آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 89: خطبه اشباح

(امير المومنين جو بهترين ۽ مشهور خطبو)

هيءُ خطبو ”خطبه اشباح“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ هن کي جليل ترين خطبات مان شمار ڪيو وڃي ٿو. اصل حقيقت هيءَ آهي ته ڪنهن شخص حضرت امير عليه السلام کي عرض ڪيو ته توهان الله تعاليٰ جي اهڙي طرح تعريف بيان ڪري ٻڌايو، جو گويا ائين معلوم ٿئي ته اسين ان کي ڏسي رهيا آهيون، جنهن تي حضرت غضبناڪ ٿي فرمايو ته:

سڀڪا تعريف ان الله تعاليٰ جي لاءِ آهي جيڪو فيض ۽ عنايتن جي روڪڻ سان مالدار نٿو ٿئي ۽ سخاوت ۽ عطا ڪرڻ سان ڪڏهن به ڪمزور ۽ لاچار نٿو ٿئي. ان ڪري جو هن کان سواءِ ٻئي هر ڪنهن ڏيندڙ وٽ خيرات ۽ فياضي ڪرڻ سبب ڪمي ٿئي ٿي ۽ هٿ روڪڻ تي ان کي برو سمجهيو وڃي ٿو. هو فائدي بخشڻ وارين نعمتن ۽ عطين جي گهڻائي(۽ رزقن  جي تقسيم) سان احسان مند بنائڻ وارو آهي. سموري مخلوق سندس ڪنبو (عيال) آهي. هي سڀني جي رزق جو ذمو کنيو آهي ۽ سڀني جي روزي مقرر ڪري ڇڏي اٿس. هن پنهنجي سائلن ۽ نعمتن جي طلبگارن لاءِ رستو کولي ڇڏيو آهي. هو نه گهرڻ واري تي به ايترو ڪريم آهي جيترو گهرڻ واري تي. هو اهڙو اول آهي جنهن کان ڪوبه پهرين نه آهي. يا جنهن کان پهرين ڪا شيءِ موجود هجي ۽ اهڙو ته آخر آهي جنهن لاءِ بعد آهي ئي ڪانه. جنهن کان پوءِ به ڪنهن شيءِ جو فرض ڪري سگهجي. هو اکين جي ماڻڪين کي (پري کان ئي) روڪڻ وارو آهي ته متان اهي کيس حاصل ڪري سگهن يا سندس حقيقت معلوم ڪري سگهن. هن تي زماني جا مختلف دور نٿا گذرن ته جيئن ان جي حالتن ۾ ڪابه تبديلي ۽ بدلجڻ پيدا ٿئي. هو ڪهڙي به جاءِ تي نه آهي جو هن جو اچڻ وڃڻ صحيح ٿي سگهي. جيڪڏهن هو سون ۽ چانڊي جهڙن نفيس ڌاتن، جن کي جبلن جون کاڻيون، (وڏا وڏا) ساھ کڻي اڇلائن ٿيون ۽ پکڙيل موتي ۽ مرجان جون وڍيل شاخون جن کي سمنڊ جون سپون کلندي ڪڏندي اوڳاڇين ٿيون، سي بخشي ڇڏي، ته سندس بخشش ۽ سخاوت تي ڪوبه اثر نٿو پوي ۽ نه سندس دولت ائين ڪرڻ سان ڪا ختم ٿي سگهي ٿي. پوءِ به ان هوندي به وٽس انعامن اڪرامن جا ايترا ته ذخيرا موجود رهندا جن کي ماڻهن جي طلب ختم ڪري نه سگهندي. ان ڪري جو هو اهڙو ته فياض آهي جنهن کي سوالن جو پورو ڪرڻ مفلس نٿو بڻائي سگهي ۽ هن کي ٻاڏائي، عاجزيون ڪندڙن جون حد کان وڌيڪ التجائون به بخل تي آماده نٿيون ڪري سگهن. اي (الله جي صفتن کي) پڇڻ وارؤ، ڏسو! ته جن صفتن بابت توهان کي قرآن ڏس ڏنو آهي (تنهن ۾) توهين ان جي پيروي ڪريو ۽ ان جي هدايت واري نور کان روشن عمل ڪندا رهو ۽ جيڪي ڳالهيون قرآن مطابق واجب نه آهن ۽ نه وري سنت پيغمبر ۽ آئمه هديٰ ۾ انهن جو ڪو نالو نشان آهي ۽ فقط شيطان ئي انهن جي ڄاڻڻ جي توهان کي زحمت ڏني آهي ته ان جو علم الله وٽ ئي رهڻ ڏيو ۽ اها ئي توهان تي الله جي حق جي آخري حد آهي. ۽ هن ڳالھ کي ياد رکو ته علم ۾ راسخ ۽ مضبوط ماڻهو اُهي ئي آهن جيڪي غيب جي پردن ۾ لڪل سڀني ڳالهين جو اجمالي طور تي اقرار ڪن ٿا (۽ انهن تي اعتقاد رکن ٿا) جيتوڻيڪ انهن جو تفصيل ۽ تفسير نٿا ڄاڻن ۽ اهو ئي اقرار انهن کي غيب تي پيل پردن ۾ داخل ٿيڻ کان بي نياز بڻائي ٿو ۽ الله ان ڳالھ تي انهن جي تعريف ڪئي آهي ته جيڪا شيءِ انهن جي علم جي دائري کان ٻاهر آهي ان تائين پهچڻ کان پنهنجي ڪمزوري جو اقرار ڪن ٿا ۽ الله تعاليٰ جنهن ڳالھ جي حقيقت کان بحث ڪرڻ جي تڪليف نه ڏني آهي تنهن ۾ غور ڪرڻ وارين ڪوششن کي ترڪ ڪرڻ جو نالو ئي ”رسوخ“ رکيو آهي. بهر نوع بس! انهي تي ئي ڪفايت ڪريو ۽ پنهنجي عقل (۽ معمولي ڄاڻ) جي پيماني مطابق الله جي عظمت ۽ شان کي محدود نه بنايو ورنه توهان جو شمار هلاڪ ٿيڻ وارن ۾ ٿيندو.

هو اهڙو قادر آهي جو جڏهن به ان جي قدرت جي انتها معلوم ڪرڻ لاءِ وهم يا گمان پنهنجا تير هلائي ٿو ۽ فڪر هر طرح جي وسوسن جي سوچ ويچار کان آزاد ٿي، ان جي حڪومت واري پادشاهي جي اونهن رازن کان آگاھ ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو ۽ دليون ان جي صفتن جي ڪيفيتن سمجھڻ لاءِ شوق سان ڊڪن ٿيون ۽ ذاتِ الاهي کي ڄاڻڻ لاءِ عقلن جي تلاش ۽ ڳولا واريون راهون بيان جي حد کان گهڻو پري تائين هليون ويون هجن ته پوءِ الله تعاليٰ ان وقت جڏهن اهي غيب جي اونداهين وارن کڏن ۽ غارن کي عبور ڪري رهيون هجن تڏهن انهن سڀني کي (ناڪاميابين سان) موٽائي واپس ٿو ڪري. نيٺ جڏهن اهي ڌِڪو کائي موٽن ٿا ته انهن کي اهو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته اهڙي آوارگي، بد چلني سان هن جي معرفت جي ڳولا، ڪا خبر يا نشان بابت ڪجھ به نٿو ڪري سگهجي ۽ نه وري فڪر ڪندڙن جي دلين ۾ هن جي عزت، شان شوڪت ۽ جلال بابت ذري جيترو به شڪ يا گمان اچي سگهي ٿو. هو اهو ئي آهي جنهن مخلوقات کي ايجاد ڪيو بغير ان جي ڪو ٻيو مثال پنهنجي سامهون رکيائين ۽ سواءِ ان جي ته پاڻ کان پهرين ڪنهن ٻئي خالق ۽ معبود جي بنايل شين جو خاڪو يا نقل اتاريو هجيس. هن پنهنجي قدرت جي بادشاهت ۽ انهن عجيب و غريب شين جي وسيلي سان جن مان سندس حڪمت ۽ دانائيءَ جا آثار (گويا) پنهنجي زبان سان ٻڌائي رهيا آهن ۽ مخلوق جي ان اعتراف سان ته هو پنهنجي رڪجڻ ۽ ترسڻ ۾ الله تعاليٰ جي ئي سهاري جو محتاج آهي. اسان کي اُهي شيون پڻ ڏيکاريون اٿس، جن زبردستي، جبر سان دليل قائم ٿيڻ جي دٻاءُ سان، سندس معرفت جي طرف اسان جي رهنمائي ڪئي آهي ۽ سندس پيدا ڪيل عجيب و غريب شين ۾ سندس صنعت جا نقش و نگار ۽ حڪمت جون نشانيون ۽ آثار کليل ۽ ظاهر آهن. اهڙي طرح هر مخلوق سندس هڪ حجت ۽ ثابتي بڻجي وئي آهي. چاهي اها خاموش مخلوق ڇو نه هجي. پر الله جي تدبير ۽ ڪار سازيءَ جو هڪ ٻوليندڙ دليل آهي ۽ صانع جي هستي طرف سندس رهنمائي ثابت ۽ برقرار آهي.

آءُ گواهي ڏيان ٿو ته جنهن توکي تنهنجي ئي مخلوق مان، ان جي عضون جي ڌار ڌار ٿيڻ ۽ تنهنجي حڪمت جي ڪارسازين سان گوشت ۽ کل ۾ ڍڪيل، ان جي سنڌن جي جوڙن جي ملڻ سان تشبيھ ڏني، تنهن پنهنجي لڪل ضمير کي تنهنجي معرفت سان وابسته نه ڪيو ۽ ان جي دل کي اهو يقين ڇهي به نه سگهيو ته تنهنجو ڪو به شريڪ نه آهي. گويا هن (شخص) پنهنجي پيروي ڪندڙ جو اهو قول نه ٻڌو، جيڪي پنهنجي مرشدن کان بيزار ٿيندي ائين چوندا ته ”خدا جو قسم“ ته اسين ته بلڪل هڪ کليل گمراهي ۾ هئاسون. جڏهن توهان کي اسين ساري جهان جي پالڻهار جي برابر ڄاڻندا هئاسون. اهي ماڻهو ڪوڙا آهن جيڪي توکي ٻين جي برابر سمجهي پنهنجن بتن سان تشبيھ ڏين ٿا ۽ پنهنجي گمان ۾ توتي مخلوقات واريون صفتون ٿا مڙهين ۽ پنهنجي خيال ۾ اهري طرح تنهنجا حصا تقسيم ڪن ٿا جهڙي طرح مجسم شين جا سنڌ ڌار ڌار ڪيا وڃن ٿا ۽ پنهنجن عقلن جي سمجھ مطابق، توکي جدا جدا قوتن واري مخلوقات تي تصور ڪن ٿا.

(اي خدا) آءُ شاهدي ٿو ڏيان ته جنهن توکي تنهنجي مخلوق مان ڪنهن ٻئي جي برابر ڄاتو تنهن تنهنجو همسر بنائي ورتو ۽ تنهنجو همسر بنائڻ وارو تنهنجي ڪتاب جي مضبوط آيتن جي مضمونن ۽ انهن جي حقيقتن جو جن کي تنهنجي طرفان روشن دليل ظاهر ڪري رهيا آهن، سو منڪر آهي. تون اهو الله آهين جو عقلن جي دائري ۾ اچي نٿو سگهين. (جيڪو هنن جي) سوچ ۽ ويچار جي چپيٽ ۾ اچي، ڪيفيتن کي قبول ڪري ۽ نه انهن جي غور ۽ فڪر جي ڊوڙن ڊڪن ۾ تون سمائجي ٿو سگهين؟ جو تون محدود ٿي، هنن جي فڪري دست اندازي جو پابند بڻجي سگهين.

هن ئي خطبي جو هڪ حصو هيءُ به آهي:

هن جيڪي به شيون پيدا ڪيون آهن تن جو هڪ طريقو ۽ ڍنگ رکيائين، جيڪو مضبوط ۽ پڪو آهي ۽ انهن جو انتظام به ڪيائين جيڪو عمدو ۽ پاڪيزه آهي ۽ انهن کي پنهنجن جاين تي اهڙي طرح لڳائين جو نه اهي پنهنجي آخري منزل جي حدن کان اڳتي وڌن ٿيون ۽ نه وري آخري منزل تائين پهچڻ ۾ ڪوتاهي ڪن ٿيون. جڏهن انهن کي الله جي ارادي تي هلڻ جو حڪم ڪيو ويو تڏهن انهن سرڪشي نه ڪئي ۽ اهي ڀلا ائين ڪري ڪيئن ٿي سگهيون؟ جڏهن ته سموريون ڳالهيون سندس ئي مرضي ۽ ارادي سان جاري ٿيون آهن. هو رنگارنگي شين جو ايجاد ڪندڙ آهي. هو سواءِ ڪنهن سوچ ويچار جي ڪنهن طرف ڌيان ۽ لاڙي رکڻ جي ۽ سواءِ طبيعت جي ڪنهن ڊوڙ ڊڪ جي جنهن کي دل ۾ لڪايو هجيس ۽ سواءِ ڪنهن تجربي جي جيڪو زماني جي حادثن سان حاصل ڪيو هجيس ۽ سواءِ ڪنهن شريڪ ٿيڻ واري جي جيڪو انهن عجيب قسم جي شين ايجاد ڪرڻ ۾ سندس مددگار رهيو هجي. بهرنوع مخلوق بڻجي مڪمل ٿي وئي ۽ هن (مخلوقات) الله تعاليٰ جي تابعداري ۾ سرن کي جهڪايو ۽ (يڪدم) هن جي سڏ تي لبيڪ چئي اڳتي وڌي. نه ڪنهن دير ڪرڻ جهڙي سست رفتاري هئي ۽ نه ڪنهن حيلي بهاني ڪرڻ جهڙي سستي ۽ ڍرائپ وچ ۾ اٽڪاءُ هجي. هن انهن شين جي ڏنگ کي سڌو ڪيو ۽ انهن جون حدون مقرر ڪيائين ۽ پوءِ پنهنجي قدرت سان انهن متضاد شين ۾ ساڳين رنگن سان، هڪجهڙائي پيدا ڪئي ۽ نفسن جا رشتا (بدنن سان) جوڙيا ۽ پوءِ انهن کي مختلف جنسن ۾ ورهايائين جيڪي پنهنجي پنهنجي حدن، اندازن، طبيعتن ۽ صورتن ۾ جدا جدا آهن. هي نئين ايجاد ٿيل مخلوق آهي جنهن جي ساخت هن مضبوط ڪئي آهي ۽ پنهنجي مرضي مطابق ان کي بنايائين ۽ ايجاد ڪيائين.

هن خطبي جو هي به هڪ حصو آهي، جيڪو آسمان جي وصف ۾ آهي:

هن بغير ڪنهن (ٻئي شيءِ سان) ملائڻ جي ان جي شگافن جي هيٺاهين ۽ مٿاهين کي مرتب ڪيو ۽ ان جي چيرن ۽ شگافن ۽ ويڪراين کي ملائي ڇڏيائين ۽ انهن کي هڪٻئي سان ملائي قابو ڪيائين ۽ سندس حڪمن کي کڻي هيٺ لهڻ وارن (ملائڪن) ۽ خلق جي عملن کي کڻي مٿي چڙهڻ وارن جي لاءِ ان جي بلندين جي دشوارين کي آسان ڪري ڇڏيو. اڃا آسمان دونهين جي شڪلين ۾ ئي هئا ته الله تعاليٰ کين سڏيو ته (يڪدم) سندن تسمن جا رشتا پاڻ ۾ ملي ويا. هن سندن بند دروازن کي ٻڌل هئڻ کان پوءِ کولي ڇڏيو ۽ انهن جي سوراخن تي ٽٽندڙ تارن جا نگهبان بيهاري ڇڏيا ۽ کين پنهنجي زور سان روڪي ڇڏيائين ته جيئن اهي هوا جي گهراين ۾ هيڏي هوڏي نه ٿي وڃن ۽ انهن کي مقرر ڪيائين ته اهي سندس حڪم جي سامهون سر جهڪائي پنهنجي مرڪز تي موجود رهن. هن، آسمان جي سج کي ڏينهن جي روشن نشاني ۽ چنڊ کي رات جي چانڊوڪي (منهن اونداهي) ڏئي مقرر ڪيو ۽ انهن کي پنهنجن منزلن تي هلايائين ۽ انهن جي هلڻ وارن هنڌن ۾ انهن جي رفتار مقرر ڪيائين ته جيئن انهن جي ذريعي رات ۽ ڏينهن ۾ سڃاڻپ ٿي سگهي ۽ انهن جي مدد سان سالن جي ڳڻپ ۽ (ٻيا) حساب ڄاڻي سگهجن ۽ پوءِ  هن آسماني فضا ۾ ان آسمان کي ٽنگيل بيهاريو جنهن ۾ سندس سينگار لاءِ ننڍن ننڍن موتين جهڙن تارن ۽ چراغن وانگر چمڪندڙ ستارن کي آويزان ڪيو ۽ لڪي ڇُپي ڪن ڏيڻ وارن تي ٽٽندڙ تارن جا تير هلائي ۽ تارن کي پنهنجي جبر ۽ قهر سان سندن جڳهين تي لڳايائين ته جيئن ڪو ثابت رهي ڪو بيٺل رهي ته ڪو هلندڙ، ڪڏهن چڙهي ته ڪڏهن لهي، پڻ ڪنهن ۾ نحوست هجي ته ڪنهن ۾ سعادت.

هن خطبي جو هي به هڪ حصو فرشتن جي باري ۾ آهي:

اما بعد، الله سبحانه پنهنجي آسمانن ۾ رهائڻ ۽ پنهنجي مملڪت جي بلند طبقن کي آباد ڪرڻ لاءِ فرشتن جي عجيب و غريب مخلوق پيدا ڪئي. انهن سان آسمانن جي وسيع رستن جي ڪنڊن ڪڙڇن کي ڀري ڇڏيو ۽ ان جي فضا جي ويڪرائين جون سموريون ڪنڊون ڀري ڇڏيائين ۽ پڻ انهن موڪرن طرفن جي ويڪرائين ۾ تسبيح ڪرڻ وارن فرشتن جا آواز، قدس ۽ پاڪيزگي جي چئن ديوارين ۽ عظمت جي عميق پردن ۽ بزرگي و جلال جي شاهي قناتن ۾ پيا گجن ۽ انهن زور وارن پڙاڏن جي پٺيان جنهن کان ڪن ٻوڙا ٿي وڃن ٿا، (اتي) نور جي تجلين جي ايتري ته ڪثرت آهي جيڪي نگاهن کي پاڻ تائين پهچڻ کان روڪي ٿيون ڇڏين. جنهن ڪري اهي نا اميد ۽ نامراد ٿي پنهنجن جاين تي بيهي ٿيون رهن. خدا انهن (فرشتن) کي جدا جدا صورتن ۽ الڳ الڳ نمونن ۾ پيدا ڪيو آهي، انهن کي کنڀ ۽ پر به آهن ۽ اهي الله جي جلال ۽ عزت جي تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ مخلوق ۾ جيڪي به انهن جون صنعتون روشن ٿيون آهن، تن کي پاڻ ڏي منسوب نٿا ڪن ۽ اها به دعويٰ ٿا ڪن ته هو ڪنهن به اهڙي شيءِ کي پيدا ڪري نٿا سگهن، جنهن جي پيدا ڪرڻ ۾ هو (الله) اڪيلو ۽ يڪتا آهي، بلڪ هو ته سندس معزز بندا آهن. جيڪي ڪهڙي به ڳالھ جي ڪرڻ ۾ ان کان واڌارو نٿا ڪري سگهن ۽ هو سندس چوڻ تي ئي ٿا هلن. الله تعاليٰ انهن کي اتي پنهنجي وحي جو امانتدار ۽ پنهنجي امرن ۽ نهي جي امامت جو حامل بنائي، رسولن جي طرف موڪليو آهي. شڪ ۽ شبهات جي خوفن کان انهن کي پڻ محفوظ رکيو آهي ته پوءِ هاڻي انهن مان ڪوبه سندس مرضيءَ جي راھ کان پري ٿيڻ وارو نه آهي ۽ هن پنهنجي طاقت ۽ مدد سان سندس حمايت ڪئي، پڻ خضوع ۽ خشوع جي عاجزي سان انهن جي دلين کي ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ تسبيح ۽ تقديس جي سهوليتن جا دروازا انهن جي لاءِ کولي ڇڏيا اٿس ۽ پنهنجي توحيد جي نشانن تي انهن لاءِ روشن منارا نصب ڪيا آهن. نه گناهن جي ڳري بار انهن کي جُهڪايو آهي نه رات ڏينهن جي ڦيرن انهن تي (سواري لاءِ) پلاڻ وڌا آهن ۽ نه وري شڪن ۽ گمانن انهن جي ايمان جي پختائي تي تير هلايا آهن ۽ نه انهن جي يقين جي پختگين تي وهمن ۽ گمانن وار ڪيا آهن ۽ نه وري انهن جي وچ ۾ ڪڏهن ڪيني ۽ حسد جون چڻنگون دکيون آهن ۽ نه حيراني ۽ موڳائپ انهن جي دلين ۾ سمايل معرفت کي ۽ انهن جي سينن تي تهن ۾ ڄميل خدائي عظمت ۽ جلال الاهي جي هيبت کي، کسي سگهيون آهن نه ڪڏهن وسوسن انهن تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا آهن ته متان انهن جي فڪرن کي زنگ ۽ ڪٽ سان ميرو يا گندو ڪن. انهن ۾ ڪجھ اهي به آهن جيڪي الله جي پيدا ڪيل ڳرن ڪڪرن ۽ وڏن پهاڙن جي بلندين ۽ اوندھ انڌوڪار جي سياھ اونداهين جي صورتن ۾ آهن ۽ انهن ۾ ڪجھ اُهي به آهن جن جا قدم تحت الثريٰ جي حدن کي چيري نڪري ويا آهن. اهي سفيد جهنڊن وانگر آهن جيڪي فضا جي ويڪرائين کي چيريندي اڳتي وڌي ويا آهن. ۽ انهن جهنڊن بيرقن جي آخري ڇيڙن تائين هلڪي هوا لڳي رهي آهي جيڪا انهن کي روڪي بيٺي آهي.

انهن فرشتن کي عبادت جي مشغولين هر ڳالھ کان بيفڪر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايمان جي سخت عقيدن انهن کي الله جي معرفت جو وسيلو بنايو آهي. پڻ يقين ڪامل ٻين ڳالهين کان کين پري ڪري، فقط ان ذات سان ئي لنئون لڳائي ڇڏي آهي. الله جي طرف جي نعمتن کان سواءِ ڪنهن به ٻئي غير جي عطا ۽ انعام جي انهن کي خواهش ئي نٿي ٿئي. هنن معرفت جا مٺا مزا چکيا آهن ۽ هن (الله) جي محبت جي سيراب ڪرڻ واري جام سان سرشار آهن. انهن جي دلين جي تهن ۾ الله تعاليٰ جو خوف مضبوط پاڙون هڻي چڪو آهي. هنن طويل عبادتن سببان پنهنجون چيلهون ڏنگيون ڪري ڇڏيون آهن ۽ سمورو وقت هن (الله) جي طلب ۾ لڳي رهڻ جي باوجود انهن جي آھ و زاري ۽ عاجزي جا ذخيرا ختم نٿا ٿين. الاهي قرب جي بلندين جي باوجود خوف ۽ عاجزي جا ڦندا هنن (جي گلي) تان نٿا لهن. نه هنن ۾ ڪڏهن خود پسندي پيدا ٿي آهي جو هو پنهنجن گذريل اعمالن کي زياده خيال ۾ ڪرڻ لڳن ۽ نه وري پروردگار جي جلال جي سامهون هنن جي عجز ۽ انڪساري، ڪو اهڙو موقعو پيدا ٿيڻ ڏنو آهي جو هو پنهنجي نيڪين کي اعليٰ ڪري سمجهن. انهن ۾ مسلسل رنج ۽ ڏک سهڻ جي باوجود سستي نٿي اچي ۽ نه وري انهن جي طلب ۽ شوق يا خواهش ۾ ڪڏهن ڪا ڪمي پيدا ٿي آهي، جو پوءِ هو پنهنجي پالڻهار جي آسن اميدن کان سرڪشي ڪن ۽ نه مسلسل مناجاتن ڪرڻ سان انهن جي زبانن جون نوڪون خشڪ ٿين ٿيون ۽ نه وري ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته اهي ٻين شغلن سببان زاري ۽ عاجزي ڪندڙ پنهنجي آوازن کي هلڪو يا جهڪو ڪن ۽ نه عبادت جي صفن ۾ انهن جا ڪلها اڳي پوءِ ٿا ٿين ۽ نه اهي آرام ۽ راحت جي ڪاڻ الله تعاليٰ جي حڪمن جي تعميل ۾ ڪوتاهي ڪري، پنهنجي گردنن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪن ٿا ۽ نه انهن جي ڪوشش جي ارادن تي غفلت جون نادانيون چڙهت ڪن ٿيون ۽ نه انهن جي (بلند) همتن ۾ فريب ڏيڻ وارن وسوسن جو ڪم گذر ٿئي ٿو. انهن ضرورت (احتياج) واري ڏينهن لاءِ عرش جي صاحب (الله) کي پنهنجو ذخيرو (خزانو) بنائي رکيو آهي ۽ جڏهن ٻيا ماڻهو مخلوقات جي طرف پنهنجي خواهشن کي کڻي وڌن ٿا ته پوءِ بس انهن سان ئي لنئون لڳائن ٿا. هو انهن جي عبادت جي انتها تائين نٿا پهچي سگهن. هنن کي عبادت جو عاشقانه انداز سان شوق (ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃڻ جي بجاءِ) هنن کي دلي اميد ۽ خوف جي انهن سر چشمن ڏي وٺي وڃي ٿو جن جا چشما ڪڏهن به بند نٿا ٿين، انهن لاءِ خوف ڪرڻ جا سبب ختم نٿا ٿين، جو هو پنهنجي ڪوششن ۾ سستي ڪن ۽ نه وري دنيا جي طمعداري ڪو هنن کي سوگهو ڪري رکيو آهي ته دنيا لاءِ وقتي ڪوششن کي پنهنجي ان جدو جهد تي ترجيح ڏين ۽ نه هنن پنهنجي سابقه اعمالن کي ڪڏهن ڪو اعليٰ سمجهيو آهي. جيڪڏهن اعليٰ سمجهن ها ته پوءِ سندن اميدون خدا جي خوف جي انديشن کي انهن ( جي دل جي صفحي) تان هٽائي ڇڏين ها ۽ نه وري شيطان جي ورغلائڻ سان انهن ۾ پنهنجي پروردگار جي متعلق ڪڏهن ڪو اختلاف پيدا ٿيو ۽ نه هڪٻئي سان نفاق سبب ڪو پاڻ ۾ ڌار ڌار ٿيا ۽ نه پاڻ ۾ حسد رکڻ جي سبب انهن جي دلين ۾ ڪينو ۽ بغض پيدا ٿيو ۽ نه شڪ شبهن ۾ پوڻ سببان هيڏانهن هوڏانهن ٿيا ۽ نه ڪڏهن بزدل ڊڄڻن هنن تي قبضو ڪيو. هو ايمان جا پابند آهن. هنن کي سندن ٻنڌڻن سان ٽيڙهائپ، سرڪشي، سستي يا ڪاهلي ڪڏهن نه ڇڏايو. آسمان جي سطح تي گل جي برابر به ڪو اهڙو هنڌ نه آهي جتي ڪنهن سجدي ڪرڻ وارو فرشتو يا تيزي سان ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ وارو ملڪ نه هجي. پروردگار جي اطاعت وڌڻ سان انهن جي علم ۾ واڌارو ئي ٿيندو رهي ٿو ۽ انهن جي دلين ۾ هن (الله) جي عزت ۽ عظمت ۽ جلالت وڌندي رهي ٿي.

هن خطبي جو هڪ حصو هي به آهي، جنهن ۾ زمين ۽ ان کي پاڻيءَ تي وڇائڻ جي ڪيفيت بيان فرمايل آهي:

(الله تعاليٰ) زمين کي هيٺ (تھ و بالا) مٿي ڪرڻ وارين هيبتناڪ لهرن ۽ ڀرپور سمنڊن جي نهايت گهراين جي مٿان ڍڪي ڇڏيو، جتي موجون موجن سان ٽڪرائجي، ڇولين جا ڌڪ کائي پوءِ لهرون لهرن کي ڌکي، گجگوڙ واري آواز سان اٿنديون هيون ۽ اهڙي طرح گِجي (پاڻي) مان نڪرندي هئي، جهڙي طرح مستي ۽ جوش جي عالم ۾ نر اُٺ، بهرنوع اهڙي موجزن پاڻي جي گهڻائي ۽ اٿل ڦٿل زمين جي ڳري وزن جي دٻاءُ گهٽ ٿي وئي.

جڏهن ان (زمين) پنهنجو سينو انهن جي مٿان رکي انهن کي دٻايو، تڏهن ان جو سارو جوش ختم ٿي ويو ۽ جڏهن زمين پنهنجا ڪلها مستحڪم ڪري انهن تي اچي پئي تڏهن ذلتن ۽ خوارين سان (اهو پاڻي) قبضي ۾ ٿي ويو. جتي به اهي موجون لڳي رهيون هيون. اتي هي عاجز ۽ بيوس ٿي ٿمجي ويون. ان بعد ذلت جي لغامن ۾ قيد ٿي تابعدار ٿيون ۽ زمين ان طوفان خيز پاڻي جي گهراين ۾ پنهنجو دامن ڦهلائي بيهي رهي. سندس سرڪش غرور ۽ تڪبر سان منهن مٿي ڪرڻ ۽ وهڪڙي ۾ سر بلندي ۽ فوقيت ڏيکارڻ جو خاتمون ٿي ويو ۽ سندس رواني جي زيادتي تي اهڙا بند ٻڌائين جو اهو اٿلڻ ۽ ڪڏهن کان پوءِ بلڪل (بي دم) ٿي ويهي رهيو ۽ اٿڻ اڀرڻ واريون سر مستيون ڏيکاري بيهي رهيو. جڏهن سندس ڪنارن جي هيٺان پاڻي جي اٿل جو زور شور ماٺ ۾ اچي ويو ۽ سندس ڪلهن تي وڏن وڏن ۽ نهايت موڪرن جبلن جو بار پيو تڏهن (الله) هن جي نڪ جي ناسن مان پاڻي جا چشما جاري ڪيا. جن کي دور دراز جھنگلن ۽ کوٽيل کڏن ۾ ڦهلائي ڇڏيو ۽ پٿرن جي مضبوطي، ٽڪرين ۽ بلند چوٽين وارن جبلن سان ان جي حرڪت ۾ برابري پيدا ڪئي. بهر نوع هن جي بالائي حصن جي مختلف ڀاڱن ۾ جبلن جي ٻڏي وڃڻ ۽ انهن جي گهرائين جي تهن ۾ گهڙي وڃڻ ۽ ان جي هموار حصن جي بلندين ۽ ننڍين سطحن تي سوار ٿي وڃڻ جي سببان ان جي ڏڪڻي ويندي رهي ۽ الله تعاليٰ زمين کان وٺي وسيع فضا تائين پکيڙ ۽ ويڪرائي رکي. ۽ ان ۾ رهڻ وارن جي ساھ کڻڻ لاءِ هوا موجود ڪئي ۽ ان ۾ رهندڙ کي سندن سمورين ضرورتن سان رهايو پوءِ هن پوٺي ۽ صاف ميدان وارين زمينن کي جن جي بلندين تائين نه چشمن جو پاڻي پهچي ٿي سگهيو ۽ نه وري نهرن جي واهن جو اوستائين پهچڻ جو ڪو ذريعو هو پر انهن کي به ائين ڇڏي نه ڏنائين، بلڪ انهن لاءِ هوا تي هلندڙ ڪارا ڪڪر پيدا ڪيائين جيڪي مرده زمين ۾ زندگي جون ڇوليون ۽ موجون ڊوڙائين ٿا ۽ ان مان گاھ ۽ ساوڪ اڀارين ٿا تن ڪڪرن جا جدا جدا ٿيل ٽڪر ۽ جدا پکڙيل بادل هڪ هنڌ ڪري، گهيرو ڪندڙ بادل بنايائين ۽ جڏهن انهن ۾ اندر پاڻي جا ذخيرا حرڪت ۾ آيا ۽ انهن ڪارن ڪڪرن جي ڪنارن ۾ بجليون (وڄ) تڙڦڻ لڳيون ۽ بجلي جي چمڪ اڇن ڪڪرن جي تهن ۽ گهاٽن ڪڪرن ۾ سانده چمڪندي رهي تڏهن الله انهن کي زور سان وسڻ لاءِ موڪليو.

اهڙيءَ طرح جو ان پاڻي سان ڀريل حصا زمين تي لامارا ڏئي رهيا هئا ۽ ڏکڻ جون هوائون انهن مان رکي رکي وسڻ وارو مينهن وسائي رهيون هيون. جڏهن بادلن پنهنجو سينو هٿن پيرن سميت زمين تي رکيو ۽ پاڻي جو سمورو بار ان تي اڇليو تڏهن الله تعاليٰ ان غير آباد زمين مان سر سبز پوکون پيدا ڪيون. خشڪ پهاڙن تي سر سبز ساوڪ پکيڙيائين ، زمين به پنهنجي ساون سلن سان سينگار جي خوش ٿي جهولڻ لڳي ۽ انهي سبز پوشاڪ سان جيڪا کيس ڍڪائي وئي هئي ۽ انهن شاداب مکڙين جي زيورن سان جيڪي ان کي پارايا ويا هئا، تن تي ٻهڪڻ لڳي.

الله تعاليٰ انهن شين کي ماڻهن جي زندگي جو وسيلو ۽ چوپائي مال جو رزق مقرر ڪيو آهي ۽ انهي زمين جي طرفن ۾ ڪشادا رستا ڪڍيا آهن ۽ انهن شاهراهن تي هلڻ وارن لاءِ روشني جا منارا نصب ڪيا آهن. جڏهن الله تعاليٰ زمين جو فرش وڇايو ۽ پنهنجو ڪم پورو ڪيو تڏهن آدم عليه السلام کي ٻي مخلوق جي مقابلي ۾ برگزيده ٿيڻ سببان منتخب ڪيو ۽ ان کي انساني نوع جو پهريون فرد مقرر ڪيائين ۽ ان کي پنهنجي جنت ۾ رهايائين جتي پنهنجي سخا سان ان جي کائڻ پيئڻ جو انتظام ڪيائين ۽ جنهن کان منع ڪرڻي هيس تنهن کان پهريائين خبردار ڪيائينس، بلڪ ٻڌايائينس ته ان جي طرف قدم وڌائڻ ۾ حڪم جي انحرافي جو گندو سامان آهي ۽ پنهنجي مرتبي کي خطري ۾ وجھڻو آهي، پر جنهن شيءِ کان (آدم) کي منع ڪيل هئي تنهن ڏي رخ ڪيائين ڄڻ ته شروع ۾ ئي ان بابت کي خبر هئي. بهر حال توبھ کان پوءِ ان کي جنت مان هيٺ لاٿو ويو ته جيئن پنهنجي زمين کي پنهنجي اولاد سان آباد ڪري ۽ ان جي ذريعي سان (الله) جي بندن تي حجت پيش ڪري. الله تعاليٰ آدم کي کڻي وٺڻ کان پوءِ به پنهنجي مخلوق کي اهڙين شين کان خالي نه رکيو جيڪي سندس ربوبيت جي دليلن کي مضبوط ڪنديون رهن ۽ بندن لاءِ معرفت جو سبب ٿينديون رهن ۽ هڪ ٻئي پٺيان هر دؤر ۾ الله پنهنجي برگزيدن نبين ۽ رسالت جي امينن جي زبانن سان حجت جي سڃاڻڻ جو نئين سر انتظام ڪندو رهيو، تانجو اسان جي نبي محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي وسيلي اها حجت ( چڱي طرح) پوري ٿي وئي. پڻ حجت پوري ڪرڻ ۽ ڊيڄارڻ پنهنجي آخري نقطي تي پهچي ويو. هن رزق مقرر ڪري ڇڏيا آهن. (ڪنهن جي لاءِ) زياده ۽ (ڪنهن جي لاءِ) گهٽ ۽ پنهنجي تقسيم ۾ ڪٿي تنگي رکي اٿس ۽ ڪٿي فراخي، جيڪا بلڪل عدل جي مطابق هئي. اهڙيءَ طرح هن جنهن جنهن نموني چاهيو، امتحان ورتو آهي. رزق جي آساني يا دشواري سان دولتمند ۽ فقير جي شڪر ۽ صبر کي پرکيو آهي. وري ان رزق جي فراخي سان گڏ فقر ۽ فاقه جا خطرا ۽ ان جي سلامتين ۾ نت نئين سر آفتن جا خوف ۽ فراخي ۽ وسعت جي شادمانين سان غم ۽ غصي جا نڙي گهٽيندڙ ڦندا به هڻي ڇڏيا آهن. هن زندگي جي مدت مقرر ڪري ڇڏي آهي ڪنهن کي زياده ڪنهن کي گهٽ. ڪنهن کي اڳتي ۽ ڪنهن کي پوئتي ڪيو آهي. هن مدتن جي رسين جي ڳنڍ، موت سان ٻڌي ڇڏي آهي ۽ اهو موت انهن کي ڇڪيندو وتي ٿو ۽ انهن جي مضبوط رشتن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو.

هو راز لڪائڻ وارن جي نيتن کي، سس پس ڪرڻ وارن، اشارن ۽ ڪن ۾ ڳالھ ڪرڻ وارن. شڪن ڪرڻ وارن ۽ بي بنياد خيالن وارن، دل ۾ ڄميل يقيني ارادن، اکين جي پلڪن جي هيٺان لڪل اشارن، دل جي تهن ۽ غيب جي گهراين ۾ لڪل ڳالهين کي ڄاڻي ٿو ۽ (انهن آوازن جي ٻڌڻ وارو آهي) جن کي ٻڌڻ لاءِ ڪنن جي سوراخن کي جهڪائڻو پوندو آهي. هو ڪيولن جي اونهاري وارين جاين ۽ حشرات الارض جي سياري وارين جاين کان بخوبي واقف آهي. هو مري ويل پٽن جي مائن جا (درد ڀريل) ويڻ ۽ آهُن دانهن ۽ پڻ (هلڻ واري) جي معمولي قدمن جي آهٽ به ٻڌڻ وارو آهي ۽ سبز پنن جي غلافن جي اندروني پوشن ۾ ميون جي نشو و نما حاصل ڪرڻ وارين جاين ۽ پهاڙي کاڻين ۽ انهن جي هيٺاهين، وحشي جانورن جي پناُ گاهن ۽ وڻن جي ٿڙن ۽ انهن جي ڇوڏن ۾ مڇرن جي سر لڪائڻ وارن سوراخن ۽ ٽارين ۾ پنن جي ڦٽي نڪرڻ وارين جاين ۽ پشت (صلب) جي گذر گاهن ۾ نطفن جي رهڻ وارن هنڌن ۽ زمين تان اٿڻ وارن ڪڪرن جي لڪن ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل بادلن ۽ تهن تي تھ ڄميل ڪڪرن مان وسندڙ مينهن جي ڦڙين کان ( به) باخبر آهي ۽ واريءَ (بيابان) جي ذرڙن، جن کي واچوڙن پنهنجي دامنن سان اڏايو آهي ۽ اُهي نشان جن کي مينهن جي ٻوڏ ميٽي ڇڏيو آهي، سي به هن جي علم ۾ آهن. هو واريءَ جي دڙن تي زمين جي ڪيڙن ماڪوڙين جي گهمڻ ڦرڻ ۽ سر بلند پهاڙن جي چوٽين تي پرن ۽ کنڀن وارن پکين جي آکيرن جي اونداهين ۾ ٻولندڙ پکين جي نغمن کي به ڄاڻي ٿو ۽ جن شين کي سپن ويڙهي رکيو آهي ۽ جن شين کي درياءُ جي ڇولين پنهنجن پاسن جي هيٺان دٻائي رکيو آهي ۽ جن شين کي رات (جي اونداهي وارن پردن) لڪائي ڇڏيو آهي ۽ جن شين تي ڏينهن جي سج پنهنجي ڪرڻن سان نور وڇايوآهي ۽ جن تي ڪڏهن اونداهي جي ڪاراڻ جا تھ ڄمي وڄن ٿا ۽ ڪڏهن نور جا واه وهي نڪرن ٿا تن کي به ڄاڻي ٿو.

هو (الله) هر قدم جو نشان هر شيءِ جي چرپر، هر لفظ جو آواز، هر لب جي جنبش، هر جاندار جي جڳھ، هر ذري جو وزن ۽ هر ساھ واري جي سڏڪن جو آواز، مطلب ته جيڪي ڪجھ هن زمين تي آهي سو سڀ سندس علم ۾ آهي. هو وڻن جي ميون يا هيٺ ڪرندڙ پنن يا نطفي يا ڄميل خون جي جاءِ يا گوشت وانگر ڇيڇڙو يا (ان کان پوءِ) بنجڻ واري مخلوق ۽ پيدا ٿيڻ وارو ٻار (انهن ڳالهين جي ڄاڻڻ ۾) هن (الله) کي ڪا تڪليف يا رنج نه کڻڻو پيو ۽ نه وري کيس پنهنجي مخلوق جي حفاظت ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ در پيش ٿي ۽ نه کيس پنهنجي حڪمن هلائڻ ۽ مخلوقات جي انتظام ڪرڻ سببان ڪا سستي ۽ ڪاهلي ٿي بلڪ سندس علم ته انهن ڳالهين جي گهراين تائين آهي ۽ هڪ هڪ شيءِ سندس ڳڻپ ۾ آهي. سندس عدل همه گير ۽ سندس فضل سڀني سان شامل حال آهي ۽ ان سان گڏ، اهي سندس شايانِ شان حق جي ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهيون ڪرڻ وارا آهن.

بار الٰها! تون ئي توصيف ۽ ثنا ۽ انتهائي درجي تائين ساراهڻ جو مستحق آهين. جيڪڏهن توسان آس ۽ اميد وابسته ڪئي وڃي ته تون دلين جو بهترين ڏڍ ۽ آسرو آهين ۽ جيڪڏهن تو ۾ اميدون آسون رکيون وڃن ته (بيشڪ) تون ئي بهترين اميدن جو سر چشمو آهين توئي ته مون کي اهڙي ڳالهائڻ جي (بيان ڪرڻ جي) طاقت عطا ڪئي آهي، جو آءُ توکان سواءِ ڪنهن به ٻئي جي مدح ۽ ساراھ نٿو ڪريان ۽ آءُ پنهنجي مدح جو رخ ڪڏهن به انهن ماڻهن جي طرف نٿو موڙڻ چاهيان، جيڪي نا اميدين جا مرڪز ۽ بدگمانين جا هنڌ آهن، مون پنهنجي زبان کي انسان ذات جي مدح ۽ پاليل مخلوق جي تعريف و ثنا کان پري ڪري ڇڏيو آهي.

بار الٰها ! هر ڪو ثنا خوان پنهنجي ممدوح کان انعام و اڪرام و عطا و بخشش حاصل ڪرڻ جو حقدار ٿئي ٿو، سو آءُ به تو ۾ اها اميد رکيو ويٺو آهيان ته تون رحمت جي ذخيرن ۽ مغفرت جي خزانن جي خبر ڏيڻ وارو آهين.

بار الٰها! هي تنهنجي سامهون اهو شخص بيٺو آهي جنهن تنهنجي توحيد ۽ يڪتائي ۾ توکي اڪيلو مڃيو آهي ۽ انهن تعريفن ۽ ساراهن جو توکان سواءِ ڪنهن به ٻئي کي اهل نٿو سمجهي. منهنجي حاجت ۽ غرض توسان ئي وابسته آهي، تنهنجي ئي بخششن ۽ ڪامرانين سان ان بيڪسي، بي پهچي، اڻ هوند جو علاج ٿي سگهي ٿو ۽ جن جي فقر ۽ فاقه کي تنهنجو ئي ڪرم، بخشش، سخاوت ۽ احسان سهارو ڏئي سگهي ٿو. اسان کي تون هن ئي جڳھ تي پنهنجون خوشنوديون بخش ڪر ۽ ٻين جي اڳيان هٿ ڊگهيڙڻ کان بي نياز ڪر. ( ڇو جو تون هر شيءِ تي قدرت رکڻ وارو آهين).

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found