آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 76: مناجات

بار الها! تون اهي شيون عطا ڪر، جن کي تون مون کان وڌيڪ ڄاڻين ٿو. جيڪڏهن آءُ گناھ جي طرف ٿيان، ته تون پنهنجي مغفرت سان مون کي وراءِ! خدايا! جنهن نيڪ ڪم جي بجا آڻڻ جو مون پنهنجو پاڻ سان وعدو ڪيو هو، پر تو انکي پورو ٿيندو نه ڏٺو، تنهن کي به بخش ڪر. منهنجا الله ! زبان مان نڪتل اهي لفظ، جن سان تنهنجو تقرب (ويجهڙائي) پئي چاهيم، مگر دل انهن سان همنوا ٿي نه سگهي، ته انهن کي به درگذر ڪر، پروردگار! تون اکين جي (فاسد يا خيانت وارن) اشارن ۽ بڇڙن لفظن ۽ دل جي (بڇڙين) خواهشن ۽ زبان جي بيهودگي ياوھ گوئي کي (به) معاف فرماءِ.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found