خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 81: غراءَ

هن خطبه جو نالو خطبه غراءَ آهي، جيڪو جناب امير عليه السلام جي نهايت عجيب و غريب خطبن مان، شمار ڪيو ويندو آهي:

سڀڪا تعريف ان الله جي لاءِ آهي، جيڪو پنهنجي طاقت جي لحاظ کان بلند، پنهنجي بخشش جي وسيلي سان ويجهو آهي، هو نفعو ۽ واڌارو عطا ڪرڻ وارو ۽ هر مصيبت ۽ آزمائش کي ٽارڻ وارو آهي، آءُ سندس ڪرم ڪرڻ جي نوازشن ۽ ان جي نعمتن جي گهڻائي تي حمد ۽ ثنا ڪريان ٿو. منهنجو ان تي ايمان آهي. جيئن ته هو اول ۽ ظاهر آهي، پڻ ان کان هدايت طلب ڪريان ٿو، جيئن ته هو تمام ويجهو ۽ هادي آهي، ۽ ان کان ئي مدد گهران ٿو، جيئن ته هو قادر ۽ نهايت طاقت وارو آهي، مٿس ڀروسو ڪريان ٿو، جيئن ته هو هر طرح جي سنڀال ۽ مدد ڪرڻ وارو آهي.

آءُ شاهدي ٿو ڏيان ته محمد صلي لله عليه و آله وسلم جن ان جا عبد ۽ رسول آهن، حڪمن پهچائڻ ۽ ثابتي کي پوري ڪرڻ ۽ عبرتناڪ واقعات کي پيش ڪري شروعات کان ئي ڊيڄاريندڙ طور کين موڪليو ويو.

خدا جا بندؤ! آءُ توهان کي ان الله کان ڊڄڻ جي هدايت ڪريان ٿو،جنهن توهان جي (سمجهائڻ جي) لاءِ  ڪيئي) مثال پيش ڪيا، ۽ توهان جي زندگيءَ جا وقت مقرر ڪيا، توهان کي (مختلف) پوشاڪن سان ڍڪيائين، ۽ توهان جي رزق جو ڪيترو ئي سامان مهيا ڪيائين.  هن توهان جي چڱي جاچ ڪئي آهي، ۽ توهان جي لاءِ نيڪين جا عيوض مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ۽ توهان کي پنهنجي ڪيترين ئي وسيع نعمتن ۽ ڪثير عطين سان نوازيو آهي. پڻ اثرڪندڙ دليلن سان توهان کي ڊيڄاريو (به) آهي. هن توهان کي هڪ هڪ ڪري  ڳڻي به ڇڏيو آهي. ۽ هن آزمائش واري جاءِ (دنيا ۾) ۽ نصيحت ۽ اچرج واري محل ۾ توهان جون عمرون به مقرر ڪري ڇڏيون آهن. ان ۾ توهان جي آزمائش آهي، ۽ ان جي آمد و رفت (اچڻ ۽ وڃڻ) تي توهان جو حساب (ڪتاب) ٿيندو. هن دنيا جو رستو غليظ ۽ سيراب ٿيڻ جو هنڌ (گپ چڪ سان) ڀريل آهي، ان جو ظاهر ته نهايت سهڻو ۽ باطن تباھ برباد ڪندڙ آهي. هيءَ (دنيا) هڪ تباھ ٿيڻ وارو ڌوڪو، (غروب ٿيڻ) لهي وڃڻ واري روشني ۽ گم ٿيڻ وارو پاڇو ۽ جهڪيل ٿنڀ آهي. جڏهن ان کان نفرت ڪرڻ وارو ان سان دل لڳائي ٿو، ۽ اڻ واقف ان کان مطمئن ٿئي ٿو، تڏهن هيءَ پنهنجي پيرن کي کڻي زمين تي هڻي ٿي، ۽ پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ٿي ۽ پڻ پنهنجي تيرن جو نشانو بنائي ٿي  ۽ پوءِ ان جي ڳلي ۾ موت جو فنڌو وجھي تنگ ۽ اونداهي واري قبر ۽ دهشتناڪ  منزل تائين وٺي وڃي ٿي ته جيئن اتان هو پنهنجي (اصل) جاءِ (جنت يا دوزخ) ڏسي وٺي، ۽ پنهنجي ڪئي جو ڦل حاصل ڪري، بعد ۾ اچڻ وارن جي حالت  به اڳين جهڙي آهي،نه موت پنهنجي ڪاٽ ڪوٽ واري ڪم کان منهن موڙي ٿو. ۽ نه باقي رهڻ وارا گناهن کان باز اچن ٿا. پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي راھ رسم واري پيروي ڪن ٿا. ۽ هڪ ٻئي پويان توڙ تائين (آخري) فنا جي منزل ڏي وڌي رهيا آهن. ايستائين جو جڏهن سمورا معاملا ختم ٿي ويندا، ۽ هن دنيا جي عمر پوري ٿيندي، ۽ قيامت جو وقت اچي ويندو، تڏهن الله تعالى سڀني کي قبرن جي ڪنڊن ڪڙڇن پکين جي آکيرن حيوانن جي چرن ۽ مرڻ وارين جڳهين مان ڪڍندو، ٽولن جا ٽولا چپ ۽ خاموش اٿيل ۽ صفن ۾ بيٺل امر الاهي جي طرف وڌندا، پنهنجي واپس ٿيڻ واري جاءِ ڏانهن پيا ڊوڙندا هوندا. (ان حالت ۾) قدرت جي نگاھ مٿن حاوي ۽ سڏڻ واري جو آواز انهن سڀني جي ڪنن تي پيو ايندو رهندو، هنن کي هيڻائي ڪمزوري ۽ بيوسي جو لباس پيل هوندو، ۽ عجز ۽ بي ڪسيءَ جي سببان ذلت انهن تي ڇانيل هوندي. حيلا، بهانا ۽ اٽڪليون ختم ۽ اميدون به ختم ٿيل هونديون، دليون مايوسي ۽ خاموشين سان ٻڏل هونديون، آواز دٻجي خاموش ٿي ويندا، پگهر منهن ۾ ڦندو وجهندو. ڊپ، خوف، هيبت وڌي ويندي ۽ جڏهن انهن کي آخري فيصلو ٻڌائڻ عملن  جو عيوضو ڏيڻ، ۽ کين دردن تڪليفن ۽ جٺ واري سزا يا نيڪ عملن جي عيوضي ۾ انعام ڏيڻ لاءِ سڏيو ويندو، تڏهن سڏڻ واري جي گنجدڙ آواز سان، ڪن ڏڪڻ  لڳندا، (در اصل) هي بندا ان جي اقتدار جو ثبوت ڏيڻ جي لاءِ وجود ۾ آيا آهن، ۽ پڻ زور زبردستي، حڪومت سان سندن ٺاھ  جوڙ ٿي آهي.

سڪرات وقت سندن روح قبص ڪيا وڃن ٿا ۽ قبرن ۾ رکيا وڃن ٿا. (جتي) اهي ذرا ذرا ٿي ويندا ۽ (وري) قبرن مان اڪيلا اٿاريا ويندا، ۽ عملن جي مطابق نيڪين جا عيوض حاصل ڪندا، ۽ سڀني کي جدا جدا حساب ڏيڻو پوندو. کين دنيا ۾ رهندي نجات ۽ ڇوٽڪاري جو موقعو ڏنو ويو هو، ۽ سڌو رستو به ڏيکارجي چڪو هو، ۽ الله تعالى جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ (کين) مهلت به ڏني وئي هئي، شڪ ۽ شبهن جون اونداهيون به انهن کان دور ڪيون ويون هيون ۽ ان حياتي جي مدت ۽ عملن واري جڳھ ۾ انهن کي آزاد ڇڏيو ويو هو، ته جيئن آخرت لاءِ ڊوڙڻ جي تياري ۽ سوچ ويچار سان مقصد جي تلاش ڪري وٺن، ۽ ايتري مهلت حاصل ڪن. جيتري فائدن حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي آئنده منزل جي سامان گڏ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، هي ڪهڙا نه صحيح مثال ۽ شفا بخش نصيحتون آهن، بشرطيڪ انهن کي پاڪيزه دليون ۽ ٻڌڻ وارا ڪن ۽ مضبوط رايا، ارادا ۽ هوشيار عقل حاصل هجن.

الله کان ڊڄو ان شخص وانگر، جنهن نصيحت جي ڳالهين کي ٻڌو ته جهڪي ويو، گناھ ڪيائين، ته مڃيائين، ڊنو ته (نيڪ) عمل ڪيائين خوف جي سببان نيڪين جي طرف وڌيو، قيامت جو يقين ڪيائين ته سٺا اعمال بجا آڻيندو، عبرتون ڏٺائين ته عبرت ۽ نصيحت حاصل ڪيائين، ۽ ڊيڄاريو ويس، ته بڇڙائين کان رڪجي ويو، ۽ (خدا جي سڏ تي) لبيڪ چئي ڪري اوڏانهن منهن ڪيائين، ۽ ان جي طرف توبھ تائب ٿي متوجه ٿيو، (اڳين خدا وارن جي) پوري پوري پيروي ڪيائين ۽ حق سچ ڏيکارڻ سان ان کي (چڱي طرح) ڏٺائين، اهڙو ماڻهو حق سچ جي حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل رهيو، ۽ (دنيا جي گورک ڌنڌن کان) ڇٽي ڀڃي نڪتو. ان پنهنجي لاءِ خزانو ڪٺو ڪيو، ۽ باطن کي پاڪ صاف رکيو. ۽ آخرت جو گهر آباد ڪيائين، آخرت جي سفر ۽ ان جي (راھ) پيچرن لاءِ حاجتن جي موقعن ۽ فقر و فاقه جي جڳهين جي پيش نطر هن پاڻ سان ثمر کنيو آهي.

الله جا بندؤ! پنهنجي پيدا ٿيڻ جي مقصد موجب ان کان ڊڄندا رهو. ۽ جنهن حد تائين ان توهان کي ڊيڃاريو آهي، خوف ڪندا رهو ۽ ان کان سندس سچن وعدن کي پوري ڪرڻ لاءِ ۽ قيامت جي دهشت کان ڊڄندي انهن ڳالهين (نعمتن) جو لائق ۽ مستحق ٿيڻ پاڻ ۾ پيدا ڪريو، جيڪي (نعمتون) هن توهان جي لاءِ تيار ڪري رکيون آهن.

هن خطبي جا هي به جملا آهن:

الله تعالى توهان جي لاءِ ڪن بنايا آهن ته جيئن ضروري ڳالهين کي ٻڌي، محفوظ رکو. ۽ ان توهان کي اکيون عطا ڪيون آهن. ته جيئن نابينائي ۽ انڌپڻ مان نڪري روشن ۽ چمڪندڙ ٿين. پڻ جسم جا جدا جدا حصا بنايائين، جن مان هر هڪ ۾ ڪيئي عضوا آهن. جن جا پيچ ۽ خم انهن جي مناسبتن سان آهن. بهر نوع، اهي عضوا پنهنجي صورتن جي ترتيب ۽ عمر جي مدت جي تناسب سان گڏوگڏ، اهڙن بدنن سان گڏ آهن جيڪي تنهنجي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن، ۽ اهڙين دلين سان گڏ آهن، جيڪي پنهنجي روحاني غذا،نعمتن ۽ بخششن ۽ نجات وارين جڳهين جي تلاش ۾ لڳل رهن ٿيون . تنهن کان سواءِ ٻين وڏين نعمتن ۽ احسانمند بنائڻ وارين  بخششن ۽ سلامتيءَ وارن قلعن جي ۽ هن توهان جون عمريون مقرر ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي هن توهان کان مخفي رکيون آهن، ۽ گذريل ماڻهن  جا  حالات  ۽ واقعن  مان توهان جي لاءِ عبرت حاصل ڪرڻ جا باقي موقعا رکيا آهن . اهڙا ماڻهو، جيڪي  پنهنجي بختاوري ۽ نصيب سان مزا ماڻيندا هئا، ۽ آزادي سان گهمندا ڦرندا هئا، تن کي ڪيئن  نه اميدن جي پوري ٿيڻ کان اڳ، موت انهن کي پڪڙي ورتو، ۽ عمر جي هٿ انهن کي اميدن  کان پري ڪري ڇڏيو. ان وقت هنن ڪوبه ثمر نه ٺاهيو، جڏهن هنن جا بدن تندرست هئا ۽ ان وقت هنن عبرت ۽ نصيحت حاصل نه ڪئي  جڏهن جواني جو دؤر هو. ڇا، اهي ڦوھ جوانيءَ وارا، ڪمر جهڪائڻ  واري پيريءَ جا منتظر آهن، ۽ صحت جي تر و تازگي وارا ٽٽي پوڻ وارين بيمارين جي انتظار ۾ آهن، ۽ هي حياتي وارا ، فنا جون گهڙيون ڏسي  رهيا  آهن ؟  جڏهن هل هلان جو وقت  ويجهو ايندو ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت  قريب ٿيندو ۽ (موت جي بستر  تي) درد ۽ بي آرامي ۽ گهٻراهٽ ۽ بي قراريون ۽ دردن سورن جي گرمي ۽ وات جي گگن جا نڙي ۾ ڪوڙڪا هوندا، ۽ پڻ عزيز  و اقارب ۽ اولاد ۽ دوستن کان مدد جي لاءِ  فرياد ڪندي ۽ هيڏانهن هوڏانهن پاسن کي ورائڻ  جو وقت آيل هوندو، ته قريب موت کي روڪي ڇڏيو، يا روئڻ وارن (جي روئڻ) ڪجھ فائدو پهچايو؟ ان کي ته قبرستان ۾ قبر  جي هڪ سوڙهي ڪنڊ ۾ ڇڪي ٻڌي اڪيلو ڇڏيو  ويندو، نانگن ۽ وڇن ان جي کل کي پروڻ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ (اتي جون) پاماليون هن جي ترو تازگي کي فنا ڪري ڇڏينديون، طوفان هن جا آثار ڊاهي برياد ڪندا، ۽ حادثن ان جا نشان ميساري ڇڏيا. تر و تازا جسم، ڪمزور، هيڻا ۽ اداس ڪوماڻيل ٿي ويا، هڏا ڳري سڙي ويا ۽ (سندن)  روح (گناهن جي) ڳري بار جي هيٺان دٻيا پيا آهن، (هاڻي اهي) غيب جي خبرن تي يقين ڪري چڪا آهن، ليڪن هاڻي نه انهن لاءِ چڱن عملن ۾ واڌاري جي ڪا صورت آهي ۽ نه بڇڙاين کان توبھ ڪرڻ  جي ڪا گنجائش آهي. ڇا، توهان انهن مري ويلن جا پٽ، پيءُ، ڀائر ۽ ويجها عزيز قريب نه آهيو؟  آخر توهان کي به ته، هو بهو انهن مري ويلن جا پٽ، پيءُ ڀائر  ۽ ويجها عزيز قريب نه آهيو؟ آخر  توهان کي به ته هوبهو انهن ئي حالتن سان منهن ڏيڻو آهي، ۽ اوڏانهن ئي هلڻو آهي، ۽ ان ئي شاهراه تان گذرڻو آهي. پر دليون اڃان به اهڙي حظ ۽ سعادت کان پري ۽ هدايت کان بي پرواھ آهن، ۽ غلط ميدان ڏانهن وڃي رهيون آهن، ڄڻ ته انهن کانسواءِ ڪي ٻيا مقصد اٿن. گويا انهن لاءِ ئي دولت کي گڏ ڪرڻ وارو صحيح رستو آهي. ياد رکو! توهان کي پل صراط تان لنگهڻو آهي، ۽ اهڙين جاين تا گذرڻو آهي، جتي قدم ٿڙي، پير ترڪي وڃن ٿا، قدم قدم تي خوف ۽ دهشت جا خطرا آهن، سو الله کان اهڙي طرح ڊڄو، جيئن  ڪو دانا مرد ۽ هوشيار ڊڄندو آهي، جنهن جي دل کي (آخرت جي) سوچ ويچار ٻين ڳالهين کان غافل ڪري ڇڏيو هجي، ۽ خوف سندس بدن  کي تڪليف ۽ ڪلفت ۾ وجهي ڇڏيو هجي، ۽ تهجد جي نماز ان جي ٿوريگھڻي ننڊ کي سڄاڳي سان بدلائي ڇڏيو هجي ۽  ثواب جي اميد ۾ سندس ڏينهن جون تتل منجهندون پياس ۾ گذرنديون هجن. پڻ  زهد ۽ تقوي ان جي خواهشن کي روکي ڇڏيو  هجي، ۽  ذڪر الاهي کان سندس زبان هر وقت هلندي  پئي هجي، خطرن جي اچڻ کان پهريائين هو خوف ۾ هجي ۽ ڏنگن ڦڏن رستن کان پاڻ بچائيندو سڌو رستو اختيار ڪيو هجيس مطلب ته مقصد واري رستي تي اچڻ لاءِ سڌو رستو اختيار ڪيو هجيس ۽ نه خوش فريبين، هن ۾ ڪا لوڇ پوڇ پيدا  ڪئي هجي ۽ نه شڪ شبهن وارين ڳالهين ان جي اکين تي پردا وڌا هجن، بشارت هجي خوشخبرين ۽ نعمتن جي سکن آرامن کي ماڻي، مٺي، قرار واري ننڊ ۾ سمهي ٿو. امن ۽ چين سان ڏينهن گذاري ٿو. هو دنيا مان پار ٿي لنگهي، تعريف جي لائق خصلتن ۽ عادتن سان لنگهي ويو ۽ آخرت واري منزل تي سعادتن سان وڃي پهتو. (اتي جي) آخرت جي خطرن کي ڌيان ۾ رکي، هن نيڪين ڏي قدم وڌايو ۽ چڱاين لاءِ هن حياتي جي (مختصر) وقفي ۾ تڪڙو تکو ٿي هليو، آخرت جي طلب ۾ دلجاءِ ۽ شوق ذوق سان وڌندو رهيو ۽ بڇڙاين کان پاسو ڪندو رهيو ۽ اڄ واري ڏينهن ۾ سڀاڻي جو خيال رکيائين ۽ شروعات کان ئي پنهنجي ضرورتن تي نظر  رکيائين. سچ پچ ته، بخشش ۽ عطا ڪرڻ لاءِ جنت، عذاب ۽ سختي جي لاءِ  دوزخ کان وڌيڪ ٻيو ڇا هوندو.  پڻ انتقام وٺڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ الله کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو. سند ۽ حجت طور اسان جي خلاف سامهون اچڻ لاءِ قرآن کان وڌيڪ ٻيو ڇا آهي؟

آءُ توهان کي الله کاڻ ڊڄڻ لاءِ وصيت ڪريان ٿو، جنهن ڊيڄارڻ وارين حقيقتن جي وسيلي بهاني بنائڻ جي ڪا گنجائش نه رکي آهي. سڌو رستو ڏيکاري حجت پوري ڪري ڇڏي اٿس. پڻ توهان کي ان دشمن کان به خبردار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو لڪي  لڪي سينن ۾ گهڙي اثر انداز ٿي حڪم ڪندو وتي ٿو ۽ سس پس ڪري، ڪنن ۾ ڦوڪون ڏي ٿو. ازانسواءِ هو گمراھ ڪري تباھ ۽ برباد ڪري ٿو ۽ واعدا ڪري ٻاراڻين تسلين سان دلدارين جي آسري ۾ رکي ٿو، پهرين ته وڏا گناھ سينگاري سنواري سامهون ٿو آڻي، (ان بعد) وڏن قتل ڪرڻ وارن گناهن کي هلڪا ۽ نازڪ معمولي ڪري اسان کي ڏيکاري ٿو ۽ جڏهن ڪنهن (حق کان) ٿڙيل نفس جي اڳيان گمراهي جي گلن ڦلن واري ڍوئتي کي پهچائي، پوءِ ان کي پنهنجي (مڪر جي) ڄار ۾ چڱي طرح ڦاسائي ٿو،  ته پوءِ جنهن فعل) کي سينگاريائين تنهن کي برو چوڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ جنهن کي هلڪو ۽ نازڪ ڪري ڏيکاريائين، تنهن جي ڳراڻ ۽ ضرورت ٿو ٻڌائي ۽ جنهن کان مطمئن ۽ بيخوف ڪيائين، تنهن کان ڊيڄاري ٿو.

مٿين خطبي جو هيءُ به ڀاڱو آهي، جنهن ۾ انسان جي پيدا ٿيڻ جو ذڪر آهي:

        يا وري ان کي ڏسو، جنهن کي (الله تعالي) ماءُ جي پيٽ جي اونداهين ۽ پردي جي اندرين تهن ۾ بنايو، جيڪو هڪ (حياتي جي جراثيم) سان ڇلڪندڙ نطفو ۽ بغير شڪل و صورت جي بي ڊولو ڄميل خون هو. (پوءِ انساني شڪل جي نقشي واري سانچي ۾ آڻي) (ماءُ جي پيٽ) ۾ ٻار بڻيو ۽ (وري) طفل کير پياڪ ۽ (وري ٿڃ ڇڏائڻ کانپوءِ) صغير ٻار ۽ (پوءِ) نوجوان ٿيو. (پوءِ) الله تعالي کيس حفاظت ڪرڻ واري  دل ۽ ڳالهائڻ واري زبان ۽ ڏسڻ واريون اکيون عطا ڪيون،  ته جيئن عبرت حاصل ڪندي، ڪجھ سمجهي ۽ نصيحت  جو اثر حاصل ڪري، بڇڙاين کان باز رهي، مگر ٿيو ائين ته جڏهن سندس عضون ۾ هڪ جهڙائي ۽ درستي پيدا  ٿي ۽ سندس قد پنهنجي بلندي تي پهتو،  تڏهن غرور ۽ مستي ۾ اچي (هدايت ٻڌڻ کان ) ڪاوڙجي پيو ۽ اکيون پوري ڀٽڪڻ لڳو، اهڙي طرح جو بد ڪاري، شهوت ۽ لالچ جا ڏول ڀري ڀري  ڇڪيندو رهيو، ۽ عيش و عشرت ۽ فرحتن حاصل ڪرڻ جي ڪيفيت ۽ هوس  بازي جي تمنائن کي پوري  ڪرڻ ۾ سر ڌڙ جي  بازي لائي ڏنائين، نه ڪنهن مصيبت کي خاطر ۾ آڻي ياد ڪندو هو ۽ نه ڪنهن خوف يا خطري جو اثر ٿيندو هوس، نيٺ اهڙين پريشانين ۾ غافل ۽ مدهوش حالت ۾ مري  ويو ۽ جيڪا ٿوري گهڻي زندگي هيس، تنهن کي بيهود گين ۾ گذاريائين، نه ثواب ڪمايائين ۽ نه ڪو فريضو پورو ڪيائين. اڃا هو رهيل سر ڪشين واري راه تي ئي هو ته موت آڻڻ واريون بيماريون اچي مٿس ٽٽيون، پاڻ وائڙو ۽ پريشان ٿيندو رهيو ۽ اها رات فڪرن ڏکن ۽ تڪليفن ۽ سورن دردن جي سختين ۾، جاڳندي اهڙي طرح گذاريائين، جو حقيقي ڀاءُ مهربان پيءُ ڦٿڪندي، فرياد ڪندڙ ماءُ ۽ بيقراري سان سيني ڪٽڻ واري ڀيڻ جي اڳيان، سڪرات جي بيهوشين ۽ نهايت بدحواسين ۽ دردناڪ رڙين ۽ ساھ نڪرڻ واري بي آرامي، سڪرات ۾ ماندي ڪرڻ ۽ بيوس ڪرڻ وارين سختين ۾ پيو هو.

پوءِ ان کي ڪفن ۾ نامراديءَ جي صورت ۾ ويڙهيو ويو، ۽ هو نهايت خاموشي جي حالت ۾ سواءِ ڪنهن روڪ جهل جي ٻين جي نقل و حرڪت جو پابند رهيو. پوءِ کيس تختي تي رکيو ويو، اهڙي حالت ۾ جو هو محنت ۽ مشقت کان بدحال ۽ بيمارين جي سبب  کان ٿڪل ماندو ٿي چڪو هو. هن کي سهارو ڏيندڙ نوجوانن مدد ڪندڙ ڀائرن ڪلهو ڏئي، پرديس جي گهر  تائين پهچائي ڇڏيو، جتي ملڻ جلڻ ۽ ملاقات جا سمورا سلسلا ٽٽي وڃن ٿا ۽ جڏهن ڪانڌي ۽ مصيبت جا ماريل (عزيز قريب) واپس آيا، تڏهن ان کي قبر جي ڪوٺڙي ۾ اٿاري وهاريو ويو، فرشتن سان سوال جواب لاءِ ۽ سوالن جي دهشتن ۽ امتحان جي ٿڏن ٿاٻن ۽ دڙڪن کائڻ لاءِ  ۽ پوءِ اُتي  جي سڀ کان وڏي مصيبت، ٽهڪندڙ پاڻي جي مهماني ۽ جهنم ۾ داخل ٿيڻ  آهي، ۽ دوزخ جو باهيون، ڀڙڪندڙ شعلن جون تيزيون آهن، نه ان ۾ راحت لاءِ ڪو وقفو آهي ۽ نه وري سڪون ۽ آرام لاءِ ڪجھ دير لاءِ  ڪا وٿي آهي، نه (اتي) روڪڻ يا جهلڻ واري طاقت آهي، ۽ نه وري ڪو اتي سڪون حاصل ڪرڻ وارو موت آهي، نه تڪليف کي وسارڻ واري ننڊ آهي، بلڪ هو هر وقت قسمين قسمين جي موتن ۽ گهڙي گهڙي جي (نت نون) عذابن ۾ هوندو.

اسين الله کان ئي پناھ جا اميدوار آهيون

الله جا بندؤ! اهي ماڻهو ڪٿي آهن؟ جن کي عمريون ڏينون ويون، ته اهي نعمتن سان بهرياب ٿيندا رهن، ۽ انهن کي ٻڌايو ويو، ته اهي سڀ ڪجھ سمجهي ويا، ۽ کين مهلت ڏني وئي ته انهن اهو وقت غفلت ۾ گذاري ڇڏيو، ۽ صحتمند سالم رکيا ويا، ته وري نعمتن کي وساري ويٺا، بلڪه انهن کي ڊگهي مهلت ڏني وئي هئي،  سٺيون سٺيون شيون به کين بخشيون ويون هيون، دردناڪ عذابن سان انهن کي به ڊيڄاريو ويو هو، ۽ وڏين نعمتن جا به انهن سان واعدا ڪيا ويا هئا، (ته هاڻي توهين) به، مرڻ واري (پاڻي جي) ڪُن ۾ وجهندڙ گناهن ۽ الله تعالي  کي ناراض ڪندڙ خطائن کان بچندا رهو.

اي اکين ۽ ڪنن کي رکڻ وارو! اي صحت ۽ ملڪيت کي رکڻ وارؤ! ڇا بچاءُ جو ڪو هنڌ يا ڇوٽڪاري جي ڪا گنجائش آهي ؟يا ڪا پناھ گاه يا ڪو ٽڪڻ جو هنڌ آهي؟ ڀڄي نڪرڻ جو موقعو يا وري دنيا ۾ موٽي اچڻ جي ڪا صورت آهي؟ جيڪڏهن نه آهي، ته پوءِ ڪيڏانهن رلي دربدر ٿي رهيا آهيو، ۽ ڪهڙي پاسي رخ ڪيو اٿو، يا ڪهڙين ڳالهين جي فريب ۾ اچي ويا آهيو؟ حالانڪ هن وڏي ڪشادي زمين ۾ توهان لاءِ هر هڪ جو حصو فقط پنهنجي قد آهر آهي، جنهن ۾ هو مٽي سان مليل هوندو ۽ منهن ڀر پيو رهندو.

اي خدا جا بندؤ ! اڃان به هي غنيمت آهي، جو گردن ۾ ڦندو پيل نه آهي ۽ روح به آزاد آهي.

تنهن کان اڳ جو تنگي ۽ دشواري ۽ گهٽ واري جڳھ ۾ وڃي پئو، ۽ خوف ۽ بيقراري توهان تي ڇانئجي وڃي، ۽  ان کان به اڳ، جو موت اچي ڪڙڪي، قادر (الله تعالي) ۽ غالب جي گرفت ۾ اچي وڃو. سو توهان کي هدايت حاصل ڪرڻ جي فرصت ۽ جسمن جي راحت ۽ مجلسن ۾ گڏ ٿيڻ ۽ زندگي جي باقي مهلت ۽ از سر نو اختيار کان (نيڪ) ڪم وٺڻ جا موقعا ۽ توبھ جي گنجائش ۽ اطمينان جي حالت ميسر آهي.

سيد رضي فرمائي ٿو. ته منقول آهي، ته جڏهن حضرت امير عليه السلام هيءُ خطبو ارشاد فرمايو، تڏهن سندس بدن لرزڻ لڳو، وار ڪانڊار جي ويس، اکين مان ڳوڙها زار و قطار وهڻ لڳا ۽ دل ڏڪڻ لڳي.

ڪي ماڻهو هن خطبه کي خطبه غراءَ جي نالي سان ياد ڪن ٿا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found