اربع, 24 اپريل 2019 - Wed 04 24 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 87: بعثت حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم

الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر کي ان وقت موڪليو، جڏهن رسولن جي آمد جو سلسلو رڪيل هو ۽ سڀئي امتون ڪيتري مدت کان ننڊ ۾ ستل هيون. فتنا فساد ٿي رهيا هئا. سموريون ڳالهيون بي اتفاقي ۾ هيون. جنگ جا شعلا پئي دکيا. گويا دنيا بي رونق ۽ بي نور هئي ۽ ان جا فريب، ڌوڪا، چالاڪيون عام کليل هيون. ان وقت ان جي پنن ۾ پيلاڻ ڦري رهي هئي ۽ ميون (ملڻ) کان نا اميدي هئي. پاڻي زمين ۾ تھ نشين ٿي چڪو هو. هدايت جو منارو ڊهي چڪو هو. تباهي ۽ گمراهي جا جھنڊا کليل هئا ۽ دنيا وارن جي سامهون (دنيا) غضب ۽ ڪاوڙ جو مظاهرو ڪري رهي هئي، جنهن جو ميوو، فتنو فساد هو ۽ ان جي غذا مردار هئي. اندر وارو ويس خوف ۽ ٻاهر وارو لباس تلوار هئي. الله جا بندؤ! عبرت حاصل ڪريو ۽ انهن (برن ڪرتوتن) کي ياد ڪريو جن (جي نتيجن) ۾ توهان جا پيءَ، ڀائر قابو ٻڌا پيا آهن ۽ جن تي انهن کان حساب ٿيڻ وارو آهي. مون کي پنهنجي زندگيءَ جو قسم! ته توهان جو زمانو انهن جي زماني کان گهڻو پوئتي پيل نه آهي ۽ نه وري انهن جي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪو صدين ۽ زمانن جو فاصلو آهي. توهان اڃا ان ڏينهن کان پري نه ٿيا آهيو جڏهن توهان به انهن جي صلبن (پشت) ۾ هئا. خدا جو قسم ته رسول جيڪي ڳالهيون انهن جي ڪنن تائين پهچايون هيون اهي ئي ڳالهيون آءُ به توهان کي ٻڌائي رهيو آهيان ۽ جيڪي انهن کي ٻڌايو ويو هو، توهان کي به ان کان گهٽ نٿو ٻڌايو وڃي. جهڙي طرح (ان وقت) انهن جون اکيون کوليون ويون هيون ۽ دليون بڻايون ويون هيون، تهڙيءَ طرح هاڻي به توهان کي اهڙيون ئي اکيون ۽ دليون ڏنيون ويون آهن.

خدا جو قسم! ته ان کان پوءِ توهان کي ڪا اهڙي نئين ڳالھ نه ٻڌائي وئي آهي جنهن کان اهي بي خبر رهيا هجن ۽ ڪا به اهڙي خاص شيءِ توهان کي نه ڏني وئي آهي جنهن کان هو محروم رهيا هجن.

هائو! توهان تي هڪ اهڙي مصيبت پيش اچي وئي آهي (جيڪا ان ڏاچي وانگر آهي) جنهن جي ناڪيلي ڊگهي ۽ ڍري آهي ۽ سندس تنگ به ڍرو ٿي ويو آهي. (جا ڪٿي نه ڪٿي هلي ٺوڪر کائيندي). ياد رکو! اهڙن فريبن ۾ ڦاٿل ماڻهن جو دٻدٻو ۽ ٺاھ ٺوھ توهان کي برغلائي نه ڇڏي ان ڪري جو هي هڪ پکڙيل پاڇو آهي جنهن جي وقت جي حد مقرر ڪيل آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found