خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 78: عورتن جا فطري نقص

جنگ جمل جي فارغ ٿيڻ کان پوءِ، عورتن جي مذمت ۾ فرمايائين ته:

اي انسانؤ! عورتون ايمان ۾ ناقص حصي يا ڀاڱي (ورثي) ۾ به ناقص ۽ عقل ۾ پڻ ناقص هونديون آهن. نقص ايمان جو ثبوت اهو آهي، ته کين ڪن خاص ڏينهن (ڪپڙن اچڻ) ۾ نمازون ۽ روزا ڇڏڻا پوندا آهن ۽ ناقص العقل هجڻ جو به ثبوت اهو آهي ته ٻن عورتن جي شاهدي (شرعا) هڪ مرد جي برابر هوندي آهي.، ۽ حصي وٺڻ ۽ نصيب ۾ گهٽتائي هيئن آهي ته ميراث ۾ انهن جو حصو مرد جي اڌ جيترو هوندو آهي. بڇڙين عورتن کان ڊڄو، ۽ نيڪ عورتن کان به خبردار رهندا ڪريو، توهان انهن جون چڱيون ڳالهيون به نه مڃيو، ته جيئن اڳتي هلي توهان کي انهن جون بڇڙيون ڳالهيون به مڃڻيون نه پون.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found