اربع, 24 اپريل 2019 - Wed 04 24 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 71:  مروان بن حڪم جي باري ۾ اخبار بالغيب

جنگ جمل جي موقعي تي جڏهن مروان بن حڪم قيد ڪيو ويو، تڏهن هن امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام جن کي عرض ڪيو، ته توهين اميرالمومنين (عليه السلام) کي چئي مون کي ڇڏايو، ته توهان جي مهرباني ٿيندي. نيٺ ٻنهي شهزادن جناب امير عليه السلام جي خدمت ۾ سفارش ڪري کيس ڇڏايو. تنهن کان پوءِ ٻنهي کيس عرض ڪيو ته يا امير المومنين! هي توهان جي بيعت به ڪرڻ ٿو چاهي. تنهن تي پاڻ فرمايائين ته:

ڇا، هن شخص عثمان جي قتل ٿيڻ کان پوءِ منهنجي بيعت نه ڪئي هئي؟ هاڻي  مون کي هن جي بيعت جي ڪا به ضرورت نه آهي، هي يهودي قسم جو هٿ آهي، جيڪڏهن هٿ سان بيعت ڪندو، ته ذليل طريقي سان ٽوڙي به ڇڏيندو.

توهان کي معلوم ٿيڻ گهرجي ته هي به ايتري دير، جو ڪتو پنهنجي نڪ چٽڻ کان فارغ ٿئي. حڪومت ڪندو، ۽ هن جا چار پٽ به حڪمران ٿيندا ۽ امت هن جي ۽ سندس پٽن جي عهد ۾ نهايت سختين وارا ڏينهن ڏسندي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found