آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 97: زهد جي طرف ترغيب

جيڪي ٿو چڪو، تنهن تي اسين الله جو حمد ڪريون ٿا، ۽ جيڪي ٿيندو، تنهن جي مقابلي ۾ ان کان ئي مدد گهرون ٿا، جهڙي طرح ان کان جسمن جي چڱڀلائيءَ لاءِ دعا گهرون ٿا، تهڙي دين ۽ ايمان جي سلامتي جا به طلبگار آهيون.

الله تعالى جا بندو! آءُ توهان کي هن دنيا جي ڇڏڻ بابت وصيت ڪريان ٿو، جيڪا توهان کي ڇڏڻ واري آهي. حالانڪ توهان هن کي ڇڏڻ پسند نٿا ڪريو. جيتوڻيڪ هو توهان جي جسمن کي پراڻو ۽ بوسيدھ ڪرڻ واري آهي. حالانڪ توهان هن کي تر و تازه رکڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. توهان جو ۽ هن دنيا جو مثال اهڙو آهي، جيئن چند مسافر ڪنهن رستي تي هلندا هجن ۽ هلندي اها منزل طئي ڪري وٺن، ۽ پوءِ ڪنهن بلند نشان جو پڻ قصد ڪن، ۽ يڪدم اوستائين پهچي وڃن. ڪيترو نه ٿورو وقفو آهي. ان (گهوڙي ڊوڙائڻ واري) جو، جيڪو ان کي ڊوڙائي انتهائي منزل تائين پهچي وڃي. پوءِ ان شخص جو ڪهڙو بقا آهي؟ جنهن لاءِ هڪ اهڙو ڏينهن هجي، جنهن کان اڳتي هو وڌي نٿو سگهي، ۽ دنيا ۾ هڪ تيز گام طلب ڪرڻ وارو، ان کي هڪلي رهيو هجي، تانجو هو دنيا کي ڇڏي وڃي. دنيا واري عزت ۽ ان ۾ فخر ۽ سربلندي جي خواهش نه ڪريو، ۽ ان جي زينتن ۽ نعمتن تي خوش ٿيو، ۽ نه ان جي تڪليفن ۽ سختين تي بي صبري سان دانهون ڪوڪون ڪريو، ڇو ته ان جي عزت ۽ فخر ٻئي مٽجي وڃڻ وارا آهن،  ۽ ان جون زينتون ۽ نعمتون زائل ٿيڻ واريون آهن، ۽ ان جون سختيون ۽ تنگيون آخر ختم ٿي وينديون. ان جي هر مدت جو نتيجو اختتام ۽ هر زندھ جو انجام فنا ٿيڻ آهي. ڇا گذري ويل ماڻهن جي واقعن ۾ توهان لاءِ ڪافي تنبيھ جو سامان نه آهي؟ ۽ توهان جي گذريل ويل ابن ڏاڏن جي حالات ۾ توهان جي لاءِ عبرت ۽ (سبق آموز) دانائي نه آهي؟ جيڪڏهن توهان سوچو ۽ سمجهو، ته پوءِ ڇا توهان گذري ويل ماڻهن کي نٿا ڏسو، ته اهي وري واپس نٿا اچن ۽ انهن کان پوءِ باقي رهڻ وارا به جيئرا نٿا رهن.

توهان دنيا وارن تي نظر نٿا ڪريو، جيڪي مختلف حالتن ۾ صبح ۽ شام گذارين ٿا. ڪٿي ڪا ميت آهي، جنهن تي رنو پيو وڃي، ۽ ڪٿي وري ڪنهن سان عذر خواهي ڪئي پئي وڃي. ڪو عاجز ۽ ڪو، نه چري سگهڻ واري مرض ۾ مبتلا آهي. ڪٿي ڪو بيمار پرسي ڪرڻ وارو، عيادت ڪري رهيو آهي. ڪٿي ڪو مرڻ وارو آهي، ڪو دنيا تلاش ڪندو ڦري پيو ۽ موت وري ان جي تلاش ڪندو رهي ٿو، ۽ ڪو غفلت ۾ پيو آهي، ليڪن (موت) ان کان غافل نه آهي. مري ويلن جي ئي نقش قدم تي باقي رهيل ماڻهو هلي رهيا آهن. آءُ توهان کي تنبيھ ٿو ڪريان، ته بد اعمالين جي ارتڪاب وقت موت کي به ياد ڪندا ڪريو، جيڪو سمورين لذتن کي مٽائڻ وارو ۽ سمورين نفساني لذتن کي خراب ڪري ختم ڪرڻ وارو آهي.

الله تعالى جا واجب حق، ادا ڪرن ۽ سندس بي شمار نعمتن ۽ لا تعداد احسانن جي شڪر بجا آڻڻ لاءِ ان کان ئي مدد گهرندا رهو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found