اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 79: زهد ۽ تقويٰ جو مفهوم

اي انسانؤ! اميدن کي گهٽ ڪرڻ، نعمتن تي شڪر ادا ڪرڻ ۽ حرام ڪمن کان دامن بچائڻ ئي زهد ۽ پارسائي آهي. جيڪڏهن (اميدن کي گهٽائڻ) توهان کي ڏکيو لڳي، ته پوءِ به ايترو ته ڪجي، ته جيئن حرام توهان جي صبر ۽ بردبار ٿيڻ تي غالب نه ٿئي، ۽ نعمتن (ملڻ) وقت شڪر کي نه وساريو. الله تعالى روشن ۽ کليل دليلن سان ۽ حجت پوري ڪرڻ وارن واضح ڪتابن جي ذريعي، توهان جي لاءِ حيلن ۽ حجتن ڪرڻ جو موقعو نه ڇڏيو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found