آچر, 16 جون 2019 - Sun 06 16 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 73: حضرت عثمان جي قتل ۾ شريڪ ٿيڻ جي الزام لڳڻ وقت

جڏهن کيس ٻڌايائون، ته بني اميه عثمان جي قتل ۾ شريڪ ٿيڻ جو الزام مٿس ٿا رکن، تڏهن فرمايائين ته:

مون سان تعلق رکڻ واري سموري ڄاڻ ۽ علم بني اميه کي مون تي بهتان ۽ تهمت هڻڻ کان باز نه رکيو، ۽ منهنجو، سڀني کان پهرين ايمان آڻڻ ۽ ڪيترن ئي پراڻين اسلامي خدمت به، هنن جاهلن کي بهتان هڻڻ کان نه روڪيو، ۽ الله تعالى (ڪوڙ ۽ افترا ڪرڻ جي باري ۾) هنن کي جيڪا نصيحت ڪرڻ فرمائي آهي، سا منهنجي بيان ڪرڻ کان گهڻو مٿي آهي. آءُ (انهن) بي دينن تي حجت آڻڻ وارو آهيان. ۽ (دين ۾) شڪ شبها ڪرڻ وارن جو مخالف آهيان، ۽ سڀني شڪي ڳالهين کي قرآن شريف تي پيش هئڻ گهرجي ۽ بندن کي سندن نيت مطابق ڦل ملندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found