Logo

نهج البلاغه خطبو 85: اهل علم ۽ تقويٰ جو تعارف ۽ مصنوعي علماء جي شناخت

الله جا بندؤ! الله کي پنهنجن بندن مان سڀني کان وڌيڪ اهو بندو پسند آهي، جنهن کي الله تعالى نفس جي خلاف ورزي ڪرڻ جي طاقت ڏني آهي، جنهن جو اندروني لباس ڏک، غم، فڪر ۽ بيروني پوشاڪ خوف آهي، (يعني غم ۽ ڏک ان کي چهٽيل رهي ٿو ۽ خوف ان تي غالب  رهي ٿو) هن جي دل ۾ هدايت جو چراغ روشن  آهي ۽ اچڻ واري ڏينهن جي مهماني جو هن تهيو ڪري ڇڏيو آهي، (موت کي) جيڪو پري آهي، تنهن کي هو ويجهو ٿو سمجهي . سختين ۽ تڪليفن کي پنهنجي لاءِ آسان سمجهي ٿو، (هو جيڪي ) ڏسي ٿو، ته بصيرت ۽ معرفت ٿو حاصل ڪري، (الله کي) ياد ٿو ڪري، ته عمل ڪرڻ تي تري بيهي ٿو، (اهو شخص سرچشمئه هدايت جو) مٺو ۽ لذيذ پاڻي پي سيراب ٿيو آهي، جنهن جي گهاٽ تائين (الله جي رهنمائي سان) هو آساني سان پهچي ويو آهي. ان پهرين دفعي ڪنا تار پي ڇڏيو آهي، ۽ سنئين راھ تي هلي رهيو آهي، شهوتن جو لباس لاهي اڇليو اٿس. (دنيا جي) سڀني ڳڻتين کان بي فڪر ٿي رڳو هڪ ئي ڌن ۾ لڳل آهي، هو گمراهيءَ جي حالت ۽ نفس پرستن واري هوس ۽ حصي وٺڻ کان پري ٿو گذاري. هو هدايتن جا در کولڻ  ۽ گمراهي ۽ هلاڪت جا دروازا  بند ڪرڻ جو سبب بڻجي چڪو آهي. ان پنهنجو رستو ڏسي ڇڏيو آهي، جنهن تي تيز رفتاريء سان هلي رهيو آهي. (هدايت جي) مناري کي سڃاتو اٿس ۽ تيز لهرن کي طئي ڪري ان تائين پهچي ويو آهي، محڪم وسيلن ۽ مضبوط سهارن کي قابو ڪيو اٿس، هو يقين جي سببان اهڙي روشني ۾ آهي، جيڪا سج جي سوجهري وانگر آهي، هو فقط الله تعالي جي خاطر سڀ کان وڏي مقصد کي پوري ڪرڻ جي لاءِ اٿي کڙو ٿيو آهي، ته هر مشڪل کي، جيڪو هن جي سامهون ٿئي، تنهن کي مناسب طريقي سان حل ڪري، هر ٽاري کي ان جي اصل  ۽ بنياد ڏي موڪلي، هو اونداهين ۾ روشني پکيڙڻ وارو، مشڪوڪ ڳالهين کي نبيرڻ وارو، منجهيل مسئلن کي سلجهائڻ وارو، مشڪلاتن کي دور ڪرڻ وارو، برپٽ  بيابانن ۾ رستن ڏيکارڻ وارو آهي. هو ڳالهائي ٿو، ته چڱي طرح سمجهائي ٿو، ۽ هو ماٺ ڪري ٿو ان وقت جڏهن خاموشي ۾ رهڻ سلامتي جو ذريعو آهي. هن هر ڪم الله جي خوشنودي لاءِ ڪيو آهي ته پوءِ الله تعاليٰ به هن کي پنهنجو بڻائي ڇڏيو آهي. هو الله جي دين جو خزانو ۽ ان جي زمين ۾ لڳل ڪلي وانگر آهي. هن پنهنجي لاءِ عدل کي لازم ڪيو آهي جيئن ته هن جي عدل جو پهريون قدم خواهشن کي پنهنجي نفس کان پري رکڻ آهي. حق کي بيان ڪري ٿو ۽ ان تي عمل به ڪري ٿو. ڪا نيڪي جي حد اهڙي نه آهي جنهن جو هن ارادو نه ڪيو هجي ۽ ڪا جڳھ اهڙي ناهي جتي نيڪي جو امڪان هجي ۽ (تنهن جو) هن قصد نه ڪيو هجي. هن پنهنجي واڳ قرآن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي آهي. اهو ئي سندس رهبر ۽ اهو ئي سندس پيشوا آهي. جتي قرآن جو ڳرو سامان لهي ٿو، اتي هن جو به سامان لهي ٿو ۽ جتي قرآن جي منزل ٿئي ٿي اتي هي به منزل انداز ٿئي ٿو. (هن کان سواءِ) هڪ ٻيو به شخص هوندو آهي، جنهن (زبردستي) پنهنجو نالو عالم رکيو آهي حالانڪ هو عالم نه آهي. هن جاهلن ۽ گمراهن (جي صحبتن) ۾ جهالتن ۽ گمراهين کي گڏ ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي لاءِ مڪر ۽ فريب جا ڦندا ۽ غلط سلط ڳالهين جي ڄار وڇائي رکي آهي. قرآن کي پنهنجي راءِ تي ۽ حق کي پنهنجن خواهشن تي موڙي ٿو. نهايت سنگين ڏوهن جو خوف ماڻهن جي دلين مان ڪڍي ٿو ڇڏي ۽ ڪبيره گناهن جي اهميت کي گهٽ ڪري ٿو. چوي ته ائين ٿو ته آءُ شڪن شبهن کان پاڻ روڪيان ٿو حالانڪ هو اُنهن ۾ (غرق ٿيو) پيو آهي. سندس چوڻ آهي ته آءُ بدعتن کان جدا ۽ پري رهان ٿوجيتوڻيڪ سندس اٿڻي ويهڻي انهن ۾ ئي آهي، هن جي شڪل ته انسانن جهڙي آهي  پر هن جي دل حيوانن جهڙي آهي نه کيس هدايت جي دروازي جي خبر آهي، جو اوستائين اچي سگهي ۽ گمراهيءَ جو دروازو سڃاڻي ٿو جنهن کان پنهنجو مُنهن موڙي سگهي. هي ته جيئرن ۾ (گهمندڙ ڦرندڙ) لاش آهي. پوءِ هاڻي توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو ۽ توهان کي ڪيڏانهن پيو موڙيو وڃي؟ حالانڪ هدايت جا جهنڊا ته بلند، نشان ظاهر ۽ روشن آهن ۽ حق سچ جا منارا نصب ڪيل آهن ۽ توهان کي ڪهڙي پاسي گمراھ ڪيو پيو وڃي ۽ ڇو هيڏانهن هوڏانهن در بدر ٿي رهيا آهيو؟ جڏهن ته توهان جي نبي جي عترت (اطهار) توهان جي اندر موجود آهي. جيڪي حق جون واڳون دين جا جهنڊا ۽ سچائيءَ جون زبانون آهن جيتري قرآن جي بهتر کان بهتر منزل سمجهي سگهو اتي انهن کي به جاءِ ڏيو ۽ اڃايل اٺن وانگر، انهن جي هدايت واري سر چشمي تي لهي پئو!

اي انسانؤ! خاتم النبيين صلي الله عليه و آله وسلم جن جي، ان ارشاد کي ٻڌو، جيڪو فرمايو (اٿن ته) اسان مان جيڪو به مري ٿو، سو مئل نه آهي ۽ اسان مان (جيڪو به بظاهر مري) بوسيده ٿو ٿئي، سو در اصل ڪڏهن به ڳري نٿو سڙي. جيڪي ڳالهيون توهين نٿا ڄاڻو، تن جي باري ۾ زبان مان ٻڙڪ به نه ڪڍو. ان ڪري جو حق جو وڏو حصو انهن ئي ڳالهين تي ٿئي ٿو، جن کان توهين بي خبر هوندا آهيو. (جنهن شخص جي حجت پوري ٿيل هجي) ۽ توهان جي ڪابه حجت مٿس پوري ٿيل نه هجي، تنهن کي عذر يا بهانو سمجهو ۽ اهو آءُ آهيان. ڇا! مون توهان جي سامهون ثقل اڪبر (وڏي بار واري) قرآن مجيد تي عمل نه ڪيو ۽ ثقل اصغر (اهل بيت) کي توهان ۾ نه ڇڏيو! مون توهان جي وچ ۾ ايمان جو جهنڊو نصب ڪيو، حلال ۽ حرام جون حدون ٻڌايم ۽ پنهنجي عدل سان توهان کي سلامتي، نيڪي، ڀلائي جون پوشاڪون پارايم ۽ پنهنجي قول ۽ عمل سان نيڪ ۽ سهڻي سلوڪ جو فرش توهان لاءِ وڇائي ڇڏيم. پاڻ توهان سان سدائين پاڪيزه اخلاق سان پيش آيس. ( ته پوءِ توهان جي) نگاھ جنهن به ڳالھ جي اونهائين تائين نه پهچي سگهي ۽ غور فڪر جون جولانيون عاجز رهن، تنهن ۾ پنهنجي راءِ زني نه ڪريو.

هن خطبي جو هيءُ به هڪ حصو بني اميه جي باري ۾ آهي:

ايتري قدر جو گمان ڪرڻ وارا اهو گمان ڪندا ته بس هاڻي دنيا بني اميه جي دامن سان ئي ٻڌل رهندي ۽ انهن کي ئي پنهنجا سمورا فائدا بخشيندي رهندي ۽ انهن کي ئي پنهنجي صاف چشمي تي سيراب ٿيڻ لاءِ لاهيندي رهندي ۽ هن امت جي (گردن تي) انهن جي تلوار ۽ (پشت تي) چهبڪ سدائين رهندو، جيڪو اهو خيال ڪندو، سو غلط خيال ڪندو، بلڪ هي ته زندگيءَ جي مزن مان ڪي ٿورا ماکي جا قطرا آهن، جن کي ڪجھ دير تائين هو چوسيندا ۽ آخر ۾ سڀئي ٿوڪاري ڇڏيندا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2012 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.