آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 88: صفات باري تعاليٰ

سڀڪا تعريف ان الله تعاليٰ جي لاءِ آهي جيڪو ڏسڻ کان سواءِ ڄاتل سڃاتل آهي. جيڪو سوچ ويچار ڪرڻ کان سواءِ پيدا ڪرڻ وارو آهي. هو ان وقت به دائم ۽ برقرار هو، جڏهن نه برجن وارو آسمان هو ۽ نه بلند دروازن وارا پردا هئا نه اونداهيون راتيون هيون، نه بيٺل سمنڊ، نه ڊگهن ويڪرن رستن وارا جبل، نه آڏيون ٽيڏيون پهاڙي راهون ۽ نه هي وڇايل فرش جهڙي زمين هئي ۽ نه ڪنهن زور طاقت رکڻ واري مخلوق هئي. هو ئي مخلوقات کي پيدا ڪرڻ وارو ۽ ان جو وارث آهي ۽ هي ڪائنات جو معبود ۽ ان جو رازق آهي. سج ۽ چنڊ ان جي منشا مطابق (هڪ قانون تي) (پنهنجي محور تي) وڌي وڃڻ جي سرٽوڙ ڪوششن ۾ رڌل آهن جيڪي هر نئين شيءِ کي پراڻو ۽ پري وارين شين کي ويجهو ڪن ٿا. هن سڀ ڪنهن جي روزي تقسيم ڪري ڇڏي آهي. هو سڀ جي عمل ۽ ڪردار ۽ پساهن جي شمار کي به ڄاڻي ٿو. هن لڪل نگاهن ۽ سيني ۾ ڳجهين نيتن  پشت (صلب) ۾ انهن جي ٺڪاڻن ۽ پيٽ ۾ انهن کي سونپيل جاين جي حد بندي ڪري ڇڏي آهي. ايستائين جو انهن جون عمريون پنهنجي حد ۽ انتها تائين پهچي وڃن. هو اهڙي ذات (باري تعاليٰ) آهي جو پنهنجي رحمتن جي وسعتن هئڻ جي باوجود سندس عذاب دشمنن تي سخت آهي ۽ عذاب جي سختين جي باجود دوستن جي لاءِ سندس رحمت وسيع آهي. جيڪو ان کي دٻائڻ چاهي تنهن تي غالب ٿيڻ وارو آهي ۽ جيڪو ان سان مقابلو ڪرڻ چاهي ته پوءِ ان کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ وارو آهي ۽ جيڪو هن جي مخالفت ڪندو تنهن کي خوار ۽ ذليل ڪرڻ وارو آهي ۽ جيڪو ان سان دشمني رکندو تنهن تي غالب ٿيڻ وارو آهي ۽ جيڪو مٿس ڀروسو ڪري ٿو ته پوءِ هو اُن لاءِ ڪافي آهي ۽ جيڪو اُن کان جيڪي گهري ٿو، تنهن کي اُهو ئي ڏئي ٿو ڇڏي ۽ جيڪو کيس قرض (سندس راھ ۾ خرچ ڪري ٿو) ڏئي ٿو، تنهن کي هو ادا ٿو ڪري. جيڪو شڪر ڪري ٿو تنهن کي عيوضو ٿو ڏئي.

الله جا بندؤ! پنهنجن نفسن کي تورجڻ کان پهرين توري ڇڏيو ۽ حساب (ڪتاب) ٿيڻ کان پهرين پنهنجو حساب پاڻ ڪري وٺو. ڳچي جي ڦاهي، سوڙهي (سڪرات) ٿيڻ کان پهرين اُن مان، پساھ کڻي وٺو ۽ سختيءَ سان (قيامت ۾) هڪلجڻ کان پهرين مطيع ۽ فرمانبردار ٿي وڃو ۽ ياد رکو! ته جنهن کي به پنهنجي نفس لاءِ اها توفيق نه هوندي ته هو خود پنهنجو پاڻ کي نصيحت ۽ هدايت ڪري ۽ پنهنجن برائين تي پنهنجو پاڻ کي تنبيھ ڪري ته پوءِ (اهڙي حالت ۾) ڪنهن به ٻئي جي نصيحت ان تي اثر ڪري نه سگهندي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found