آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 83: صفات باري تعاليٰ

آءُ شاهدي ٿو ڏيان ته ان الله کان سواءَ ٻيو ڪو به (معبود ) نه آهي، جيڪو يڪتا ۽ لا شريڪ آهي، هو اهڙو ته اول آهي جنهن کان ڪابه شيءَ  پهرين نه آهي، هو اهڙو ته آخر آهي، جنهن جي ڪا (انتها) پڇاڙي نه آهي هن جي ڪنهن به صفت کان شڪ  ۽ وسوسا باخبر ٿي نٿا سگهن ۽ هن جي ڪهڙي به حالت تي ، دلين جو عقيدو حاوي ٿي نٿو سگهي، نه هن جا جزا آهن، جن جو تجزيو ڪري سگهجي ۽ نو (وري) دل ۽ اکيون ان جي منزل تائين پهچن ٿيون.

هن خطبي جو هڪ حصو هيءُ به آهي.

خدا جا بندؤ! فائدي وارين عبرتن مان نصيحت، هدايت ۽ کليل دليلن مان وري عبرت حاصل ڪريو، ۽ اثر واري خوف مان نتيجو حاصل ڪريو، نصيحتن وعظن ۽ ذڪرن مان پڻ فائدا وٺو، ڇو جو ائين سمجهڻ گهرجي ته موت جو چنبو توهان ۾ کپجي چڪو آهي، ۽ توهان جي اميدن ۽ خواهشن جي ٻنڌڻن واريون پٽيون يڪ لخت ٽٽي چڪيون آهن، سخيتون توهان تي اچي ڪڙڪيون آهن ۽ (موت جي) گهاٽ تي جتي لهڻو  پوندو اهي اوڏانهن توهان کي گهليو پيو وڃي، ۽ هر فرد سان هڪ هڪلڻ وارو ۽ هڪ شاهدي ڏيڻ وارو ٿئي ٿو، هڪلڻ وارو ان کي محشر واري ميدان تائين پيو هڪليندو ويندو ۽ گواه ان جي عملن جي شاهدي ڏيندو.

هن خطبي جو هڪ هيءُ به حصو آهي جيڪو جنت جي متعلق آهي

جنت ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ درجا آهن ۽ جدا جدا معيار واريون منزلون پڻ آهن. نه انهن جي نعمتن جو سلسلو ٽٽندو ۽ نه وري انهن ۾ رهندڙن کي ڪوچ ڪرڻو پوندو ۽ نه وري انهن ۾ هميشه جي رهڻ وارن کي ڪو پوڙهو ٿيڻو آهي ۽ نه ان ۾ آباد ٿيڻ وارن کي مسڪيني ۽ محتاجي سان ڪو واسطو پوندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found