اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 95: دنيا ۾ ظالمن کي مهلت

جيڪڏهن الله ظالم کي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، ته هو سندس گرفت کان هرگز بچي نٿو سگهي، ۽ هو (الله تعالى) ان جي گذرگاھ ۽ ان جي نڙي ۾ ڦاسڻ واري هنڌ تي، موقعي جو منتظر آهي. ان ذات جو قسم! جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، اها قوم (شام وارا) توهان تي غالب اچي ٿيندا. ان ڪري نه، ته انهن جو ڪو حق توهان تي وڏو آهي، بلڪ ان ڪري، ته هو پنهنجي ساٿي (معاويه) جي طرف، هن جي باطل تي هئڻ جي باوجود تيزيءَ سان پيا ڊوڙن ۽ توهان منهنجي حق تي هئڻ جي باوجود سستي ڪري رهيا آهيو. رعيتون پنهنجي حڪمرانن جي ظلم ۽ جور کان ڊڄنديون هيون ۽ آءُ پنهنجي رعيت جي ظلم کان ڊڄان ٿو، مون توهان کي جهاد ڪرڻ جي لاءِ اڀاريو، ليڪن توهان (پنهنجي گهرن کان) نه نڪتوءَ! مون توهان کي (ڪم جهڙين ڳالهين کي) ٻڌائڻ چاهيو، مگر توهان هڪ به نه ٻڌي. جيتوڻيڪ مون توهان کي پوشيده به ۽ ظاهري طور به توهان کي جهاد جي لاءِ سڏيو ۽ ڏاڍي وڏي سڏ سڏيو، ليڪن توهان هڪ به نه مڃي ۽ وري سمجهايم ڪيم، مگر توهان منهنجون نصيحتون قبول نه ڪيون. ڇا! توهان، موجود هوندي به غائب رهو ٿا؟ مطيع ۽ فرمانبردار هوندي گويا توهان پاڻ خود مالڪ آهيو؟ آءُ توهان جي سامهون حڪمت ۽ دانائي جون ڳالهيون پيو بيان ڪريان ۽ توهين انهن کان بيزار پيا ٿيو. توهان کي بلند پائي جون نصيحتون پيو ٻڌايان ۽ توهان حيران ۽ پريشان پيا ٿيو. آءُ توهان کي انهن باغين سان جهاد ڪرڻ لاءِ پيو آماده ڪريان، ته اڃا منهنجي ڳالھ ختم به نٿي ٿئي، ته آءُ ڏسان پيو، ته توهان سبا جي اولاد وانگر ٽڙي پکڙجي پيا وڃو، ۽ پنهنجي گهرن ڏانهن پيا هليا وڃو، ۽ انهن نصيحتن کان غافل ٿي، هڪٻئي جي ڏٽن ۾ پيا اچو. (جيڪڏهن) صبح جو آءُ توهان کي سڌو ٿو ڪريان ته شام جو جڏهن اچو ٿا، ته (اهڙي جا اهڙا) ڪمان جي پٺ وانگر ٽيڙها. سڌي ڪرڻ وارو عاجز ٿي ويو، ۽ جنهن کي سڌو ڪيو وڃي ٿو، سو لا علاج ثابت ٿيو. اي اهي انسانو! جن جا جسم ته حاضر آهن، پر عقل غائب ۽ خواهشون جدا جدا آهن. انهن تي حڪومت ڪرڻ وارا انهن جي ئي آزمائش وارن هٿن ۾ پيل آهن. توهان جو حاڪم، الله جي اطاعت ڪري ٿو. ۽ توهان ان جي نافرماني ڪريو ٿا، ۽ اهل شام جو حاڪم، الله جي نافرماني ڪري ٿو، مگر هو ان جي اطاعت ڪن ٿا. خدا جو قسم! ته آءُ ته اهو ٿو چاهيان ته معاويه توهان مان ڏھ ڄڻا مون کان وٺي، انهن جي عيوض ۾ پنهنجو هڪ ماڻهو مون کي ڏئي ڇڏي. جهڙي طرح دينار جي مٽا سٽا درهمن سان ٿئي ٿي.

اي ڪوفي وارو! آءُ توهان جي ٽن ڳالهين ۽ انهن کان سواءِ، ٻن ڳالهين ۾ پڻ مبتلا آهيان. پهرين ته توهان کي برابر ڪن آهن، پر توهان ٻوڙا آهيو. ٻيو ته ڳالهائڻ ٻولاهڻ جي باوجود به گُنگا آهيو ۽ اکين هوندي به انڌا آهيو، ۽ وري اهو به ته، توهان نه جنگ جي موقعي تي سچا جوانمرد آهيو ۽ نه وري قابل اعتماد ڀائر آهيو. اي اهڙن اٺن جي هلت چلت وارو جن جا جت ته گم ٿي چڪا هجن ۽ انهن کي هڪ طرف کان گهيرو ڪيو ويو هجي، ته وري ٻئي طرف کان ٽڙي پکڙجي ويندا هجن.

خدا جو قسم! ته جهڙو توهان جي باري ۾ منهنجو خيال آهي، سو منظر منهنجي سامهون آهي. جيڪڏهن جنگ شدت اختيار ڪري ۽ ميدان ڪارزار گرم ٿي وڃي، ته پوءِ توهان ابن ابي طالب کان اهڙي ته شرمناڪ طريقي سان جدا ٿي ويندو، جيئن ڪا عورت بلڪل برهنه ٿي وڃي. آءُ پنهنجي پرودگار جي طرف کان روشن دليل ۽ پنهنجي نبي صه جي طريقي ۽ حق جي شاهراھ تي آهيان. (جنهن کي آءُ باطل جي رستن مان ڳولي ڳولي حاصل ڪندو رهيو آهيان). پنهنجي نبي جي اهلبيت کي ڏسو، انهن جي سيرت تي هلو ۽ انهن جي نقش قدم جي پيروي ڪريو. هو توهان کي هدايت کان ٻاهر نه ٿيڻ ڏيندا، ۽ نه وري گمراهي ۽ هلاڪت جي طرف موٽائيندا. جيڪڏهن هو ڪٿي به ترسن، ته پوءِ توهان به بيهي رهو، ۽ جيڪڏهن هو اٿن، ته پوءِ توهان به اٿي کڙا ٿيو. هنن کان اڳتي نه وڌو، ورنه گمراھ ٿي ويندو، ۽ نه (انهن کي ڇڏي) پوئتي رهجي وڃو، ورنه تباھ ٿي ويندو. مون محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن جا خاص خاص اصحاب ڏٺا آهن، مون کي ته توهان مان هڪ به اهڙو نظر نٿو اچي، جيڪو انهن جي مثل هجي. هو اهڙي حالت ۾ صبح ڪندا هئا، جو سندن وار پکڙيل ۽ سندن چهرا خاڪ سان ڀريل هوندا هئا. جڏهن هو رات وارو عرصو سجدي ۽ قيام جي حالت ۾ گذاريندا هئا. اهڙي عالم ۾ ڪڏهن پيشانيون سجدن ۾ رکندا هئا ۽ ڪڏهن رخسار ۽ محشر جي ياد ۾، اهڙي طرح بي چين ٿيندا هئا، جو ڄڻ ته ٽانڊن تي ويٺل آهن. ۽ طويل سجدن جي سببان هنن جي اکين جي درميان (پيشانين تي) ٻڪرين جي گوڏن جهڙا نشان پئجي ويندا هئا. جڏهن به انهن جي اڳيان الله جو ذڪر ٿيندو هو، ته انهن جون اکيون (برسات وانگر) پيون وسنديون هيون. ايتري قدر، جو انهن جا گريبان ڀِڄي ويندا هئا، هو اهڙي طرح ته ڪنبندا رهندا هئا، جهڙي طرح تيز هوائن ۾ وڻ لڏندا آهن. هنن کي سزا جو خوف ۽ ثواب جي اميد هوندي هئي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found