آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 84: صفات باري تعاليٰ ۽ عبادت جي ضرورت

اهو (الله) دلين جي نيتن ۽ اندر جي رازن کي ڄاڻي سڃاڻي ٿو، هو هر شيءَ تي حاوي آهي ۽ هر ڳالھ تي غالب آهي ۽ هر شيءِ تي سندس زور هلي ٿو توهان مان جنهن کي به ڪي ڪجھ ڪرڻو هجي سو موت اچڻ کان اڳ مهلت وارن ڏينهن ۾ ۽ مصروفيت کان پهريان فرصت وارين گهڙين ۾ ۽ گلي گهٽجڻ کان پهرين ساھ کڻڻ واري زماني ۾ ڪرڻ گهرجي اهو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي منزل تي پهچڻ جي لاءِ سامان تيار ڪري وٺي ۽ هن گذر گاه مان محشر ۾ بيهڻ واري منزل جي لاءِ ثمر گڏ ڪندو وڃي.

اي انسانو! خدا پنهنجي ڪتاب ۾ جن شين جي حفاظت توهان کان گهري آهي ۽ جيڪي به حق توهان جي ذمي ڪيا آهن تن جي باري ۾ الله کان ڊڄندا رهو، ڇو ته الله سبحانه توهان کي بيڪار پيدا نه ڪيو آهي ۽ نه وري هن توهان کي ڇڙواڳ جهالت ۽ گمراهي ۾ کليل ڇڏي ڏنو آهي، هن توهان جي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جوڳا چڱا ۽ بڇڙا ڪم تجويز ڪري ڇڏيا، ۽ (رسول جي ذريعي) سيکاري ڇڏيا آهن هن توهان جون عمريون لکي ڇڏيون آهن ۽ توهان ڏي اهڙو ڪتاب موڪليو آهي جنهن ۾ هر شيءَ  جو کليل بيان ڪيل آهي پنهنجي پيغمبر کي حياتي ڏئي مدتن تائين توهان جي وچ ۾ رهايائين تانجو هن پنهنجي نازل ڪيل ڪتاب ۾ پنهنجي  نبي ۽ توهان جي لاءِ ان دين کي جيڪو هن کي پسند آهي، ڪامل ڪيائين پڻ ان جي زبان سان وڻندڙ ۽ نه وڻندڙ فعلن (جا تفصيل) ۽ پنهنجي امر ڪرڻ ۽ منع ڪرڻ واريون حقيقتون توهان تائين پهچايائين هن پنهنجا دليل (۽ ثابتيون) توهان جي سامهون رکيا ۽ توهان تي پنهنجي حجت قائم ڪري ڇڏي، ۽ شروع کان ئي ڊيڄاريائين ۽ ڌمڪايائين ۽ پڻ (اچڻ واري) سخت عذاب کان خبردار ڪيائين ته پوءِ هاڻي توهان پنهنجي حياتي جي باقي ڏينهن ۾ (اڳين ڪوتاهين جو) تدارڪ ڪريو ۽ پنهنجي نفسن کي انهن ڏينهن (جي تڪليفن) لاءِ  سهندڙ ۽ صابر ڪريو ان ڪري جو اهي ڏينهن ته انهن ڏينهن جي مقابلي ۾ نهايت ٿورا آهن، جيڪي توهان غفلتن ۾ گذاريا آهن ۽ وعظ ۽ نصيحت کان بي رخي ۾ ڪٽجي ويا پنهنجي نفس لاءِ جائز ڳالهين ۾ به ڍر نو ڏيو نه ته اها ڍر توهان کي ظالمن واري راھ تي آڻيندي ۽ (مڪروهات ۾ به) آرام طلبي ۽ سستي کان ڪم نه وٺو، ورنه اهو نرم رويو ۽ بي پرواهي توهان کي گناهن جي طرف ڌڪي وٺي ويندي.

الله جا بندؤ ! توهان مان اهو ئي سڀ کان وڌيڪ پنهنجي نفس جو خير خواھ آهي جيڪو پنهنجي الله جو سڀني کان وڌيڪ  تابعدار ۽ فرمانبردار آهي، ۽ اهو ئي سڀ کان زياده پنهنجي  نفس کي فريب ڏيڻ وارو آهي، جيڪو پنهنجي الله جو سڀ کان زياده گنهگار آهي، اصلي ڌوڪي ۾ آيل اهو آهي، جنهن پنهنجي نفس کي ڌوڪو ڏئي  نقصان ۾ وڌو ، پڻ ريس ۽ رشڪ ڪرڻ جي لائق اهو آهي، جنهن جو دين محفوظ رهيو، ۽ نيڪ بخت اهو اهي جنهن ٻين کان نصيحتون ۽ هدايتون پرايون ۽ بدبخت اهو آهي جيڪو هوا۽ هوس جي چڪر ۾ پئجي ويو ، ۽ ياد رکو! ته (ٿورڙو ريا) يعني ڏيکاءُ ، بناوٽ ۽ ڪوڙ به شرڪ آهي، ۽ هوس پرستن جي سنگت صحبت، ايمان کي وسارڻ واري منزل ۽ شيطان جي اچڻ جو هنڌ آهي. ڪوڙ کان پاڻ بچايو! ان ڪري جو اهو ايمان کان جدا آهي. سچ ڳالهائڻ وارو نجات ۽ بزرگي جي بلندين تي آهي، ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ وارو پستي ۽ ذلت جي ڪناري تي  آهي پاڻ ۾ حسد نه ڪريو، ان ڪري جو حسد ايمان کي اهڙي طرح کائي  وڃي ٿو، جهڙي طرح باھ ڪاٺي کي. ڪينو ۽ بغض به نه رکو، ان ڪري  جو هو (نيڪين کي) ڇلي ٿو، ۽ اهو به سمجهو ته اميدون عقلن تي غلطي جو ۽ الله جي ياد تي ويساري جو پردو وجھي ٿيون ڇڏين، اميدن کي ڪوڙو ڪريو، ان ڪري جو اهي سراسر ڌوڪو آهن ۽ اميد ڪرڻ وارو ڌوڪي ۾ آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found