جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 77: ضرار جو بيان

جڏهن پاڻ خارجين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرڻ جو ارادو ڪيائين، تڏهن هڪ شخص چيو ته يا اميرالمومنين جيڪڏهن توهين هينئر نڪرندؤ، ته علم نجوم مطابق مون کي انديشو آهي ته توهين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ۽ ڪامران نه ٿيندؤ جنهن تي فرمايائين ته:

ڇا تنهنجو اهو خيال آهي ته تون ان وقت جي خبر ڏين ٿو، ته جيڪڏهن ڪو ان وقت نڪرندو ته ان لاءِ ڪا برائي نه ٿيندي، ۽ ان گهڙي کان به واقف ڪرين ٿو، ته جيڪڏهن ڪو ان گهڙي ۾ نڪرندو ته کيس نقصان ٿيندو! ته پوءِ ان ڳالھ کي سچو سمجهو، تنهن قرآن کي ڪوڙو ڄاتو، ۽ مطلب حاصل ڪرڻ ۽ مصيبت ٽارڻ جي باي ۾ الله جي مدد کان گويا اهو بي پرواھ ٿي ويو. تنهنجي مرضي آهي، ته جيڪو تنهنجي چوڻ تي هلي، سو الله کي ڇڏي تنهنجا ڳڻ ڳائي، ڇو ته تو پنهنجي خيال ۾ ان گهڙي جي خبر ٻڌائي، جنهن ۾ ان لاءِ فائدي جو سبب ۽ سندس نقصان کان بچڻ جو ذريعو ٿئي.

پوءِ ماڻهن ڏي ڏسي فرمايائين! اي انسانؤ! (علم) نجوم جي سکڻ کان پرهيز ڪريو، پر رڳو ايترو (سکو) جنهن مان خشڪي ۽ پاڻي ۾ رستو معلوم ڪري سگهو. ان ڪري جو نجوم جو سکڻ اڳڪٿي ۽ غيب بڪڻ ڏي ڇڪي ٿو. ۽ منجم حڪم ۾ مثل جوتشي يا ڪاهن جي آهي،۽ ڪاهن مثل ساحر (جادوگر) جي آهي، ۽ ساحر مثل ڪافر جي آهي ۽ ڪافر جي جاءِ جهنم ۾ آهي. بس ! الله جو نالو وٺي اٿي کڙا ٿيو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found