Logo

نهج البلاغه خطبو 69: عراق وارن جي شڪايت

عراق وارن جي شڪايت ڪندي فرمائين ته:

اي عراق وارؤ! توهان ان پيٽ واري زال وانگر آهيو، جيڪا حامله ٿيڻ کان پوءِ جڏهن حمل وارا ڏينهن پورا ڪري، ته مئل ٻار ڪيرائي ۽ سندس مڙس به مري ويو هجي، ۽ رناپڻ واري مدت به ڊگهي ٿي وئي هجي، ۽ ويجهن مائٽن نه هئڻ سبب پري جا مائٽ ان جا وارث هجن.

سو بخدا آءُ توهان وٽ خوشيءَ سان نه آيو آهيان، پر حالتن کان مجبور ٿي آيو آهيان، مون کي اها به خبر پيئي آهي ته ”علي“ ڪوڙ کان ٿو ڪم وٺي. خدا توهان جي ستياناس ڪري، (ٻڌايو!) آءُ ڪنهن تي ڪوڙ مڙهي سگهان ٿو؟  ڇا الله تي؟ آءُ سڀ کان پهرين ان تي ايمان آڻڻ وارو آهيان. ڀلا ان جي نبي تي! آءُ ته سڀني کان پهرين ان جي تصديق ڪرڻ وارو آهيان.

خدا جو قسم، ته ائين هر گز نه آهي، بلڪ اهو هڪ اهڙي ڪلام جو انداز هو، جيڪو توهان جي سمجهڻ جو نه هو، ۽ نه وري توهان ۾ ڪا ان جي سمجهڻ جي قابليت هئي، خدا توهان کي سمجهي، آءُ بغير ڪنهن عيوض جي (پنهنجو علم) توري تڪي ڏئي رهيو آهيان.

ڪاش ! ان لاءِ ڪنهن جي ظرف ۾ ڪا جاءِ هجي ها، پر (ترسو) ٿوري دير کان پوءِ توهان به ان جي حقيقت کي سمجهي ويندؤ.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.