خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 74: با عمل مرد جي شان ۾

خدا ان شخص تي رحم ڪري، جنهن جڏهن به ڪي حڪمت (سياڻپ) جا لفظ ٻڌا، ته انهن کي ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيائين. جڏهن کيس هدايت ڏي سڏيو ويو، ته ڊوڙندو ويجهو آيو. صحيح رهبر جي دامن جهلي نجات حاصل ڪيائين. الله کي هر وقت ڌيان ۾ رکيائين. ۽ گناهن کان خوف ڪري، بي ريا عمل پيش ڪيائين. نيڪ ڪم ڪري، اجر جو ذخيرو گڏ ڪيائين، بڇڙين ڳالهين کان پاسو ڪيائين. ۽ صحيح مقصد کي حاصل ڪري پنهنجو اجر ۽ ثواب گڏ ڪيائين خواهشن جو مقابلو ڪيائين. اميدن کي ڪوڙو ڪيائين. صبر کي ڇوٽڪاري جي سواري بڻائي ڇڏيائين. موت جي لاءِ پرهيزگاري جو توشو ۽ سامان ڪيائين، روشن راھ تي سوار ٿيو، حق جي شاهراھ تي قدم ڄمائي، حياتي جي مهلت کي غنيمت ڄاڻي، موت جي پاسي قدم وڌائي ۽ نيڪين جو توشو ساڻ کڻي هليو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found