Logo

نهج البلاغه خطبو 80: دنيا جي بي ثباتي

آءُ هن دنيا جي حالت بابت ڪهڙو بيان ڪريان. جنهن جي ابتدا رنج ۽ انتها فنا هجي. جنهن جي حلال ۾ حساب ۽ حرام ۾ سزا هجي. هتي جيڪڏهن ڪو آسودو آهي ته فتنن سان واسطو ۽ فقير آهي ته ڏکن سورن سان واسطو ٿئي ٿو. جيڪو دنيا جي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو، تنهن جون دنيوي اميدون وڌنديون ئي رهن ٿيون. ۽ جيڪو ڪوششن تان هٿ کڻي ڇڏي ٿو، تنهن سان موافقت رکي ٿي. جيڪو شخص دنيا کي عبرتن جو آئينو سمجهي ان کي ڏسي ٿو، ته پوءِ اها انجي اکين کي روشن ۽ چٽو ڏسندڙ بنائي ڇڏي ٿي. ۽ جيڪو فقط دنيا تي نظر رکي ٿو، تنهن کي انڌو ڪري ڇڏي ٿي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.