سومر, 14 آڪٽوبر 2019 - Mon 10 14 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 93: رسول صلعم جي بعثت وقت ماڻهن جي حالت

پيغمبر جن کي، ان وقت موڪليو ويو، جڏهن ماڻهو حيرت ۽ پريشاني جي عالم ۾ گمراھ هئا، ۽ فتنن ۾ هٿ چراند پيا ڪندا هئا، نفساني خواهشن هنن کي دربدر ڪري ڇڏيو هو، ۽ غرور ۾ هي ڀانڀولجي ويا هئا، ۽ ڏٽيل جاهليت هنن جي عقلن کي ضايع ڪري ڇڏيو، ۽ حالتن سببان ٽڙيل پکڙيل ۽ جهالتن جي بلائن سببان حيران ۽ پريشان هئا. جيئن ته نبي صلي الله عليه و آله وسلم جن هنن کي سمجهائڻ ۽ پنهنجو پورو حق ادا ڪيو، ۽ جيئن ته پاڻ سڌي رستي تي قائم رهيا، ۽ حڪمت ۽ دانائي ۽ چڱين نصيحتن جي طرف هنن کي سڏيندا رهيا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found