خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 96:  بني اُميّن جي افعالن متعلق پيشن گوئي

خدا جو قسم! ته اهي سدائين ائين ئي (ظلم ڪندا) رهندا ۽ الله تعالى جي ڪا به حرام ڪيل شيءِ اهڙي نه هوندي، جنهن کي هو حلال نه سمجهندا، ۽ هڪڙو به عهد اهڙو نه هوندو، جنهن جي هو ڀڃڙي نه ڪندا. ايتري قدر، جو به سرن ۽ پٿرن جو ٺهيل گهر ۽ خيما، انهن جي ظلم جي زد کان محفوظ نه رهندا.

۽ هنن جي بڇڙي ظلم واري نگهداشت سببان ماڻهن جو پنهنجي گهرن ۾ رهڻ به مشڪل ٿي ويندو. ايستائين جو ٻن قسمن جي رئڻ وارا کڙا ٿي ويندا. هڪڙو دين جي لاءِ روئڻ وارو ۽ ٻيو دنيا جي لاءِ. ايتري قدر جو توهان مان ڪنهن به هڪ جو، انهن مان ڪنهن به هڪ کان انصاف گهرڻ اهڙو ٿيندو، جهڙو غلام جو پنهنجي آقا کان، يعني جيڪو پنهنجي آقا جي روبرو ته سندس اطاعت ڪري ٿو، ليڪن پرپٺ آقا جون گلائون ٿو ڪري. (يعني دل جا بخار پيو ڪڍي) بلڪ ايستائين نوبت رسندي، جيڪو توهان مان زياده الله تعالى ۾ اعتقاد رکندو، اوترو ئي اهو زحمت ۽ مشقت ۾ ڦاٿل رهندو. اهڙي صورت ۾، جيڪڏهن الله تعالى توهان کي امن ۽ عافيت ۾ رکي، ته (ان جو شڪر ڪندا رهجو) ان کي قبول ڪجو، ۽ جيڪڏهن آزمائش ۾ وڌا وڃو، ته پوءِ صبر ڪجو. انهي ڪري جو نيڪ عاقبت پرهيزگارن لاءِ آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found