خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 70: صلوات جي تعليم

هن خطبي ۾ اميرالمومنين عليه السلام ماڻهن کي حضور رسول مقبول صلي الله عليه و آله و سلم جن تي صلوات پڙهڻ جو طريقو ٻڌايو آهي:

بار الها! اي زمين جي فرش وڇائڻ وارا ۽ بلند آسمانن کي (بغير سهاري جي) بيهارڻ وارا، دلين کي چڱين ۽ برين فطرتن تي پيدا ڪرڻ وارا، پنهنجون پاڪيزه رحمتون ۽ وڌڻ واريون برڪتون قائم رک. پنهنجي عبد ۽ رسول محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن جي لاءِ جيڪي پهرين (نبوتن جي) ختم ڪرڻ وارا ۽ بند (دلين جي) کولڻ وارا ۽ حق جي طاقت سان حق جي اعلان ڪرڻ وارا باطل جي زيادتي کي ختم ڪرڻ وارا، ۽ ضلالت جي حملن کي چيڀاٽي پامال ڪرڻ وارا ها. جيترو (ذمه داري جو) بار سندن حوالي ڪيو ويو هو. تنهن کي پاڻ کنيائون ۽ تنهنجي خوشي، راضپي ۽ رضامنديءَ ڏي وڌڻ لاءِ مضبوطيءَ سان قائم ٿي بيٺا، نه اڳتي وڌڻ کان منهن موڙيائون ۽ نه وري ارادي ۾ ڪمزوري کي جڳھ ڏنائون. هو تنهنجي وحي جا حافظ ۽ تنهنجي انجامن وعدن جا محافظ هئا، ۽ تنهنجي حڪمن کي مشهور ڪرڻ جي ڌن ۾ لڳا رهڻ وارا هئا. ايتري قدر جو پاڻ روشني ڳولڻ وارن لاءِ شعلا ڀڙڪائي ڇڏيائون ۽ اونداهي ۾ ڀٽڪڻ وارن لاءِ رستو روشن ڪيائون. فتن فسادن جي وڌڻ کانپوءِ دلين، حضور صلي الله عليه و آله وسلم جن جي طفيل هدايت حاصل ڪئي. حضور صلي الله عليه و آله وسلم جن راھ ڏيکارڻ وارا نشان قائم ڪيا، روشن ۽ چمڪندڙ حڪم جاري ڪيا. هو تنهنجا امين اعتماد وارا ۽ تنهجي مخفي علم جا خزانچي هئا. ۽ قيامت جي ڏينهن لاءِ تنهنجا شاهد ۽ تنهنجا سچا پيغمبر ۽ مخلوقات ڏي موڪليل رسول هئا.

يا الله! تون سندن منزل کي، پنهنجي زير سائي وسيع ۽ ڪشادو بناءِ، ۽ پنهنجي فضل سان کين ٻيڻيون نيڪيون ۽ ڀلايون عطا ڪر. خداوندا، سڀني بنياد قائم ڪرڻ وارين عمارتن تي سندن بنياد وڌل عمارت کي فوقيت عطا فرماءِ ۽ کين باعزت مرتبي سان سرفراز فرماءِ ۽ سندن نور کي صحيح صحيح روشني ۽ رونق ڏي، ۽ کين رسالت جي صلي ۾، شهادت جي قبوليت ۽ پذيرائي ۽ قول ۽ سخن جي پسنديدگي عطا ڪر، جيئن ته سندن ڳالهيون سراسر عدل ۽ سندن فيصلا حق ۽ باطل کي جدا ڪرڻ وارا آهن.

اي الله! اسان کي به ساڻن گڏ پاڪيزه ۽ خوشگوار زندگي ۽ نعمتن واري منزل ۾ يڪجا ڪر، ۽ وڻندڙ ۽ دل پسند خواهشن ۽ لذتن ۽ آرام، سک ۽ خوشحالي ۽ شرف ۽ ڪرامت جي تحفن ۾ شريڪ بناءِ.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found