خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 91: نهروان واري جنگ کانپوءِ

نهروان واري جنگ کان پوءِ فرمايائين ته:

اي انسانؤ! حمد و ثنا کان پوءِ واضح هجي ته مون فتني فساد ۽ شر جون اکيون ڪڍي ڇڏيون آهن، ۽ جڏهن ان جون اونداهيون (لهرن وانگر) هيٺ مٿي ٿي رهيون هيون ۽ (ڇتن ڪتن وانگر) سندس ديوانگي زور مستي تي هئي، ته مون کان سواءِ ڪنهن هڪ ۾ به جرائت نه هئي، جو هو ان ڏي وڌي. هاڻي (به موقعو آهي) جيڪي چاهيو، سو مون کان پڇو، تنهن کان اڳي جو آءُ توهان ۾ نه هجان.

ان ذات جو قسم! جنهن جي قبضهءِ قدرت ۾ منهنجي جان آهي. توهان هن وقت کان وٺي قيامت تائين جي درمياني عرصي واري جيڪا به ڳالھ مون کان پڇندو، سان آءُ ٻڌائيندس، ۽ ڪنهن به اهڙي گروھ متعلق پڇندو، جنهن سئو (ماڻهن) کي هدايت ڪئي هجي، ۽ سئو کي گمراھ ڪيو هجي، ته آءُ ان جي للڪارڻ واري ۽ ان جي اڳيان ڇڪڻ واري ۽ پٺيان ڌڪڻ واري ۽ ان جي سوارين جي منزل ۽ ان جي (ساز و سامان سان لڏيل) پلاڻن جي لهڻ واري جڳھ تائين ٻڌائيندس، ۽ اهو به ته ڪير انهن مان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪير (پنهنجي موت) مرندو، ۽ جڏهن آءُ نه هوندس ۽ نه وڻڻ واريون ڳالهيون، ۽ نهايت سخت مشڪل پيش ٿيندا ته (پوءِ ڏسجو ته) ڪيترائي پڇڻ وارا پريشانيءَ سبب ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندا، ۽ ٻڌڻ وارا عاجز ۽ مانده ٿي ويندا. اهو ان وقت ٿيندو، جڏهن توهان تي، لڙائيون اچي ڪڙڪنديون، ۽ انهن جون سختيون ظاهر ٿينديون، ۽ دنيا توهان تي اهڙي طرح تنگ ٿي ويندي، جو مصيبت وارن ڏينهن کي توهان ائين سمجهڻ لڳندو، ته اهي وڌنڌا پيا وڃن، تان جو خداوند عالم توهان جي باقي بچيل ماڻهن کي فتح ۽ ڪامراني عطا ڪندو. فتنن جي اها صورت ٿئي ٿي، ته جڏهن اهي ايندا آهن، ته اهڙي طرح اونداهي ۾ وجهي ڇڏيندا آهن (حق ۽ باطل) جو امتياز نه ٿيندو آهي ۽ جڏهن اهي واپس ٿيندا آهن، ته هوشيار ڪري وڃن ٿا، جڏهن اچن ٿا ته سڃاڻپ نٿي ٿئي، پر جڏهن واپس ٿين ٿا، تڏهن سڃاتا وڃن ٿا. اهي هوائن وانگر چڪر لڳائن ٿا، ڪنهن شهر کي پنهنجي زد ۾ آڻين ٿا، ته ڪو شهر انهن کان رهجي وڃي ٿو. منهنجي نظر ۾ سڀني فتنن کان زياده خوفناڪ توهان لاءِ بني اميّن وارو فتنو آهي، جن کي نه خود ڪجھ نظر اچي ٿو ۽ نه انهن ۾ ڪي ڪجھ سُجهي ٿو. انهن جا اثر ته سڀني سان شامل آهن، ليڪن خصوصيت سان انهن خون آفتون خاص فردن لاءِ آهن، پوءِ جيڪو انهن مان حق کي پيش نظر رکندو، تنهن تي مصيبتون اينديون. پر جيڪو اکيون بند ڪندو، سو ئي انهن کان بچندو.

خدا جو قسم! مون کان پوءِ توهان بني اميّن کي پنهنجي لاءِ بدترين حڪمران ڏسندو. اهي ته ان پوڙهي ۽ سرڪش ڏاچي وانگر آهن، جيڪا چڪ هڻندي آهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن هٿ پير هڻي پئي هلندي ڦرندي آهي، ۽ ڏهڻ واري کي لتون پئي هڻندي آهي، ۽ کير ڏيڻ کان انڪار ڪندي آهي.

هو برابر توهان جو قلعو مسمار ڪندا رهندا، تانجو فقط انهن کي ڇڏيندا، جيڪي انهن جي مفيد مطلب جا هوندا، يا (گهٽ ۾ گهٽ) انهن لاءِ نقصان رسان نه هوندا. ۽ انهن جي مصيبت اهڙي طرح پکڙيل هوندي، جو انهن کان داد خواهي اهڙي مشڪل ٿي ويندي، جيئن غلام جي پنهنجي آقا کان ۽ مريد جي پنهنجي پير کان. توهان تي انهن جو فتنو اهڙي ته هيبتناڪ صورت ۾ ايندو، جو جنهن کان توهان کي خوف پيو ٿيندو، ۽ جهالت جي زماني واريون حالتون پاڻ سان کنيو ايندو. نه ان ۾ هدايت جو منارو نصب ٿيل هوندو ۽ نه رستي ڏيکاروڻ وارو ڪو نشان نظر ايندو. اسين (اهل بيت رسول!) انهن فتنه انگيز گناهن کان بچيل هونداسون، ۽ انهن جي طرف ماڻهن کي سڏڻ ۾ اسان جو ڪو حصو يا هٿ نه هوندو. پوءِ هڪڙو ڏينهن اهڙو به ايندو، جو الله تعالى ان شخص جي ذريعي سان، جيڪو انهن کي ذلت (۽ خواري) جو مزو چکائيندو، ۽ سختيءَ سان هڪلي ۽ (موت جو) تلخ جام پيئاريندو، ۽ پڻ انهن جي اڳيان تلوار رکي، انهن ۾ خوف پيدا ڪندو. انهن کي فتنن کان اهڙي طرح جدا ڪندو، جهڙي طرح ذبح ڪيل (جانور) جي کل جدا ڪئي ويندي آهي. ان وقت قريش سموري دنيا جي عيوض ۾ اهو چاهيندا، ته هو مون کي فقط هڪ دفعو ايتري عرصي لاءِ ڏسن، جيترو وقت اٺ جي ذبح ٿيڻ ۾ لڳي ٿو، ته پوءِ جيئن آءُ ان شيءِ کي قبول ڪريان، جنهن جو اڄ به ڪجھ حصو طلب ڪرڻ جي باوجود، (هو) ڏيڻ لاءِ تيار نٿا ٿين.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found