم واري هٿ کي ڊگهيريو آهي. اسين سمورن معاملن ۾ سندس حمد ڪريون ٿا ۽ سندس حقن جي لحاظ رکڻ ۾ کائنس ئي مدد گهرون ٿا، ۽ اسين گواهي ڏيون ٿا، ته ان (الله تعالى) کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، ۽ محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن سندس عبد ۽ رسول آهن، جنهن کي الله تعالى پنهنجا حڪم واضح ڪري ٻڌائڻ ۽ پنهنجو ذڪر زبان تي آڻڻ لاءِ موڪليو. حضور صلعم جن امانت داري سان اهي پهچايا، ۽ سڌي رستي تي برقرار رهندي، دنيا مان رخصت ٿيا، ۽ اسان ۾ حق جو اهو پرچم ڇڏيائون، جيڪو اڳتي وڌندو. اهو دين کان خارج ٿيندو، جيڪو پوئتي رهجي ويندو، بلڪ اهو پڻ مٽجي ويندو، ۽ جيڪو ان سان چنبڙي ويندو، سو ئي حق سان رهندو. هن جهنڊي ڏانهن رهنمائي ڪرڻ وارو اهو آهي، جيڪو ڳالھ ڪرڻ ۾ جلد بازي نٿو ڪري، ۽ (چڱي طرح غور ڪرڻ لاءِ) پنهنجي اڳتي وڌڻ ۾ تاخير ڪري ٿو ۽ جڏهن ڪنهن ڳالھ کي کڻي ٿو، ته پوءِ هو تيزگام آهي، جڏهن توهان ان جي سامهون گردنون خم ڪندا، ۽ (ان جي عظمت و جلال جي پيش نظر)، ان جي طرف آڱرين جا اشارا ڪرڻ لڳندا، ته ان تي موت طاري ٿيندو، ۽ کيس وٺي ويندو، پوءِ جيستائين الله تعالى چاهي توهان (انتظار ۾) رهندو، ايستائين جو الله تعالى ان شخص کي ظاهر ڪري، جيڪو توهان کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ۽ توهان جي شرازه بندي ڪري، جيڪي ڪجھ ٿيڻ وارو نه آهي، تنهن جي لالچ نه ڪريو. نهايت ممڪن آهي، ته باغي جو هڪ قدم پاڙئون پٽجي ويو هجي، ۽ ٻيو قدم اڃا ڄميل هجي، ۽ پوءِ ڪا اهڙي صورت ٿئي، جو ٻئي قدم ڄمي وڃن.

توهان کي معلوم هئڻ گهرجي، ته آل محمد آسمان جي ستارن وانگر آهن، ته پوءِ جڏهن هڪڙو لهي ٿو ته ٻيو اڀري ٿو. گويا توهان تي الله جون نعمتون مڪمل ٿي ويون آهن، ۽ جنهن جي توهان آس لڳايو ويٺا هئا، سا الله تعالى توهان کي ڏيکاري ڇڏي آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found