آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 86: خود رائي تي تنبيھ ۽ ملامت

الله تعاليٰ جي حمد کان پوءِ واضح هجي ته:

الله تعاليٰ زماني جي ڪنهن به سرڪش جو ڪنڌ ايستائين نه ٽوڙيو جيستائين ان کي مهلت ۽ وٿي نه ڏنائين ۽ ڪنهن به امت جي هڏي کي ايستائين نه جوڙيائين جيستائين ان کي تڪليف، سختي، آزمائش ۾ نه وڌائين. جيڪي مصيبتون توهان تي اچڻ واريون آهن ۽ جن سختين مان توهان گذري چڪا هجو، تن مان ٿوريون به عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. هر هڪ دل رکڻ وارو صاحب، عاقل نٿو ٿئي ۽ نه وري هر هڪ ڪنن وارو ٻڌندڙ ٿئي ٿو ۽ نه هر هڪ اکين وارو بينا هوندو آهي. مون کي حيرت آهي ۽ ڪيئن نه حيرت ٿئي انهن فرقن جي خطائن تي، جن پنهنجي دين جي حجتن ۾ اختلاف پيدا ڪيا آهن. جيڪي نڪو نبي جي قدمن جي نشانن تي هلن ٿا ۽ نه وصي جي عمل جي پيروي ڪن ٿا، نه غيب تي ايمان آڻين ٿا ۽ نه عيب کان دامن بچائين ٿا. شڪ شبهن وارين ڳالهين تي انهن جو عمل آهي ۽ پنهنجي خواهشن واري واھ تي هلندا وتن ٿا. جنهن ڳالھ کي هو چڱو ٿا سمجهن، انهن جي نزديڪ بس اها ئي سٺي آهي ۽ جنهن ڳالھ کي هو برو ٿا سمجھن بس انهن وٽ اها ئي بري آهي. هنن منجھيل ڳنڍيل کي سلجهائڻ لاءِ پنهنجي نفسن تي اعتماد ڪري ورتو آهي. هو شڪي معاملن ۾ پنهنجي راءِ تي ڀروسو ڪن ٿا، ڄڻ ته انهن مان هر شخص پاڻ پنهنجو امام آهي ۽ هن پنهنجي جيڪا راءِ قائم ڪري ورتي آهي تنهن بابت سمجهي ٿو ته ان کي هن اطمينان بخش وسيلن ۽ مضبوط ذريعن سان حاصل ڪري ورتو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found