اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 92: انبياءَ و رسل جي مدح و ثناءَ

برڪت وارو آهي اهو خدا، جنهن جي ذات تائين بلند پرواز همتن جي رسائي نه آهي، ۽ نه وري عقل ۽ فهم جون طاقتون ان کي حاصل ڪري سگهن ٿيون. هو اهڙو ته اول آهي، جنهن جي لاءِ نه ڪو ابتدائي نقطو آهي، جو هو محدود ٿي وڃي ۽ نه وري ڪو هن جو آخر ئي آهي جو (اتي پهچي) ختم ٿي وڃي.

هن ئي خطبي جو حصو انبياءَ جي تعريف ۾:

هن (نبين) کي نهايت بهترين جاين ۾ رکيو ۽ نهايت بهترين ٺڪاڻن ۾ ورهايو. اهي بلند مرتبي وارن صلبن مان پاڪيزه شڪمن جي طرف منتقل ٿيندا رهيا. جڏهن انهن مان ڪو رحلت ڪرڻ وارو رحلت ڪري ويو، ته ٻيو، خدا جي دين کي کڻي اچي بيٺو، تانجو اهو الاهي شرف حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن تائين پهتو، جن کي اهڙين کاڻين (صلبن) مان پيدا ڪيو، جيڪي وڌڻ ويجهڻ جي اعتبار کان بهترين ۽ اهڙن اصلن مان جيڪي نشو و نما جي لحاظ کان نهايت با وقار هئي، بلڪ انهي شجري مان جنهن مان انبياءَ عه پيدا ڪيائين، ۽ پڻ جنهن مان پنهنجا امين منتخب فرمايائين. سندن عزت بهترين عزت ۽ قبيلو بهترين قبيلو ۽ شجرو بهترين شجرو آهي، جيڪي حرم جي سرزمين تي پيدا ٿيا ۽ بزرگي جي سائي ۾ وڌيا. جن جون شاخون دراز ۽ ميوو وَسَ کان ٻاهر آهي. پاڻ پرهيزگارن جا امام، هدايت حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ دانائي جا سرچشما آهن. پاڻ اهڙا چراغ آهن، جن جي روشني يڪ سوئي ڏي ٿي. پاڻ اهڙا ستارا آهن، جنهن مان چمڪندڙ نور نڪري ٿو. بلڪ اهڙا چقمق آهن، جنهن جي روشني نهايت خوبصورت آهي. سندن (ذاتي جوهر) سوانح حيات (حد اعتدال جي ڪمي بيشي کان بچي ڪري) سڌي راھ تي هلڻ ۽ سنت هدايت ڪرڻ آهي. سندن ڪلام، حق ۽ باطل جي فيصلي ڪرڻ وارو ۽ حڪم عين عدل آهي.

الله تعاليٰ کين ان وقت موڪليو، جڏهن رسولن جي آمد جو سلسلو روڪيل هو. بدعملي ڦهليل هئي ۽ امتن تي غفلت ڇانيل هئي.

الله تعاليٰ توهان تي رحم ڪري، روشن نشانن تي پختا ٿي عمل ڪريو. رستو بلڪل سڌو آهي، جيڪو توهان کي سلامتين واري گهر (جنت) ڏي سڏي رهيو آهي،  ۽ هاڻي به توهان اهڙي گهر ۾ آهيو، جتي توهان کي ايتري مهلت ۽ فراغت آهي، جو ان جون خوشنوديون حاصل ڪري سگهو. اڃا به موقعو اٿوَ. جيئن ته اعمال ناما کليل آهن، قلم هلي رهيا آهن، بدن تندرست ۽ توانا آهن. زبان آزاد آهي. توبھ به ٻڌي سگهجي ٿي ۽ اعمال به قبول ڪري سگهجن ٿا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found