آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 82: عمرو بن عاص جي باري ۾

عمرو بن عاص جي باري ۾ فرمايائين ته:

        نابغه جي پٽ تي حيرت آهي، جو هو منهنجي باري ۾ شام وارن کي چوندو وتي ٿو ته مون ۾”کل چرچو“ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ۽ آءُ کيل ۽ تفريح ۾ پيو هوندو آهيان! ليڪن هن غلط چيو، ۽ ائين چئي گنهگار ٿيو، ياد رکو، ته نهايت بڇڙي ڳالھ اها آهي، جيڪو ڪوڙ هجي، ۽ هو جيڪا ڳالھ پاڻ خود  ڪري ٿو سا ڪوڙي آهي ۽ جيڪو انجام ڪري ٿو ته ان جي برعڪس ڪري ٿو، جڏهن پاڻ  گهري ٿو، ته پٺيان لڳو وتي ٿو، ۽ جڏهن کائنس گهريو وڃي ٿو، ته بخل ٿو ڪري، هو عهد شڪني ۽ بي  رحمي ٿو  ڪري ۽ جنگ جي موقعي تي وڏي شان شوڪت سان اڳتي وڌي هڪلون ٿو ڪري، ۽ حڪم ٿو هلائي.

پر اهو سڀ ڪجھ تيستائين تلوارون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي زور نه وٺن پر جڏهن اهو وقت ايندو آهي ته ان جي وڏي مڪاري اها هوندي آهي ته هو پنهنجي حريف جي اڳيان اگهاڙو ٿي وڃي ٿو.

خدا جو قسم! مون کي ته موت جي ياد کيڏڻ ڪڏڻ کان پري رکيو آهي ۽ هن کي وري عاقبت جي فراموشي سچ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، هن معاويه جي بيعت ائين نه ڪئي آهي پر اڳ ۾ ئي هن کان اهو شرط قبول ڪرايو اٿس ته کيس ان جو عوض ڏيڻو پوندو، ۽ دين کي ڇڏڻ تي هڪ هديو به پيش ڪرڻو پوندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found