آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 90: جڏهن ماڻهن سندس هٿ تي بيعت ڪرڻ جو ارادو ڪيو

جڏهن حضرت عثمان جي قتل کان پوءِ سندس هٿ تي بيعت ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو، تڏهن فرمايائين ته:

مون کي ڇڏي ڏيو ۽ (هن خلافت لاءِ) مون کان سواءِ ڪو ٻيو ڳوليو. اسان جي اڳيان هي هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن جا ڪيئي رخ ۽ ڪيئي رنگ آهن. جنهن کي نه دل برداشت ڪري سگهي ٿي ۽ نه عقل انهن کي مڃي سگهن ٿا. (ڏسو) عالم جي افق تي ڪارا ڪڪر ڇانئيل آهن. رستو به سڃاڻڻ ۾ نٿو اچي. توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته جيڪڏهن آءُ توهان جي هن خواهش کي مڃان به ته، پوءِ توهان کي ان راھ تي وٺي هلندس، جيڪا منهنجي علم ۾ آهي ۽ پوءِ ان متعلق ڪنهن به چوڻ واري جي ڳالھ ۽ ڪنهن به ملامت ڪرڻ واري جي تنبيھ تي ڪَنُ نه ڏيندس ۽ پوءِ جيڪڏهن توهان منهنجو پيڇو ڇڏي ڏنو ته پوءِ جهڙا توهين آهيو، تهڙو مان به آهيان ۽ ٿي سگهي ٿو ته جنهن کي توهان پنهنجو امير بنايو، تنهن جي آءُ توهان کان زياده ٻڌان ۽ مڃان ۽ منهنجو (توهان جي دنيوي فائدي جي لاءِ) امير ٿيڻ کان وزير ٿيڻ بهتر آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found