Logo

نهج البلاغه خطبو 94: پيغمبر اسلام جي بعثت وقت حالتن جي تصوير

سڀ ڪا تعريف ان الله جي لاءِ آهي، جيڪو اول آهي ۽ ڪا به شيءِ هن کان پهرين نه آهي ۽ آخر به آهي ۽ ڪا به شيءِ هن کان پوءِ به نه آهي، ۽ هو ظاهر به آهي ۽ ڪا به شيءِ هن کان اعلى نه آهي ۽ باطن به آهي ۽ ڪا به شيءِ هن کان وڌيڪ قريب نه آهي.

ساڳي خطبي جي ذيل ۾:

رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جن جو ذڪر ڪندي فرمايائين ته:

بزرگي ۽ شرافت جي کاڻين ۽ پاڪيزگي جي جڳهين ۾ سندن مقام بهترين مقام آهي ۽ سندن وطن ۽ پيدائشگاھ بهترين وطن ۽ پيدائشگاھ آهي. سندن طرف نيڪ مانهن جون دليون جهڪايل آهن ۽ نگاهن جا رخ موڙا ويا آهن. الله تعالى سندن صدقي فتنا ٽاري ڇڏيا ۽ (عداوتن جا) شعلا وسائي ڇڏيا. ڀائرن ۾ الفت پيدا ڪيائون، ۽ جيڪي ڪفر ۾ گڏ هئا، تن کي جدا جدا ڪري ڇڏيائيون. (اسلام جي) پستي ۽ ذلت کي عزت بخشي ۽ (ڪفر جي) عزت ۽ بلندي کي ذليل ڪيائون. سندن ڪلام (شريعت جو) بيان ۽ خاموشي (حڪمن) جي زبان هئي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.